ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا جا وڌندڙ واقعا

سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن کان اغوا جي وارداتن جو هڪ نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿي ويو آهي. جنهن ڪري نه رڳو ڪنڌ ڪوٽ واسين پر سڄي سنڌ جا شهري عدم تحفظ جو شڪار نظر اچي رهيا آهن. سوال اهو آهي ته ڀنگ عيوض شهرين کي اغوا ڪندڙ عنصر ڇا ايڏا زور آهن جو اهي پوليس جي ور به ڪونه چڙهي رهيا آهن ۽ نه ئي قانون لاڳو ڪندڙ ٻيا ادارا انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ڪنهن به شهر يا ضلعي ۾ لاڳيتو اغُوا جون وارداتون ٿيڻ جو مطلب اهو آهي ته پوليس پنهنجو ڪردار بهتر ادا نه پئي ڪري ۽ نه ئي امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي. ڪجهه ڏينهن کان ڪنڌ ڪوٽ مان اغوا جون وارداتون وڌي ويون آهن. جن ۾ معصوم ٻار به شامل آهن.
تنگواڻي جي رهواسي پي ۽ پٽ کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا. وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي. تنگواڻي تعلقي جي ڳوٺ ممتاز علي بهلڪاڻي جي رهواسي پورهيت ساجَن بھلڪاڻي ۽ سندس نوجوان پُٽ رياض علي بهلڪاڻي کي ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا. جڏهن ته ڌاڙيلن مغوين جي وارثن کي فون ڪري 50 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو. جڏهن ته ڏوهارين جي وارثن سان فون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه جي آڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. جڏهن ته اغوا واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. گم ٿيلن جي وارثن جو چوڻ هو ته پيءُ ۽ پٽ ڪوچ ۾ سيٽون بڪ ڪرائي ڳوٺ شاهه علي بهلڪاڻي اچي رهيا هئا ته دبئي هوٽل وٽان اغوا ٿي ويا. هنن پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٻنهي کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي. ان کانسواءِ ڪنڌڪوٽ مان وڌيڪ هڪ معصوم ٻارڙي عليشبا اغوا ٿي وئي. گذريل رات هٿياربند معصوم ٻارڙي پنجن ورهين جي عليشبا چنا کي اغوا ڪري کڻي ويا. اهڙي واقعي کانپوءِ شهر ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي. والدين پنهنجن ٻارڙن کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو. ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل 6 ٻارڙن سميت مغوين جو انگ وڌي 13 ٿي ويو. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته معصوم ٻارڙي عليشبا چنا جي بازيابي لا ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ٻارڙي کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. اهڙي واقعي کانپوءِ معصوم ٻارڙيءَ جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، جڏهن ته سندس ما روئي روئي بيحال بڻجي وئي.
اسين سمجهون ٿا ته ڪنهن شهر مان جيڪڏهن هڪ شهري به اغوا ٿئي ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي، اتي امن امان جي صورتحال بهتر ناهي ۽ بدامني وڌي رهي آهي. تنهنڪري ڪنهن به ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ اتان جي پوليس جو ڪم آهي. اهو ڪم پوليس کي هر حال ۾ ڪرڻو آهي پر لڳي ائين رهيو آهي ته پوليس پنهنجو ڪم ايمانداريءَ سان ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. ان کان وڌيڪ اهم ذميواري سنڌ حڪومت آهي، جيڪا هيترن واقعن کان پوءِ به ماٺ ڪريو ويٺي آهي ۽ ڪو به تحرڪ ڪونه وٺي رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪنڌڪوٽ جي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ان کان سواءِ اغواڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button