ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

زندگيءَ جا گيت II-


امن ۽ سلامتيءَ جو پيغام ڏيندڙ اهڙو ٻيو سهڻو گيت Lethal Weapons آهي، جنهن ۾ عالمِ انسانيت کي موتمار هٿيار ڦٽا ڪري امن جي آڇ ڪئي وئي آهي.
اتساهه، همٿ، حوصلو، ڪڏهن به نه ٿڪجڻ ۽ جدوجهد جاري رکڻ جا پيغام سمائي رکندڙ مختصر گيت Adverse Circumstances ڏاڍو اثرائتو، جامع ۽ سگهارو پيغام ڏيندڙ گيت آهي. هن گيت ۾ ذهني مونجهارن سبب خوشيون تباهه نه ڪرڻ، وڏن ڏکن ۽ ناڪامين سان ئي زندگيءَ جو پچي راس ٿيڻ، سخت تڪليفن کي منهڻ ڏيڻ جيترو مضبوط بڻجڻ ۽ تڪليفن، مونجهارن، ناڪامين ۽ دٻاءُ کي همٿ ۽ حوصلي جو امتحان قرار ڏنو ويو آهي. چئن سٽن تي مشتمل هي مختصر گيت موجوده دور ۾ نوجوانن جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائيءَ لاءِ ڏاڍو اهم فڪري پيغام سمائي رکندڙ آهي.
سنڌ اندر قبيلائي جهيڙن سبب ٿيندڙ قتلن ۽ تازو ئي انهن جهيڙن سبب ڊاڪٽر اجمل ساوند جهڙي لائق فرد جي المناڪ قتل تي لکيل مرثيو شاعر جو علم ۽ ڏاهپ سان پيار جو اظهار ۽ سنڌ اندر قبيلائي جهيڙن سان نفرت جو اظهار ڪري ٿو. هن مرثيي An Elegy ۾ ڊاڪٽر اجمل ساوند کي سهڻي ڀيٽا ڏنل آهي. هتي شاعر پاران سنڌ اندر قبائلي جهيڙن جي ناسور خلاف آواز اٿاريل آهي ته ان کان اڳئين گيت They Hold No Guns ۾ سنڌين جي صوفي مت، جنگ ۽ جهيڙن کان نفرت جي اجتماعي اظهار جي عڪاسي ڪيل آهي. ڏٺو وڃي ته ڪا به قوم مجموعي طور نه ڀلي هوندي آهي ۽ نه ئي خراب. هر قوم، هر قبيلي ۽ هر ڪٽنب ۾ ڀلا توڙي ڍلا فرد موجود هوندا آهن. هجوم ۾ ڪاريون رڍون جو موجود هجڻ وارو اصطلاح ان ئي نفسيات جي عڪاسي ڪندڙ آهي. ان ريت هنن لڳاتار ايندڙ گيتن ۾ سنڌي قوم جي نفسيات، سوچ ۽ عادتن جي مختلف نمونن سان عڪاسي ڪئي وئي آهي. هڪ گيت ۾ مختصر جٿي جي نفسيات جي عڪاسي آهي ته ٻئي گيت ۾ اڪثريتي سوچ جي عڪاسي ملي ٿي. انهن ٻن گيتن ۾ سنڌي قوم ۾ موجود تخريب ۽ تعمير واري سوچ جي عڪاسي ڪيل آهي. هڪ طرف علم آهي جيڪو امن ۽ تعمير جي علامت آهي، ٻئي طرف جهالت آهي جيڪا تخريب ۽ انتشار کي هٿي ڏيندي آهي. سنڌ سميت سموري دنيا ۾ علم ۽ جهل جو اهو جهيڙو اڃا جاري آهي.
گيتن جي هن ڳٽڪي ۾ فيمينزم جي چڱي عڪاسي ڪيل آهي. A Salutary Suggestion نالي گيت ۾ مردن بدران عورتن کي دنيا جي اڳواڻي ڏيڻ جي ڳالهھ ڪيل آهي. جڏهن ته هڪ ٻئي گيت A Poet’s Wife ۾ عورت جي عورت سان ساڙ جي عڪاسي ڪيل ملي ٿي.
اردو شاعريءَ وارو حصو غزلن ۽ نظمن تي مشتمل آهي. شروعات حمد پال سان ٿيل آهي. پهرئين حصي ۾ موجود غزلن ۾ به امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ۽ محبت جو اظهار حاوي آهي. اردو شاعريءَ واري ڀاڱي جي ٻئي حصي ۾ نظم آهن. هنن نظمن ۾ پيار، بيوفائي، بک، تصوف، جنگ، لالچ ۽ لوڀ، خودداري، اصولن ۽ حوصلي وغيره جهڙن خيالن کي پيش ڪيو ويو آهي.
انگريزي ۽ اردو شاعريءَ جي هن ڳٽڪي تي رومانٽڪ احساس ججهي انداز ۾ ڇانيل آهن. تشبيهن ۽ استعارن جو پڻ باقي صنعتن کان وڌيڪ استعمال ٿيل ملي ٿو. محترم حسن شيخ هڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ شاعريءَ وسيلي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو ايندڙ ڳٽڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ “نيڻن جي موسيقي” جي عنوان سان اچي رهيو آهي، جنهن بابت منهنجي اڳواٽ اها راءِ آهي ته سندس سنڌي ٻوليءَ وارو ڳٽڪو هنن گيتن کان به وڌيڪ مڃتا ماڻيندو ڇاڪاڻ ته انسان ٻين ٻولين تي ڪيڏي به مهارت رکندڙ هجي پر پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ خيالن، اڌمن ۽ احساسن کي وڌيڪ ڪاميابيءَ سان پيش ڪرڻ جي اهل هوندو آهي. پر ائين به آهي ته ڌاري ٻوليءَ ۾ خيال سرجڻ وقت تخليقڪار لفظن جي چونڊ ۾ گهڻو ئي محتاط هوندو آهي جنهن سبب ڪڏهن ڪڏهن ڌاري ٻوليءَ ۾ فني ۽ فڪري پختگي پڻ سهڻي نموني پيش ڪيل هوندي آهي.
ڪتاب ۾ ڪل 126 صفحا آهن، جن منجهان انگريزي حصي جا 40 صفحا ۽ اردو حصي جا 15 صفحا (ٽوٽل 55 صفحا) مختلف ليکڪن جي راين وارن مضمونن تي مشتمل آهن. ايترن مضمونن بدران فقط هڪ يا ٻه مضمون ڏئي وڌيڪ گيت، غزل ۽ نظم شامل ڪيا وڃن ها ته وڌيڪ بهتر هو. (پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button