ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

چيچن ويڙهاڪ ڪير آھن -I

Editorial-Article- Yousif Bhutto

روس ـ يوڪرين جنگ جي محاذ تان جتي نت نَوَن ھٿيارن توڙي تباھين جون تصويرون عالمي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيون ۽ روسي ٽي وي اينڪرن (جن ۾ ھڪ عورت به شامل ھئي) پاران يوڪرين جي جنگي مدد ڪرڻ تي آمريڪا خاص طور برطانيا کي پنھنجن ايڊوانسڊ ھائپر سونڪ ميزائيلن زرڪون وغيرہ سان حملن جون وڏي واڪي ڌمڪيون به ملنديون رھيون، اتي ھڪ نالو عالمي ميڊيا ۾ ڏاڍو مشھور ٿيو آھي، جيڪو يوڪرين لاءِ خوف جي علامت بڻيل رھيو آھي بلڪه نيٽو جون ننڊون ڦٽڻ جو سبب پڻ. اھو شخص آھي رمضان قادروف، جنھن جو تعلق چيچنيا جي خطي سان آھي. رمضان قادروف ۽ سندس چيچن فائيٽرس روس پاران يوڪرين خلاف وڙھندي پنھنجي ھڪ نئين ڏيک توڙي تعارف جو اظھار ڪيو آھي. عالمي ميڊيا ۾ ھنن کي دھشت جي علامت ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. ھنن جي جنگي مھارتن بابت رپورٽون به نشر ڪيون ويون. ھتي اسين يوڪرين خلاف وڙھندڙ چيچن فائيٽرس ۽ انھن جي اڳواڻ رمضان قادروف بابت ڄاڻڻ کان پھرين سندن ديس چيچنيا بابت تاريخي حوالي سان جائزو وٺنداسين.
چيچنيا چيچن جمھوريه سڏجي ٿو، جنھن کي چيچنيا به سڏيو وڃي ٿو. چيچنيا روسي سلطنت جي ھڪ حصي ۾ واقع آھي. ھن کي ھڪ نيم خودمختيار رياست به چئي سگھجي ٿو. جنھن جو روس سان الحاق آھي. چيچنيا ھڪ خوبصورت خطو ۽ مسلم اڪثريتي رياست آھي. چيچنيا جي پکيڙ 17300 ڪلوميٽر يا 6700 چورس ميل آھي. 2010ع واري آدمشماري موجب ڪل آبادي 1268989 آھي. جنھن جي گاديءَ جو ھنڌ گروزني آھي. ھن جي پارليامينٽ به آھي. ھن جو سربراهه رمضان قادروف آھي. چيچنيا جون سرڪاري ٻوليون روسي ۽ چيچن آھن. چيچنيا اتر ڪوهه قاف ۽ اوڀر يورپ ۾ واقع آھي. ھي ڪيسپيئن سمنڊ کي ويجھو آھي.
1991ع ۾ جڏھن سوويت يونين ٽٽو ته چيچنيا پنھنجو پاڻ کي ھڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ ڊڪليئر ڪيو پر روس کان اهو برداشت نه ٿيو. نتيجي ۾ 1994ع کان 1996ع تائين ٻنھي ۾ زبردست جنگ لڳي. روس ڪجھه وقت کانپوءِ پير پوئتي ڪيا. 1999ع وري ٻيھر لڙائي ٿي. جنھن ۾ روسي فوج چيچنيا ۾ قھر ڪندي وڏي بربريت ڪئي ۽ چيچنيا کي روس جي ڪنٽرول ۾ آڻي ڇڏيو. گروزني شھر کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو. ڪجھه وقت چيچن ويڙھاڪن گوريلا ڪارروايون ڪيون. بعد ۾ رمضان قادروف جي پيءُ پنھنجي ساٿين کي ڇڏي ڏنو ۽ سندس روس سان ٺاهه ٿي ويو. چون ٿا ھو پنھنجن ئي پراڻن ساٿين ھٿان 2004ع ۾ مارجي ويو. پوءِ سندس پٽ رمضان قادروف اتان جو صدر ٿيو. اھو چيچنيا جتي سدائين روس کان الڳ ٿيڻ جا نعرا لڳا ويندا ھئا، اتي ھاڻي رمضان روس دوستيءَ جو نئون رنگ پکيڙي ڇڏيو. روس جي ڳڻتي به ڳتجي وئي ته چيچنيا کي به فائدو ٿيڻ لڳو. چون ٿا ته اتي جو بجيٽ روس کان Finance ٿئي ٿو. چيچنيا ۾ نيون نيون بلڊنگون اڏجڻ لڳيون، رمضان به امير ماڻھو ٿي ويو. ھي روسي صدر پيوٽن جي نھايت ئي ويجھن بلڪه بنھه اعتبار جوڳن ماڻھن ۾ ڳڻجڻ لڳو. ايتري قدر جو يوڪرين جنگ ڇڙڻ وقت روسي صدر جي ھڪ اشاري تي پنھنجي خطرناڪ فائيٽرس کي وٺي آپريشن يوڪرين کي انجام تائين پھچائڻ لاءِ نڪري ويو. چيچن فائيٽرس روسي فوج سان گڏ يوڪرين جي اوڀر جي ڊونباس جي ڪئين علائقن ۾ يوڪريني فوج تي قھر بڻجي ٽٽا پر رمضان قادروف جنگ دؤران ايستائين به چيو ھو ته “ھن جي فائيٽرس کي کلي ڇوٽ ناھي ڏني وئي جيڪڏهن کيس ۽ سندس فوجين کي کْلي ڇوٽ ڏني وڃي ھا ته ڪجھه ئي ڏينھن ۾ جنگ کي ختم ڪري ڇڏي ھا.

رمضان قادروف چيچنيا جا اندروني معاملا ھلائي ٿو. رمضان قادروف حقيقت ۾ مضبوط اعصاب جو مالڪ آھي، جنھن کي يوڪرين جنگ ۾ پنھنجن فائيٽرس سان گڏ بار بار ميڊيا تي ڏيکاريو ويو آھي. ڪٿي ھو يوڪرين جي فتح ڪيل علائقن ۾ گشت ڪندي ته ڪٿي پنھنجن فائيٽرس جي جٿن کي دليراڻي انداز ۾ خطاب ڪندي ڏيکاريو ويو. ھن متعلق انفارميشن ٽي ويءَ جي ھڪ معلوماتي وڊيو ۾ ٻڌايل آھي ته “ھي چيچنيا جو موجودہ صدر به آھي، ھي 5 آڪٽوبر 1976ع تي چيچنيا جي ضلعي سينيٽوري ۾ پيدا ٿيو ۽ ھن ھڪ شاھي خاندان ۾ اک کولي. ھي چيچنيا جي اڳوڻي صدر ايڪمت قادروف جو پٽ آھي. هن کي سندس فيصلائتين صلاحيتن جي بنياد تي وقت اچڻ تي صدارت جي منصب تي فائز ڪيو ويو. ھي ھڪ ھوشيار شخص به آھي جنھن چيچنيا قوم کي دنيا جي ترقي يافته قومن جي صف ۾ آڻي بيھاريو آهي. ھي ھڪ محنتي ۽ ذھين شخصيت جو مالڪ آھي. ھي پاڻ کي ھر طرح جي سرگرمي ۾ مصروف رکي ٿو.
)هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button