ماضيءَ جي سيما حيدر ۽ حال جي سيما سچن ڪنهن ماچيس جي هڪ اهڙي تيلي بڻجي وئي آهي، جنهن سبب هزارين هندو فيمليز جي حفاظت مٿان سواليا نشان اچي ويو آهي. ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا جي ڪردار مٿان ڪيتري به تنقيد ڪجي ته گهٽ آهي. ڇو ته سوشل ميڊيا وارن کي مزو گهرجي پر هو اهو نه ٿا سمجهن ته جيڪي ماڻهو هڪ نهايت منحوس قسم جي معاشري ۾ مجبور زندگي گذاري رهيا آهن، انهن جي مٿان اهڙي مشڪريءَ جو ڪهڙو اثر پوندو؟ اهڙي مشڪريءَ کي انگريزيءَ ۾ “ظالم ڀوڳ” يعني “Cruel Joke” ڪوٺيو ويندو آهي. ڇو ته اوهان صرف پنهنجا لائيڪس وڌائڻ ۽ ڪجهه ڊالر ڪمائڻ جي لاءِ انهن انسانن جي زندگين سان راند کيڏي نه ٿا سگهو، جيڪي انتهائي مشڪل حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.
سيما جيڪو به ڪيو. اهو هن جو حق هيو يا نه هيو؟ اهو هڪ الڳ بحث آهي. پر سيما جي عمل جي سزا سنڌ جي هندو ڪميونٽيءَ کي ڇو ڏني وڃي؟ اهو سوال الڳ آهي. سنڌ جي ڌاڙيلن جهڙي طرح سيما جو ڪيس کڻي ماحول کي پنهنجي حق ۾ تبديل ڪرڻ جي گهٽيا ڪوشش ڪئي آهي، ان جي جيتري به مذمت ڪجي، اها گهٽ آهي. هن وقت اسان جي معاشري جي حالت اها آهي ته هندو قانون ساز سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تي ڌاڙيلن کي اپيلون ڪري رهيا آهن ته انهن کي هندو برادريءَ مٿان ديا ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته اسان سميت انهن کي معلوم آهي ته ڌاڙيلن جو رحم ۽ ديا سان ڪهڙو واسطو؟ اهي ڌاڙيل جن جو ڪم ئي اهو آهي ته اهو دهشت ڦهلائي ماڻهن کي پنهنجي خوف ۾ مبتلا رکن، انهن ڌاڙيلن کي اسيمبليءَ جي فلور تان اپيل ڪرڻ اصل ۾ ڪجهه فردن جي نه ان پوري نظام جي توهين آهي، جنهن نظام جي ڪري اڄ اسان جا هندو شهري تمام گهڻي خوف ۽ دهشت جي فضا ۾ زندگي گذارين ٿا.
اهي ڌاڙيل ئي آهن، جن هن مهل تائين جيڪي شرمناڪ حرڪتون ڪيون آهن، ان جو مڪمل طور تي ذڪر ڪرڻ به مشڪل آهي. ڌاڙيلن جو ڪردار سدائين امن ۽ انصاف جي مخالف رهيو آهي. اهو هڪ حد تائين سچ رهيو به آهي ته ڌاڙيل خود ان سسٽم جي پيداوار آهن، جيڪو انسانن کي امن ۽ سڪون سان جيئڻ جو حق نه ٿو ڏئي پر ان جو مطلب اهو هرگز نه هجڻ گهرجي ته معاشري کان بغاوت ڪري معاشري جي مسڪين ماڻهن جي لاءِ آزار جو باعث بڻجي وڃجي!
سنڌ جي ڌاڙيلن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. هن مختصر ڪالم ۾ ان تاريخ جو ٿورو تذڪرو ڪرڻ به مشڪل آهي پر اها به حقيقت آهي ته سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ کان پوءِ ڌاڙيل ان وڊيوز جي ذريعي جهڙي ريت عام ماڻهن کي خوف ۽ هراس جو شڪار بڻائي رهيا آهن ۽ جهڙي ريت سنڌ جي پوليس انهن جي آڏو بنهه بيوس بڻجي وئي آهي، اها صورتحال نه هجي ها ته ڌاڙيلن کي اها همت ئي نه ٿئي ها ته هو غوثپور ۾ مندر مٿان راڪيٽ فائر ڪن. غوثپور ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، ان تي ڌاڙيلن جي منٿ ميڙ ڪرڻ کان بهتر آهي ته پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي مذمت ڪجي. ڇو ته هن معاشري ۾ هر ڏينهن اهڙا واقعا رونما ٿين ٿا، جن سبب ڪو نه ڪو هاٽ اشو (Hot Issue) جنم وٺي ٿو. هي ڌاڙيل ايترا ته ڪم ظرف ۽ ڪمينا آهن جو انهن کي ڪنهن به حساس معاملي ۾ هٿ وجهي ماڻهن کان سک چين کسڻ ۾ ڪا شرم ۽ حيا جي هلڪي هوا به نه ٿي لڳي. جيڪڏهن انهن ماڻهن کي شرم ۽ حيا هجي ها ته هو اهڙو ڪم ئي ڇو ڪن ها؟
ڌاڙيلن جيڪو ڪجهه به ڪيو آهي، ان تي حيرت کائڻ بدران اسان جي نمائندن کي پنهنجي حڪومت ۽ ادارن تي غيرت کائڻ گهرجي. ڇو ته انهن جي آڏو سو سوا ڌاڙيل ڪهڙي حيثيت رکن ٿا. پر جنهن سسٽم ۾ اسان جا پوليس آفيسر ڌاڙيلن سان ڊيلون (Deals) ڪندا هجن ۽ اهي يرغمال ٻارن کي ڇڏائڻ کان پوءِ اها وضاحت به پيش نه ڪندا هجن ته انهن اهو “ڪارنامو” ڪهڙي طرح سرانجام ڏنو؟
سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تي جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، ان تي اسپيڪر کي به معافي وٺڻ گهرجي. ڇو ته سنڌ اسيمبلي اها اسيمبلي آهي، جنهن پاڪستان جو بنياد رکيو هو پر سياست ۾ ڪرپشن ڪري هاڻي ان اسيمبليءَ جو حال اهو ٿي ويو آهي ته ان جا معزز ميمبر ڌاڙيلن آڏو رحم جي جهولي ڦهلائين ٿا! اهو عمل ڪنهن به معاشري جو زوال ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي. عقل وارن کي معلوم آهي ته سيما ڪيس جي سلسلي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، ان جي اصل حقيقت ڇا آهي؟ پر معاملو ايترو مشڪل نه هجڻ گهرجي، جيترو بڻائي پيش ڪيو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ اسان جي ملڪي قانون کي آئين جي مطابق حرڪت ۾ اچڻ گهرجي. جيڪڏهن سيما قانون جي نظر ۾ ڏوهاري آهي ته هن جي خلاف اها ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. پر اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته هڪ مائيءَ جي ڪري اسان جي ملڪ ۽ خاص طور تي اسان جي سنڌ جا هندو پاڻ کي ايتري ته عدم تحفظ جي ڪيفيت ۾ محسوس ڪرڻ لڳا آهن جو هاڻي هو ڌاڙيلن کي “ديا” جون اپيلون ڪن ٿا.
هي معاملو ايترو ته حساس آهي جو هن معاملي تي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ کي نه ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي سوئوموٽو ضرور وٺڻ گهرجي ۽ ان پوليس سربراهه کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ گهرجي، جيڪو پاڻ سان پنج سئو بڪتربند گاڏيون ساڻ کڻي پاڻ کي صوبي جو ڪنڌار سمجهي رهيو آهي.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه به ٿيو، اهو نه ٿيڻ گهرجي ها. ٿيڻ اهو گهرجي ها ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي آءِ جي کي گهرائي هن کان پڇاڻو به ڪيو وڃي ها ۽ هن کي الٽيميٽم به ڏنو وڃي ها ۽ کيس چيو وڃي ها ته جيڪڏهن هلندڙ سال جي آخر تائين سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو نالو نشان به رهيو ته پوءِ ورديءَ مٿان تنهنجو ڪو حق نه رهندو. پر اسان وٽ هڪ عجيب قسم جي ڏيتي ليتي آهي.
حڪمرانن، سياستدانن ۽ ڪامورن ۾ جيڪو ڳٺ جوڙ آهي، ان ڪري اسان جو سمورو معاشرو يرغمال بڻجي ويو آهي. اسان جي پوليس آفيسرن کي معلوم آهي ته انهن کي ڪجهه نه ٿيندو. ڇو ته انهن کي پنهنجي مٿان قانون مطابق قدم کڄڻ جو خدشو به هجي ها ته سنڌ اسيمبليءَ جي ان ڪارروائيءَ کان پوءِ جيڪڏهن سنڌ جو آءِ جي استعفيٰ پيش نه به ڪري ها ته گهٽ ۾ گهٽ پريس ڪانفرس ڪوٺرائي هن معاملي جي مڪمل وضاحت ضرور ڪري ها ۽ سنڌ جي هندو برادري ۽ معاشري جي حساس ماڻهن کان معافي وٺي کيس يقين ڏياري ها ته هاڻي اهڙو ڪجهه نه ٿيندو، جنهن جي ڪري اسان جي اسيمبلي ميمبرن کي ڌاڙيلن کان رحم جون اپيلون ڪرڻ گهرجن.
ڌاڙيلن جو نشانو سنڌ جا هندو نه پر اسان جو قانوني سرشتو آهي، جيڪو ايترو مڪمل طور تي مدي خارج بڻجي چڪو آهي.