ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لينن نئين طرز جي انقلابي پارٽيءَ جو باني-III

Editorial-Article- Yameen Jatoi

ترجمو: يامين جتوئي
سڌارن جي جدوجهد تان بولشيوڪ دستبردار نه ٿيا پر هنن پنهنجين سرگرمين جيان سدائين ان جدوجهد کي به انقلاب جي تياريءَ جي مقصدن هيٺان رکيو.
ٻن محاذن تي، ساڄي ڌر ۽ “کاٻي ڌر” جي موقعي پرستي ۽ ترميم پسنديءَ خلاف، جدوجهد کي لينن مارڪسي پارٽيءَ جي ڪامياب سرگرميءَ لاءِ، مزدور طبقي جي تحريڪ جي ارتقا ۽ سوڀن لاءِ ضروري شرط سمجهندو هو.
پنهنجي انقلابي سرگرميءَ جي سڄي عرصي ۾ لينن انهن لاڙن خلاف لڳاتار جدوجهد ڪندو رهيو جيڪي مارڪسي بينر جي آڙ ۾ لڪندا ته هئا پر اصل ۾ سائنسي سوشلزم جا مخالف هئا. هن “قانوني مارڪسين” ۽ “معيشت پرستن” جي سڌارپسنديءَ جي، بورجوا لبرلزم جي مڪمل تنقيد ڪئي. مارڪسزم جي انقلابي اصولن تي عمل ۽ ان جو تحفظ ڪندي پارٽي ۽ لينن روسي مزدور طبقي جي تحريڪ اندر سڀ کان خطرناڪ موقعي پرست رجحان، مينشيوزم خلاف جدوجهد ڪئي ۽ بين الاقوامي سطح تي ساڄي ڌر جي سوشلسٽ ليڊرن جي موقعي پرستيءَ تي سخت تنقيد ڪئي. ان سان گڏ لينن پيٽ بورجوا “انتهاپسند انقلابيت” جي پرعزم مخالفت ڪئي جنهن طبقاتي جدوجهد جي حقيقت پسنداڻين حالتن کي نظرانداز ڪيو، پرولتاريءَ کي سياسي جوا لاءِ آڀاريو ۽ مزدور طبقي جي تحريڪ کي شڪست ۾ وڌو.
بولشيوڪ پارٽي قائم ٿيڻ سان روسي بين الاقوامي مزدور طبقي جي تحريڪ جي هڪ نئين منزل جي شروعات ٿي. پرولتاريءَ کي پهريون ڀيرو هڪ اهڙي تنظيم ملي جيڪا نين تاريخي حالتن ۾ ان جي سماجي آزاديءَ جي جدوجهد جي ڪاميابيءَ سان رهنمائي ڪرڻ جي اهليت رکي ٿي.
ان دور، جڏهن سرمائيداري پنهنجي سامراجي دور ۾ داخل ٿي ۽ پرولتاري تحريڪ وڏي پئماني تي پکڙجي وئي، مطالبو ڪيو ته مارڪسي نظرئي جي وڌيڪ ارتقا ٿئي، انقلابي حڪمت عملي ۽ طريقيڪار طئي ڪيا وڃن جيڪي نين تاريخي حالتن سان ٺهڪندڙ هجن.
روسي معاشي حقيقت جي عالمي سرمائيداريءَ جي لاڙن سان ڀيٽ ڪندي بنيادي نوعيت جي پنهنجي لکڻي “روس ۾ سرمائيداريءَ جي ارتقا” ۾ لينن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ سماجي ۽ معاشي ڇڪتاڻ ۾ تيزي ايندي ڏيکاري، سماج جي طبقاتي ڍانچي ۾ ايندڙ تبديلين جو مڪمل تجزيو ڪيو ۽ بورجوا جمهوري ۽ سوشلسٽ انقلابن ۾ پرولتاريءَ جي سچن ساٿين جي نشاندهي ڪئي. هن قائل ڪندڙ طريقي سان واضح ڪيو ته انقلاني جدوجهد ۾ انقلاب جي سڀ کان وڏي محرڪ قوت، مزدور طبقي سان هاريءَ کي به تمام وڏو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.
لينن واضح ڪيو ته پنهنجي سماجي رتبي ۽ زمين تي زميندارن جي ملڪيت جي خاتمي لاءِ جدوجهد جي ڪري پورهيت هارين کي نه رڳو بورجوا جمهوري انقلاب سان معروضي طور دلچسپي آهي پر سرمائي جي اقتدار جو تختو اونڌو ڪرڻ سان به، ڇاڪاڻ ته رڳو سوشلزم ئي زرعي مسئلي جو انقلابي حل پيش ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو. لينن عالمي زرعي سرمائيداراڻي ارتقا جي خاص لاڙن جو ۽ ٻهراڙين ۾ طبقاتي درجي بنديءَ جي عمل جو اڀياس ڪيو، انقلاب جي مختلف منزلن ۾ هارين جي مختلف طريقن بابت مزدور طبقي جي روين کي مقرر ڪيو ۽ زرعي مسئلي جو هڪ جامع نظريو ۽ پروگرام ڏنو.
پنهنجي لکڻي “جمهوري انقلاب ۾ سوشل ڊيموڪريسيءَ جا ٻه طريقيڪار” ۽ ٻين لکڻين ۾ لينن 1905 جي روسي انقلاب جي تجربي ۽ يورپي مزدور طبقي جي تحريڪ جي تجزئي جي بنياد تي ثابت ڪيو ته هاڻي کان آزاديءَ جي جدوجهد جي اڳواڻي پرولتاريءَ جي هٿن ۾ منتقل ٿي رهي آهي سمورن هارين سان گڏجي پرولتاريءَ جي بورجوا جمهوري انقلاب ۾ اڳواڻي لازمي طور ترقي ڪري ٻهراڙيءَ جي غريبن ۽ شهرن ۽ ٻهراڙين جي سموري مظلوم عوام جي سان گڏجي پرولتاريءَ جي سوشلسٽ انقلاب ۾ اڳواڻِيءَ جي صورت اختيار ڪندي. لينن لکيو ته “جمهوري انقلاب کان اسان ستت ئي سوشلسٽ انقلاب جي رستي تي منتقل ٿيڻ شروع ڪنداسين.”
سامراجيت بابت هڪ سائنسي نظريو ڏئي ان جي خاصيت، تضادن ۽ قانونن جو مطالعو ڪري لينن تاريخ جي هڪ خدمت ڪئي. “سماراج، سرمائيداريءَ جي آخري منزل” ۽ ٻين لکڻين ۾ سامراجيت بابت لينن جو تجزيو “سرمائي” ۾ مارڪس جي تصورن جو سڌو سلسلو ۽ ان جي وڌيڪ ارتقا آهي. لينن ثابت ڪيو ته سرمائي جي اجاريداراڻي منزل ان جو آخري درجو آهي، سوشلسٽ انقلاب جي چائنٺ آهي.
)هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button