ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ڪڏهن ٿيندو؟

Editorial

سنڌ ۾ جهڙي ريت اغوا هڪ صنعت جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، ان کان پوءِ ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪڏهن به بهتر نه ٿيندي. ڇاڪاڻ ته پوليس هن سڄي معاملي ۾ بيوس نظر اچي رهي آهي ۽ شهرين جي اغوا جو سلسلو اڃا تائين به هلندڙ آهي. عوام جتي به رهندو آهي، اهو چاهيندو آهي ته سندس جان ۽ مال جي حفاظت ٿيندي رهي پر ڪنڌڪوٽ واري پاسي صورتحال بنهه گهڻي خراب نظر اچي رهي آهي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ هتان جي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي. ڇاڪاڻ ته عوام هٿن ۾ هٿيار کڻي وڙهي نٿو سگهي پر اهو فقط پنهنجي جان بچائڻ ۾ پورو هوندو آهي. ان کان سواءِ هندو برادريءَ جا ماڻهو سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
خبر موجب ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل ستن ٻارڙن سميت ٻين مغوين کي پوليس واعدن ڪرڻ باوجود بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. مغوين جا وارث پنهنجي پيارن جي بازيابيءَ جي آسري ۾ سوڳوار ويٺل آهن، گھرن ۾ سوڳ جو ماحول بڻيل آهي. پوليس مغوين جي وارثن سان ڪيل واعدن باوجود ڪا ڪارروائي نه ڪري سگهي. ٻئي طرف 25 ڏينهن اڳ گبلو ٿاڻي جي حد پي پي ايل گيس فيلڊ جي ڪوهه تي سيڪيورٽيءَ لاءِ مقرر ايف سي اھلڪار خالد خان جي وارثن گذريل ڏينهن کان احتجاجي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، روڊ بلاڪ ٿيڻ کي 36 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس روڊ نه کولرائي سگهي. روڊ بند ھجڻ ڪري سامان سان ڀريل ٽرالر، ٽرڪ، مزدا ۽ ٻيون گاڏيون بيٺل آهن، جنهنڪري روڊ جي ٻنھي پاسن کان سوين گاڏين جون قطارون لڳل آهن، ڪرمپور کان ڊيرا موڙ تائين ھوٽلن تي وڏيون گاڏيون بيٺل آهن، سامان جي فراھمي به بند ٿيل آهي، جنهن ڪري معاشي نقصان ۽ گاڏين جي ڊرائيورن کي به نقصان ٿي رھيو آهي. هوڏانهن روز روز اغوا واقعن تي خوف سبب ڌرتي واسي ھندو سنجي ڪمار پنهنجي ڪٽنب جي پنجن ڀاتين سميت جنم ڀومي سنڌ ڌرتيءَ کي ھميشه لاءِ خير آباد ڪري لڏپلاڻ ڪري هلي ويو. سنجي ڪمار پٽ نامو مل ڏکايل ماحول ۾ روئيندي روئيندي گاڏيءَ ۾ سوار ٿي لاهور روانو ٿي ويو، جتان واگها بارڊر ذريعي انڊيا وڃي آباد ٿيندو. ان موقعي تي سنجي ڪمار چيو ته مجبور ٿي ڌرتيءَ کي ڇڏي وڃان پيو، سنڌ ڌرتي جنم ڀومي آهي، جنهن سان هميشه پيار رهندو، انڊيا وڃي به سنڌ ڌرتي تان محبت گهٽ نه ٿيندي.
هن صورتحال کان پوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪيتري خراب ٿي وئي آهي. جيڪڏهن پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ اتان جي ماڻهن کي امن فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ته پوءِ عام ماڻهوءَ کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا پوليس جي اها ذميواري ڪونهي ته اها ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ مغوين کي بازياب ڪرائي اتان جو امن بحال ڪري. سنڌ ۾ هر ڏينهن تي صورتحال بنهه گهڻي خراب ٿي رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي امن امان کي هر صورت ۾ بحال ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن، ان تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ۽ ڌاڙيلن کي ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button