ماحوليات جي بگاڙ ۽ شهرن ۾ گاڏين جي دونهن ماڻهوءَ کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي. ڪراچيءَ ۾ ڪچهري ڪندي ڪنهن صحافي دوست ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ گهميل هوا جي ڪري انساني صحت سخت متاثر ٿي رهي آهي. جنهن جو وڏو اثر اکين تي پئجي رهيو آهي. اکين ۾ خارش معمول بڻيل آهي. ان ڪري شهرن کي پلاننگ وسيلي بهتر ڪرڻ لا هاڻوڪي بلديا نظام ۾ چونڊيل نمائندن کي رٿابندي ڪرڻ گهرجي.
تازو حيدرآباد ۾ راڻي باغ جي بحاليءَ جو منصوبو به سامهون اچي چڪو آهي. جيڪو پبلڪ پارٽنرشپ وسيلي مڪمل ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ حيدرآباد ۾ ميئر حيدرآباد شهر جي سڌاري لا ماسٽر پلان سامهون آڻيندي شهر جي ترقيءَ سان گڏ پنڌ هلندڙن لا فٽ پاٿ ٺاهڻ، روڊن مٿان ماڻهن جي سهولت لا پلون تعمير ڪرڻ ۽ سائيڪلنگ ڪندڙن لا سائيڪل ٽريڪ ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
حيدرآباد جي ايراضي 9 سئو 93 چورس ڪلوميٽر ٻڌائي وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومري کانپوءِ ميئر حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ڪاشف شوري به حيدرآباد ضلعي لاءِ نئون ماسٽر پلان جي تجويز ڏني آهي. ميونسپل ڪمشنر حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن انيس احمد دستي، سينيئر ڊائريڪٽر سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي ڪراچيءَ کي خط لکي حيدرآباد ضلعي جي ماسٽر پلان جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته حيدرآباد آباديءَ جي لحاظ کان ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. 2017ع ۾آبادي 21 لک 99 هزار 928 هئي. 1998ع کان 2017ع جي آدمشماري تائين سراسري سالياني واڌ جي شرح 2 ڏهائي 5 رهي آهي. هتي لڏپلاڻ پڻ وڏي پئماني تي ٿي رهي آهي. حيدرآباد شهر جي مستقبل جي تقاضائن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اثرائتو ماسٽر پلان جوڙيو وڃي ته جيئن شهر ۾ جيڪي ماڻهو رهڻ لا اچن ته ان آباديءَ کي مستقبل ۾ هتي رهائڻ لا يقيني بڻائي سگهجي. جنهن ۾ شهرين، ڪاروباري ماڻهن، مقامي تنظيمن کي شامل ڪيو وڃي. پائيدار معاشي ترقي ڏياري وڃي، سماجي برابري ۽ زندگيءَ جي معيار تي غور ڪيو وڃي. جنهن ۾ زمين جو استعمال، ٽرانسپورٽ، هائوسنگ سوسائٽيز، انفرااسٽرڪچر، ماحول ۽ تفريح جي هنڌن، ڊيموگرافڪ معلومات، ماحولياتي تبديلين کي سمجهڻ سميت انتظامي عملن کي ماسٽر پلان ۾ شامل ڪيو وڃي. خط ۾ زمين جي استعمال جي رٿابنديءَ جي حوالي سان تجويز ڏني وئي آهي ته شهري ضرورتن ۽ مقصدن جي بنياد تي ماسٽر پلان ۾ آبادي، علائقائي حدن جي ضابطي کي ڏٺو وڃي. ماسٽر پلان ۾ هڪ جامع ٽرانسپورٽ پلان تيار ڪيو وڃي، جيڪو ٽرانسپورٽ جي مختلف وسيلن جهڙوڪ روڊن، عوامي هنڌن، پلن، سائيڪلنگ ۽ فوٽ پاٿن کي تحفظ ڏئي سگهي. جيئن پنڌ هلندڙ ماڻهن کي ڏکيائي نه ٿئي. ماسٽر پلان ۾ ٽريفڪ جي کوٽ جي خاتمي، رابطي کي بهتر بڻائڻ جي عمل کي ترجيح ڏيڻ پڻ شامل ڪيو ويو آهي. ماسٽر پلان ۾ شهر جي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ يوٽيلٽيز، واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج ۽ ويسٽ مئنيجمينٽ سسٽم کي اپ گريڊ ڪرڻ جا منصوبا پڻ شامل ڪرڻ تي غور ڪيو ويو آهي. خط ۾ گهرن ۽ پاڙيسرين جي حوالي سان تجويز ڏني وئي آهي ته موجوده گهرن جو جائزو وٺندي مستقبل ۾ گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ سستي گهرن ۽ مختلف قسمن جي هائوسنگ اسڪيمن جو پڻ بنياد رکيو وڃي. سماجي رابطي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ماضي وانگر هڪ جامع پاڙيسري نظام کي هٿي ڏني وڃي، جنهن ۾ ڪميونٽيءَ جي سهولتن تائين رسائيءَ کي يقيني بڻايو وڃي. شهر جي تاريخي ۽ ثقافتي اثاثن کي بچائڻ لاءِ پراڻي پاڙي واري نظام کي بحال ڪندي مختلف آمدني وارن ماڻهن جي ترقيءَ جي حڪمت عملي جوڙي وڃي. خط ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته پائيدار ماحول جي تحفظ لاءِ ماحول مطابق گرين ڊيزائن، قابل تجديد توانائي، پاڻيءَ جي اثرائتي انتظام ۽ ويسٽ ريڊنگ کي ماسٽر پلان ۾ شامل ڪيو وڃي. اهڙي ريت پارڪن سميت قدرتي وسيلن کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ انهن جي واڌ ويجهه لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. انهن حڪمت عملين کي پڻ شامل ڪيو وڃي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گھٽايو وڃي ۽ ٻوڏ جي امڪاني خطرن کي منهن ڏئي سگهجي. اها تجويز به ڏني وئي آهي ته ماسٽر پلان ۾ اقتصادي موقعن، شهر جي فائدن ۽ علائقائي تناظر کي نظر ۾ رکندي ترقي ڏني وڃي. ماسٽر پلان ۾ شهرين کي روزگار جا موقعا ڏيڻ جي ڳالهه پڻ ڪئي وئي آهي. اقتصادي رٿابنديءَ جو تعين ڪيو وڃي جنهن ننڍن توڙي وڏن ڪاروبارن، نئين سيڙپڪاري ۽ صلاحيتن کي اڳتي وڌايو وڃي. ياد رهي ته ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، حيدرآباد ضلعي جي نئين ماسٽر پلان لاءِ حڪومت کي خط لکيو هو ته بجيٽ ۾ ان لا به رقم رکڻ جي گهر ڪئي هئي. ٻي صورت ۾ آباديءَ جي وڌڻ سان انسان تڪليفون ئي ڏسندو رهندو.