ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وري بجلي مهانگي

Editorial

آ ايم ايف جي ڏنل معاشي پاليسي تي عمل جاري آهي. تازو ئي نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) مهانگائي جي ماريل ماڻهن لا بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 4 رپيا 96 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي آهي. پڌرائي موجب بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ سان بيسڪ ٽيرف في يونٽ 29 رپيا 78 پئسا ٿي ويندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 24-2023ع لاءِ بجلي جو بنيادي ٽيرف مقرر ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ بجلي جو بنيادي ٽيرف 24 رپيا 82 پيسا هو. نيپرا موجب بجلي جي بيسڪ ٽيرف ۾ واڌ جو سبب رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، بجلي جي وڪري ۾ گهٽتائي ۽ ڪيپسٽي جي ادائيگي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ جا سبب آهن. نيپرا جو چوڻ آهي ته بجلي جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين جي آمدني 3281 ارب رپيا ٿيڻ جو امڪان آهي. نيپرا بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف حڪومت طرفان بنيادي ٽيرف ۾ واڌ کانپوءِ بجلي جو في يونٽ سراسري طور پنجاهه رپيا مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ بجلي جو بنيادي اگهه 24 رپيا 82 پئسا آهي. گذريل مالي سال ۾ بجلي جو بنيادي اگهه 16 رپيا 91 پئسا مان وڌائي 24 رپيا 82 پئسا ڪيو ويو هو. بنيادي ٽيرف سميت ملڪ ۾ هن وقت بجلي جو هڪ يونٽ سراسري 45 رپيا آهي.
ٻئي طرف آءِ ايم ايف پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته ايندڙ مهينن ۾ مستحڪم پاليسي لاڳو ڪري. واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ ايم ايف جي ترجمان جولي ڪوزڪ چيو ته پاڪستان لاءِ نئون پروگرام معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اختيارين جي تڪڙي ڪوششن جي حمايت ڪندو پر آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان هڪ مستحڪم پاليسي تي عمل ڪري ڇاڪاڻ ته ان تي عمل هڪ مستحڪم پاليسي اهم آهي. هن چيو ته هي پروگرام پاڪستاني عوام جي مدد ۽ سهڪار لاءِ اهم هوندو، پاڪستان مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان کي مسلسل سڌارن جي ضرورت پوندي. هي پروگرام پاڪستان جي گهرو معاشي صورتحال کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. آءِ ايم ايف ترجمان وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ هميشه تيار آهي، عالمي مالياتي فنڊ پاڪستان کي هڪ ڏهائي 2 ارب ڊالر فراهم ڪري چڪو آهي. جڏهن ته باقي رقم نومبر ۽ فيبروري ۾ 2 جائزي کانپوءِ فراهم ڪئي ويندي.
جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) ڪرسٽالينا جارجيوا کي خاطري ڪرائي آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي خلاف ورزي کي برداشت نه ڪيو ويندو، موجوده حڪومت جو مدو آگسٽ تائين آهي جنهن کانپوءِ هڪ نگران حڪومت ذميواري سنڀاليندي، مون کي يقين آهي ته اها پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي، چونڊن کانپوءِ عوام موجوده حڪومت کي ٻيهر چونڊيو ته آءِ ايم ايف ۽ ترقياتي حصيدارن جي مدد سان معيشت کي بهتر بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 3 ارب ڊالر جي تازو ئي ٿيندڙ اسٽينڊ بائي معاهدي کي عملي جامعو پارائڻ ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي حمايت ۽ مدد تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي قيادت ۽ پيشيواراڻي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر غريبن جو احساس ڪيو آهي ۽ معاهدي جي لاءِ قابل قدر حمايت ڪئي.
هڪ پاسي آءِ ايم ايف جي ترجمان چوي ٿو ته “پروگرام پاڪستاني عوام جي مدد ۽ سهڪار لاءِ اهم هوندو.” ته ٻئي طرف وزيراعظم آ ايم ايف جي ڊائريڪٽر جي تعريفن جا ڍڪ ڀري ٿو ته هن غريبن جو احساس ڪيو آهي. جڏهن ته سچ اهو آهي ته غريبن جو رت چوسڻ جون مڪمل تياريون ڪيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button