ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايندڙ چونڊون: موجوده اتحادي ئي ٻيهر حڪمران ٿيندا؟

اسٽيبلشمنٽ جي معمول جي رٿابندي تحت هر ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽي کي ٻَلي چاڙهيو ويندو آهي. واڳ ڌڻين جي نڙي ۾ رڳو بنگالي اٽڪي پيا، ان کانپوءِ سڀني ڏٺو ته ڪڏهن ن ليگ ته ڪڏهن پيپلز پارٽي کي قرباني جو ٻڪر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هاڻ ان پارٽي کي قربان ڪرڻ گهرن ٿا، جيڪا انهن جي آشيرواد سان قائم ٿي،وڌي وڏي ٿي، ان کي اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو ويو ۽ پوءِ ان کي انهن ئي سياسي پارٽين جي ذريعي اقتدار جي ايوانن مان نيڪالي ڏني وئي،جيڪي پاڻ واڳ ڌڻين جا ڏنڀيل هئا.سڀ ڪجهه ديوار تي صاف لفظن ۾ لکيل آهي، ان جي باوجود عمران خان هينئر به پهلوانن وانگر، سياسي اڳواڻن کي مقابلي جا چيلينج ڏئي رهيو آهي. هن کي خبر آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ان جو ڪهڙو حشر ٿيڻو آهي، پر ان جي باوجود هو ڪوڙي انا کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري پيو ته هو ايڏو وڏو عوامي مقبول ليڊر آهي، جو سياسي ميدان ۾ ڪاميابي ان جا قدم چمندي. هن کي هي به خبر ناهي ته هو چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو اهل هوندو يا نه؟ هن کان ڪير ٽڪيٽ وٺندو، جڏهن پي ٽي آءِ سان لاڳاپي سبب سياسي اڳواڻ ڊوڙون پائي عدالتن ۾ پناهه وٺن ٿا! سلطاني شاهد ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا ۽ پارٽي جو سربراهه مٿي ۾ بالٽي وجهي ٻاهر نڪري ٿو! جيڪڏهن عمران خان چونڊ مهم هلائڻ جي اهل نه رهيو ته پوءِ هن جي پارٽي ڪيئن چونڊون کٽيندي؟ هي الڳ ڳالهه آهي ته سموريون زميني حقيقتون هن جي خلاف آهن.
هينئر حڪمران پارٽي جا اڳواڻ توڙي وزير ۽ مشير چون ٿا ته موجوده حڪومت جو مدو ايندڙ آگسٽ جي وچ ڌاري پورو ٿي ويندو ۽ اقتدار جون واڳون نگرانن جي حوالي ٿي وينديون. موجوده حڪمران چاهين ٿا ته هو پي ٽي آءِ جي قيادت، خاص ڪري عمران خان خلاف جيڪو ڪجهه ٿيڻو آهي،ان پٺيان انهن جا هٿ نه هجن، هي “ثواب” جو ڪم، واڳ ڌڻي ئي ڪن! هي واڳ ڌڻين جي تاريخ رهي آهي ته اهي پردي جي پٺيان ويهي کيڏ کيڏندا آهن. انهن کي پنهنجي لاڏلي سان ڪهڙو سلوڪ ڪرڻو آهي، اهو سڀ ايندڙ نگرانن جي دور ۾ ٿيندو. عوام کي به گهڻو خوش ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته هميشه نگرانن ئي معاشي پيڪيجن جا اعلان ڪيا، انهن محصولن ۾ اضافو ڪيو، ايستائين جو مني بجيٽس منظور ڪيون، مهانگائي ۾ واڌ ڪئي.
سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته ملڪي تاريخ ۾ سياسي شخصيتن جو جيترو غير يقيني وارو مستقبل رهيو آهي، انهن ۾ عمران خان سرفهرست آهي. هي اڪثر ماڻهن کي خبر نه هوندي ته هن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويندو يا بچت ٿيڻ جا ڪي امڪان آهن. هيل تائين سياسي موسم ڪجهه اهڙي رهي آهي، جنهن کي ڏسي ڪري اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته واڳ ڌڻي، جيڪي نگرانن لاءِ ٽن مهينن جو پورو وقت گهرن ٿا، ان پٺيان اها ئي ڪهاڻي آهي ته هو عمران خان سان ٻه ٻه پاڻي ڪرڻ گهرن ٿا. هي ساڳيا ئي واڳ ڌڻي آهن، جن ماضي ۾ سياسي قيادت کي عبرت جو نشانو بنائڻ گهريو ٿي، پر کين ڪاميابي نه ٿي، ڇا هن ڀيري به روايتي ڏاهپ کي سامهون رکندي، هي نتيجو ڪڍجي ته پي ٽي آءِ جي سائيز ضرور گهٽجي ويندي، پر عمران خان ۽ ان جا غار يار مڪمل طور پاسيرا ٿي نه سگهندا؟ ماضي ۾ جن سياسي پارٽين يا انهن جي قيادت کي، جن ۾ پ پ ۽ ن ليگ ڪلاسيڪل مثال موجود آهن، انهن کي ملڪ ڇڏي جلاوطني جهڙو عذاب ڀوڳڻو پيو. ميان نواز شريف سان ٻه ڀيرا ساڳي وارتا ٿي، هڪ ڀيري ته کيس وقت جي فوجي آمر 10 سالن لاءِ ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي، پر هو وري وڌيڪ طاقت سان واپس آيو، محترما بينظير ڀٽو کي پاڻمرادو جلاوطن ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو، پر هوءَ ڏيهه پهتي ۽ کيس شهادت نصيب ٿي! ان کانپوءِ ٻيهر ميان نواز شريف کي نااهل ڪري، ڏيهه کان پرڏيهه موڪليو ويو، پر هاڻ هو وري اقتدار جي ايوانن ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هن ڀيري سندس ڀاءُ ميان شهباز شريف وزير اعظم هائوس ۾ موجود آهي، ان جي باوجود وڏو ميان صاحب قابل قبول ناهي! هي انتهائي سگهارو سياسي پس منظر رکندڙ قيادت آهي، پر عمران خان جو ڪيس ڪجهه نرالو آهي. هن جي پالنا ڊگهي عرصي کان ڪئي وئي، پر هن واڳ ڌڻين کي نه صرف مايوس ڪيو، پر انهن کي اکيون به ڏيکاريون. هن ملڪ جي سياسي قيادت مان ڪابه ايتري انتهائي حد تائين نه وئي جو لاهور جي ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملو ڪيو ويو هجي، يا وري حساس هنڌن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو هجي. سياسي قيادت هميشه سياسي انداز سان واڳ ڌڻين سان ويڙهه ڪئي، جنهن ۾ اها گهڻو ڪري ڪامياب وئي. پر هاڻ جنهن قسم جا منظر سامهون آيا، انهن کي ڪوبه سياسي عمل سڏي نٿو سگهي.
جيڪا ڳالهه واضح طور تي نظر اچي پئي ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي طور چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اهل نه هوندي. جنهن ڳالهه تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، اها هي آهي ته پي ٽي آءِ کي ڇڏي ڪري ٻنهي اهم سياسي پارٽين پ پ ۽ ن ليگ جو متبادل هجڻ به ضروري آهي. اهڙي قيادت جيڪا سوجهه ٻوجهه رکندڙ هجي ۽ واڳ ڌڻين جي اشاري تي ڪم نه ڪري. هي يقين سان ڪو خواب ۽ خيال ٿي سگهي ٿو، پر سپنن ڏسڻ تي ڪابه پابندي ناهي. هي به سمجهڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ٿرڊ فورس يا قوت، هميشه واڳ ڌڻين جو Open Front هوندو آهي. ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ واڳ ڌڻين کي چيلينج ڪندڙ قوتن جو ميدان ۾ لهڻ به ضروري آهي. هينئر ڪيتريون ئي ڪنگز پارٽيون بڻجڻ لاءِ تيار آهن، بقول چوڌري شجاعت حسين جي ته ماضي ۾ اسان ته ڪنگز پارٽي ٿياسين، پر اهو ڪم ڪرڻ لاءِ ٻين به درخواستون ڏنيون هيون! هن ڀيري به ڪا تبديل ٿيل صورتحال ناهي، واڳ ڌڻي، اهڙين پارٽين جي پالنا ڪندا آهن، جيڪي انهن کي ڪم اچي سگهن. ان جو ڪلاسيڪل مثال فنڪشنل ليگ جو به آهي، جيڪا سنڌ ۾ ڪا وڏي قوت نه رهي آهي، ان جي باوجود پ پ کي للڪارڻ لاءِ ان کي قائم رکيو ويو. هاڻ اها پارٽي ٻين اتحادين سان گڏ ميدان ۾ موجود آهي! ساڳي صورتحال پنجاب جي آهي، جتي ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي موجودگي جي باوجود چوڌري شجاعت حسين جي ڪنگز پارٽي ۽ ترين جو گروپ موجود آهي، جيڪو پي ٽي آءِ کي چونڊ ميدان ۾ للڪاريندو يا وري ووٽ خراب ڪندو. ان جو فائدو ڪٿي ن ليگ ته ڪٿي، ق ليگ ته ڪٿي وري پيپلز پارٽي کي ٿيندو. هي ته طئي آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان جو مستقبل داءَ تي لڳل هوندو ۽ ان جا امڪان آهن ته ساهي پٽي، موجوده اتحادي ئي حڪمران بڻجي ويندا، عالمي مالياتي فنڊ به انهن جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button