ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لينن نئين طرز جي انقلابي پارٽيءَ جو باني-IV

عالمي تاريخ جي نئين مرحلي جي جامع تجزئي وسيلي لينن لاءِ اهو ممڪن ٿي ويو ته هو سامراجيت جي دور ۾ انقلابي تحريڪ جي زبردست امڪانن کي مقرر ڪري.
سامراجيت جي دور ۾ سرمائيداريءَ جي ناهموار معاشي ۽ سياسي ارتقا جي قانون جي وضاحت ڪري لينن ان نتيجي تي پهتو ته مختلف ملڪ سوشلزم جي منزل تي مختلف وقتن ۾ پهچندا ۽ اهو ته سامراجي محاذ ضروري ناهي ته هڪ اهڙي ملڪ ۾ ٽٽي جيڪو ارتقا جي اعليٰ ترين سطح تي پهچي چڪو هجي. اهو نتيجو مارڪسزم جي سائنس ۾ هڪ نئون اضافو هو. هڪ نئين نظام جي سوڀ جي حالتن بابت تصور کي ان بنيادي طور بدلائي ڇڏيو ۽ روسي بين الاقوامي پرولتاريءَ لاءِ جدوجهد جي هڪ خاص واٽ کولي ڇڏي. ڪنهن هڪ يا ڪيترن ئي ملڪن ۾ سوشلزم جي سوڀ جي نتيجن ۾ سماجي ارتقا جي خاص عمل جي رخ جو لينن اننهن ڏينهن ۾ ئي اڳواٽ اندازو هڻي ڇڏيو هو، عالمي سطح تي ٻنهي نظامن وچ ۾ جدوجهد جو اڻٽر ٿيڻ اڳ ۾ ئي ڏسي ڇڏيو هو.
نين تاريخي عملن کي سمجهڻ ۽ مارڪسي طريقن کي اڳيان وڌائڻ جي ضرورت مطالبو ڪيو ته بولشيوڪ پارٽي ۽ ان جو اڳواڻ نظرياتي جدوجهد جي فرضن جي تڪميل سان گڏوگڏ جديد فلسفياڻن مسئلن جو به مڪمل تجزيو ڪن. لينن جي لکڻين “ماديت ۽ تجربي تنقيد”، “فلسفي بابت اشارا” ۽ ٻين لکڻين جدلياتي ۽ تاريخي ماديت تي مارڪس ۽ اينگلس جي تخليقن ۾ واضح ڪيل تصورن کي ترقي ڏني ۽ ان ۾ واڌارا ڪيا، انهن نون علمي مسئلن کي لينن فلسفياڻي لحاظ کان “ڇنڊي ڇاڻي ڌار ڪيو” جيڪي مارڪس ۽ اينگلس کان پوءِ گڏ ٿي ويا هئا، مارڪسزم جي عالمي نقطه نظر ۽ طريقيڪار جي بنيادي اصولن جو تحفظ ڪيو ۽ انهن جي واڌويجهه ڪئي ۽ خياليت پسند ۽ ميٽافزيڪل تصورن تي تفصيل سان تنقيد ڪئي.
ماديتي جدليات جي لينن جي وڌيڪ وضاحت، جدلياتي ماديت جي علم جي نظرئي تي سندس اڀياس ۽ فلسفي سان فطري سائنس جي اتحاد بابت سندس تصور کي دائمي اهميت حاصل آهي. لينن پنهنجي صديءَ جو پهريون مفڪر هو جنهن پنهجي دور جي فطري سائنس جي ڪاميابين ۾ هڪ زبردست سائنسي انقلاب جي شروعات ڏٺي، جن قدرت جي عظيم محققن جي بنيادي دريافتن جون انقلابي معنائون ظاهر ڪيون ۽ فلسفي جي نقطه نظر کان انهن جي جنرلائيزيشن ڪئي. فطري سائنس جي مک شعبن ۾ “اصولن” جي زبردست “شڪست” جي دور ۾ هن نين سائنسي حقيقتن جون شاندار فلسفياڻيون تشريحون پيش ڪيون. مادو لازوال هئڻ بابت سندس تصور فطري سائنسي علم ۽ ڏاهپ جو هڪ عام اصول بڻجي ويو.
لينن سماجي ارتقا جي جدليات جو، معياشيات ۽ سياسيات جي هڪٻئي تي آڌاريل عمل جو، سماجي وجود ۽ سماجي شعور جي گڏيل تعلق جو ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم مسئلن جو جامع مطالعو ڪيو. سماجي ارتقا جي مسئلن جي لينن جيڪا وضاحت ڪئي اها انقلابي عمل ۽ نظرياتي جدوجهد جي ضرورتن سان واڳيل هئي. فلسفي ۽ سماجيات ۾ داخليت تي لينن تنقيد ڪئي هن سياسي مهم جوئيءَ جي نظرياتي پاڙن کي ڌڪ هنيو.
سماجي ارتقا جي معروضي حالتن ۽ لاڙن جي اهميت ڏانهن اشارو ڪندي لينن تاريخي حالتن جي سائنسي تجزئي جي گهرائيءَ کي انقلابي سگهه، پيشقدمي، طبقاتي شعور جي اهميت ۽ عوام، طبقن، ۽ پارٽين جي تنظيم ۽ فردن جي سرگرميءَ جي اهميت کي نهايت فيصلائتي انداز ۾ متحد ڪيو. سندس جدلياتي ذهن انقلابي عمل کي تيز ڪرڻ جا نوان امڪان ڳولڻ لاءِ جڏهن سرمائيداريءَ جي جاءِ سوشلزم کي ڏيڻ جون عام گهرجون تيار ٿي ويون هجن، لينن اسان کي سيکاريو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ پورهيت عوام جو راضپو ۽ انقلابي ڪارروايون ڪرڻ جي صلاحيت، انهن جو طبقاتي شعور، تنظيم ۽ جدوجهد ۾ تجربو انقلاب جي ڪاميابيءَ لاءِ فيصلائتيون گهرجون بڻجي پوندا آهن.
مارڪسي نظرئي جو انقلابي ڪرادر ۽ لينن جي سربراهيءَ ۾ بولشيوڪ پارٽيءَ جي سرگرميءَ ان جو انقلابي عمل سان اتحاد عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جي فتح ۾ شاندار طريقي سان ظاهر ٿيو.

(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button