ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لاڙ ۾ پاڻي کوٽ ڀوڳيندڙ آبادگار

لاڙ ڏانهن وهندڙ شاخن ۽ واهن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جون شڪايتون ڪجهه وقت کان وڌي ويون آهن. هڪ پاسي آبادگارن جا احتجاج آهن ته ٻئي پاسي پاڻي هئڻ باوجود به آبادگارن کي پاڻي ڪونه پيو ملي. جنهنڪري نه رڳو آبادگارن جو معاشي قتلام ٿي رهيو آهي پر انهن جي مطالبن کي مڃيو به ڪونه پيو وڃي. جڏهن ته پوڇڙيءَ جي آبادگارن کي پاڻي پهچائڻ لازمي هوندو آهي ته جيئن انهن جا فصل وقت سر ٿي سگهن پر هتي حالت اها آهي جو مٿين آبادگارن کي پهرين پاڻي ڏنو ويندو آهي ته جيئن اهي پنهنجون ٻنيون آباد ڪن ۽ جيڪو پاڻي بچي ويندو آهي، اهو پوڇڙيءَ جي آبادگارن کي ڏنو ويندو آهي. هاڻوڪن ڏينهن ۾ بدين جي صورتحال ڪا گهڻي بهتر ڪونهي. ڇاڪاڻ ته اتي پاڻيءَ جي کوٽ لڳي پئي آهي ۽ آبپاشي کاتو ان کي نظر انداز پڻ ڪري رهيو آهي.
بدين ضلعي ۽ خاص طور تي ڦُليلي ڪئنال مان نڪرندڙ واهن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ غيرشفاف ورڇ واري عمل خلاف ضلعو بچايو تحريڪ جي ٽيم احتجاج طور ريگيوليٽر جا انتظام سنڀالڻ لا عليپور پهتي ۽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، اهڙو اطلاع ملڻ تي قومي اسيمبلي جي ميمبر مير غلام علي خان ٽالپر، ايم پي اي تلھار مير الھه خش خان ٽالپر ۽ سيڊا جي ڊائٔريڪٽر سميت پاڻي کاتي جي اختيارين پھچي آبادگارن سان ڳالھيون ڪيون، تحريڪ جي اڳواڻن موقف رکيو ته ڦُليلي ڪئنال 2 جولائي کان فُل سپلائي ۽ هاڻ 19500 ڪيوسڪ تي هلي پيو پر سڄي ضلعي ۾ پاڻي جو شديد بحران آهي، سيڊا ريگيوليشن هلائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي، عليپور تي غير شفاف ورڇ سبب اسان کي پورو پاڻي نه پيو ملي ۽ سمورو پاڻي ٻئي ڪئنال ۾ غير قانوني طور تي موڙيو پيو وڃي. تحريڪ جي اڳواڻن جي ڳالهين کي سيڊا تسليم ڪندي هڪ هفتي جو ٽائيم گهريو جنهن کي تحريڪ رد ڪندي چيو ته هاڻ وقت ئي ناهي رهيو جنهن کانپو ايم اين اي مداخلت ڪندي چيو ته سيڊا کي ٽن ڏينهن جو ٽائيم ڏجي ٿو جيڪڏهن سيڊا ٽن ڏينهن ۾ مسئلو حل نه ڪيو ته انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ٿيندي، جنهن بعد ٽن ڏينهن اندر مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري تي احتجاج ختم ڪيو ويو. ٻئي پاسي گولاڙچي جي واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، دبي شاخ جي آبادگارن دبي مين روڊ تي رڪاوٽون لڳائي ٿرڪول، ڪراچي ـ بدين روڊ تي 3 ڪلاڪ سخت گرمي ۾ ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جو قطارون لڳي ويون. ڌرڻي سميت سوين مسافرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. ان موقعي تي اڳواڻن پاران پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا ۽ آبپاشي عملي خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. ان موقعي تي آبادگارن چتا ڏنو ته ٻن ڏينهن اندر پاڻي نه آيو ته وري ساڳئي روڊ کي بند ڪيو ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته بدين ۽ گولاڙچيءَ جي شاخن ۾ پاڻيءَ جي رسائي ڪرڻ آبپاشي کاتي ۽ سيڊا جي ذميواري آهي. تنهنڪري بنا دير جي پوڇڙيءَ جي آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجا فصل وقت تي پوکي سگهن ۽ اهي وڌيڪ معاشي نقصان کان پڻ بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button