جيڪڏهن هڪ ماڻهو ڳالهائي ٿو ۽ ان کي ڪير به نٿو ٻڌي ته ڇا اها سٺي ڪميونيڪيشن آهي؟
اسين هر روز ڪيترن ئي موٽيويشنل اسپيڪرس کي ڏسون ۽ ٻڌون ٿا، اهي رڳو ان ڳالهه تي زور ڏئي رهندا آهن ته ڳالهائڻ ڏاڍو ضروري آهي. ڳالهائڻ جو ڪهڙو طريقو هجڻ گهرجي جو بالا آفيسرن کي متاثر ڪري، رشتن ۾ سڪون آڻي يا گهڻن ماڻهن کي متاثر ڪري، پر اسان ڪڏهن به اها ڳالهه نه سکي آهي ته ٻڌڻ ڳالهائڻ کان به تمام اهم آهي. جيڪڏهن ماڻهو ٻڌڻ نٿو ڄاڻي ۽ رڳو سٺو ڳالهائڻ ڄاڻي ٿو ته اهو ڪڏهن به مڪمل طور ڪامياب نٿو ٿي سگهي. اسان هاڻي اهڙي دنيا ۾ رهون پيا جتي هر وقت ڳالهايو پيو وڃي. موبائيل ميسيج، ٽوئيٽ، فون ڪالز، فيس بوڪ پوسٽ، ڪهاڻيون، گانا ۽ ڊراما وغيره پر حقيقت ۾ انهن کي ٻڌي ڪير ٿو؟ هڪٻئي کي صحيح نموني نه ٻڌڻ سبب جنگيون ئي جهيڙا ٿين ٿا.
ان لاءِ چوندا آهن ٻڌڻ ڳالهائڻ کان بهتر آهي. شايد ان ڪري ئي انسان کي ٻه ڪن ۽ هڪ وات مليل آهي ته جيئن اسان گهٽ ڳالهايون ۽ گهڻو ٻڌون. ٻڌڻ ماڻهن کي سمجهڻ ۽ سندن ڳالهه سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. توهان ٻئي جي ذهن کي تيستائين تبديل نٿا ڪري سگهو، جيستائين اهو نه سمجهو ته ان جي ذهن ۾ ڇا هلي رهيو آهي. بنا ٻڌڻ جي اهو ناممڪن آهي.
ٻڌڻ سان اسين ماڻهن سان جڙي وڃون ٿا. جڏهن اسين ماڻهن کي ٻڌڻ شروع ٿا ڪريون ته اهي اسان تي اعتماد ٿا ڪن. هر ماڻهو اهو ئي چاهي ٿو ته هن کي ڪير ٻڌي ۽ سمجهي. جڏهن اسين ماڻهن کي ٻڌون ٿا ته سامهون واري کي نيٺ اهو احساس ٿئي ٿو ته ٻئي جي به ٻڌجي. سو پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ ٻڌڻ ضروري آهي.
جڏهن اسين ڳالهائيندا آهيون ته اسان جو ڌيان پاڻ تي هوندو آهي ته مون هيئن ڪيو، مان اهڙو آهيان يا وري ٻين ماڻهن تي، جن بابت اسين ڳالهائي رهيا هوندا آهيون پر جڏهن اسان ٻڌندا آهيون ته سڄو ڌيان سامهون واري تي هوندو آهي. اسان سامهون واري جي سائيڊ اسٽوري ٻڌندا آهيون. هن جا خيال ٻڌندا آهيون، هنن جا تجربا ٻڌندا آهيون ۽ سڄو ڌيان سامهون واري تي هوندو آهي.
پوءِ اسان ان ڳالهه تي به غور ڪندا آهيون ته سامهون وارو ماڻهو ڇا نه پيو چئي سگهي مثال هنن جا احساس، هنن جا جذبات، هنن جون ضرورتون! ڇو ته ماڻهن لاءِ اهو ضروري نه هوندو آهي ته هن ڇا چيو، پر انهن لاءِ اهو ضروري هوندو ته هنن کي ڇا ٿو کپي، جيڪو شايد انهن لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. هاڻي جڏهن اسين چئون ٿا ته ٻڌڻ ايڏو فائديمند آهي ته پوءِ ڀلا ماڻهو ٻڌن ڇو نه ٿا؟ ان جو جواب آهي ته ٻڌڻ تمام مشڪل ڪم آهي. مثال طور زال مڙس هڪٻئي کي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن هوندا. ڇو ته اسان جو ذهن مختلف مسئلن ۾ مُنڌل هوندو آهي، هڪ ئي وقت ڪيترائي تڪرار ذهن ۾ هلندا رهندا آهن. جنهنڪري ذهن ۾ ٻين جذبن لاءِ ڪا به جاءِ نه بچيل هوندي آهي. جيڪا ٻڌڻ لاءِ گهربل هوندي آهي. ٻڌڻ لاءِ اهو به ضروري آهي ته اسان ذهن کي صاف ڪريون ۽ ڪا جاءِ پيدا ڪريون ته جيئن ٻڌي سگهجي. سو ٻڌڻ لاءِ اهو به ضروري آهي ته اسان اڪيلائيءَ ۾ ڪجهه وقت پاڻ سان ويهون ۽ پنهنجو پاڻ کي به ٻڌون ته زندگيءَ ۾ ڇا اهم آهي ۽ ڇا نه ۽ جيڪو اهم ناهي ان کي پنهنجي ذهن تان ميساري ڇڏجي. اجايا جهيڙا، بحث، تنقيد، مقابلي بازي مان ذهن کي آجو ڪري پوءِ ٻئي کي چڱي ريت ٻڌي ۽ سمجهي سگهجي ٿو.
دنيا ۾ ڪيترائي تڪرار آهن ۽ ڪيترا تضاد آهن، اهي سڀ حل ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن اسان هڪٻئي کي ٻڌڻ شروع ڪريون. اڄوڪي ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن جي دور ۾ جتي هرڪو ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيو آهي ته سٺو ڪيئن ڳالهائجي سٺو ڪيئن لکجي؟ اتي ٻڌڻ جي طاقت کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي. ٻڌڻ کانسواءِ حقيقت ۾ ڳالهائڻ فضول آهي ۽ رابطو اڻپورو آهي.
ٿورو سوچيو ٻار جڏهن پيدا ٿئي ٿو ته هو ماءِ ۽ گهر وارن کي ٻڌڻ شروع ٿو ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ سمجهڻ شروع ٿو ڪري ۽ ڪنهن به انسان لاءِ نيون شيون روز سکڻ جي ڪري ئي ٻالڪپڻ يادگار ۽ مزيدار وقت هوندو آهي.
هاڻي ٿورو پاڻ تي سوچيو، جڏهن کان اسين وڏا ٿيا آهيون، پريشانيون وڌي ويون آهن، انائون وڌي وڻ ٿي ويون آهن، هر انسان پاڻ ۾ ئي گم آهي. پنهنجو پاڻ کي مڃائڻ ۾ رڌل آهيون، خوشيون ڪيڏانهن ويون، هر وقت دفاعي صورتحال ۾ ڇو آهيون. ڇو ته اسان ٻڌڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڇا ٿي پوي جيڪڏهن والدين پنهنجي ٻارن کي ٻڌڻ شروع ڪن يا استاد پنهنجي شاگردن کي ٻڌڻ شروع ڪن. هي نوجوان نسل جيڪو ويڳاڻو ، اڪيلو ۽ مايوس آهي ۽ خودڪشي جهڙا خيال کڻي هلندڙ آهي. ڪٿي اهو ان ڪري ته ناهي ته ان کي ٻڌو ئي ڪونه ويو آهي يا ان کي ٻڌو اڻٻڌو ڪيو ويو آهي.
اسان جي سماج ۾ گهڻا ماڻهو پنهنجي اهميت ڏيکارڻ لاءِ به ڳالهائيندا آهن، جڏهن ته کين اهو اندازو ئي ناهي ته ڪنهن جي ڳالهه يا ڪنهن جي مسئلي کي ٻڌڻ سان سندن اهميت گهٽ ڪونه ٿي ويندي آهي. ايستائين جو جڏهن ڪو انسان ڪنهن نفسياتي مونجهاري جو شڪار ٿيندو آهي ته ان کي نفسياتي ماهر ٻڌندو آهي، کيس پورو پورو موقعو فراهم ڪندو آهي ته جيڪي ڪجهه هو چوڻ چاهي ٿو، ان کي بيان ڪري ته جيئن سندس علاج بهتر نموني ٿي سگهي ۽ هو پنهنجي مريض جي ذهني حالت کان واقف ٿي سگهي.
انهن کي ٻڌڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙو بهتر رستو ٿو ٿي سگهي. انهن کي سمجهڻ جو؟ يا انهن کي اهو محسوس ڪرائڻ جي ته اهي واقعي قيمتي آهن، ٻڌڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙو رستو آهي ته اسان انهن سان پيار ڪريون ٿا. ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان کين ٻڌون ته هو به ٻڌڻ جو هنر سکن ۽ اڳتي هلي خاندانن جي جهيڙن کي ڪهاڙي ۽ بندوق بدران هڪٻئي کي ٻڌن ۽ ويهي حل ڪڍن. اهو به ممڪن آهي طلاق جي شرح گهٽ ٿئي ڇو ته شريڪ حيات هڪٻئي کي ٻڌڻ لڳن.
۽ پوءِ ڪيڏو نه ڀلو ٿئي ته اسان پنهنجا حڪمران به ان بنياد تي چونڊيون ڇو ته اهي ڪهڙي ۽ ڪيتري به تلخ ڳالهه ٻڌي سگهڻ جي قابليت رکندا هجن ۽ عوام جي مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ وقت غور سان انهن کي ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن نه ڪي رڳو سٺي تقرير ڪرڻ جي هر اداري توڙي اسڪولن ۾ اسين ٻڌڻ جو رواج عام ڪريون ته ڪيڏو نه ڀلو ٿي پوي. ڇو ته جڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڌيان سان ٻڌو ويندو آهي، تڏهن ئي هو ٻئي کي به ٻڌڻ لاءِ تيار ٿيندو آهي. ٻڌڻ هڪ اهڙو تحفو آهي. جنهن تي ڪجهه به خرچ نٿو ٿئي، جيڪو اسين ٻئي کي ڏئي سگهون ٿا. ٻڌڻ جي طاقت سان رشتن، گهرن توڙي دنيا ۾ انقلاب آڻي سگهجي ٿو.