ھن بابت وڌيڪ تحقيق ڪرڻ تي پتو پيو ته رمضان قادروف ھڪ دلچسپ شخصيت جو مالڪ آھي، ھي جانورن سان محبت به ڪري ٿو. ھن پنھنجي شاھي گھر جي باغيچي ۾ ڪئين چوپاين جانورن سان گڏ شينھن ۽ واڳون جھڙا خطرناڪ جانور به پالي رکيا آھن. سوشل ميڊيا تي ھي ڪئين ڀيرا پنھنجن انھن جانورن سان فوٽو ڪڍرائي اپلوڊ به ڪري چڪو آھي.
ھن جو چوڻ آھي ته “انسان جڏھن انھن جانورن سان زندگي گذاري ٿو ته ان تجربي سان دشمن جون چالون سمجھڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.” ھي جم ۾ به ويندو آھي جتي سخت ورزش ذريعي جسم کي پٿر بڻائيندي اھو پيغام ڏي ٿو ته “پنھنجو پاڻ کي ھر چيلينج لاءِ تيار رکو”.
رمضان قادروف پنھنجي آرميءَ جي سکيا به حاصل ڪري چڪو آھي. ھو ٻارھن قسمن جا ھٿيار پاڻ ھلائي سگھي ٿو. مارشل آرٽس ۾ به مھارت رکي ٿو. ھو ملڪي سرحدن جي حفاظت خاطر پنھنجي قوم ۽ فوج لاءِ ھڪ مثال بڻجي دنيا آڏو بيٺل آھي. ھن سهڻو مسلم نوجوان پنھنجي خوبين جي بدولت دنيا کي متاثر به ڪيو آھي. ھن جي خوبين ۽ چيچن قوم جي مھمان نوازي ڏسڻ جي غرض سان بي شمار مشھور ماڻھو (Celebrities) ھن سان ملاقات ڪري چڪا آھن.
گذريل سال روس ـ يوڪرين جنگ ڇڙڻ کان پوءِ چيچن ويڙهاڪن سان گڏ رمضان قادروف جو نالو ڪئين ڀيرا عالمي ميڊيا تي ايندو رھيو. عالمي ميڊيا ۾ رمضان قادروف جي باري ۾ ھن ريت به چوندي ٻڌو ويو “خونخوار ويڙھاڪ پنھنجي killer brigade سان گڏ mission تي نڪري وڃي ٿو. ھنن ڏينھن يوڪرين جي ڌرتي تي موت جو خوف پکيڙِ رھيو آھي.”
گرميءَ جي ڏينھن ۾ يوڪريني گاديءَ جي ھنڌ ڪيف تي قبضي جي ويڙهه ۾ به قادروف ۽ ان جي چيچن ويڙهاڪن تي سندن موجودگيءَ جا الزام لڳا. يوڪرين جي وڏي صنعتي شھر ماريوپول ۾ روس جيڪا تباھي مچائي، برباديءَ جو جيڪو منظر چِٽيو، ان جي پلان لاءِ رمضان قادروف ۽ ان جي چيچن اسپيشل فورس کي ذميوار قرار ڏنو ويو. اھو ئي نه يوڪريني علائقن ڊونيسڪ، لوھانسڪ ۽ خارڪيف جي لڙائيءَ ۾ به چيچن ويڙھاڪن جي شامل ھئڻ جي دعوا ڪئي وئي. ھن ئي سال عالمي ميڊيا رمضان قادروف تي اھي به الزام ھنيا ھئا ته ھن روسي صدر پيوٽن جي چوڻ تي شام (Syria) ۾ ايتريون قبرون کنيون جو رمضان قادروف جو نالو ٻڌي ماڻھن ۾ خوف ڊوڙي ويندو ھو.
رمضان قادروف ھڪ انٽرويو ۾ ھڪ پستول ڏيکاريندي چيو ھو ته “ھي اھو پستول آھي جنھن سان نازي ھٽلر خودڪشي ڪئي ھئي. قادروف چيو ته ھيءَ سدائين Loaded رھندي آھي. ان کي پيوٽن جي حڪم جو انتظار آھي. ھن پستول کي يوڪريني صدر زيلنسڪي لاءِ رکيو آھي، اھا ساڳي ڪار زيلنسڪي سان ڪئي ويندي.”
تازو ڪجھه ڏينھن اڳ روسي شھر بيلگرود ۾ وڌندڙ يوڪريني حملن کان تنگ ٿي ان جي تحفظ جي ذميواري چيچن ويڙهاڪن کي ڏني وئي آھي. بيلگرود روس جو يوڪرين جي بارڊر جي ويجھو شھر آھي. جنھن ۾ باهه لڳڻ جا غير متوقع واقعا ۽ ڊرون حملا جن کي روس دھشتگردي قرار ڏئي يوڪرين تي الزام هڻندو رھيو آھي. عالمي ميڊيا ۾ ھن سال 17 جون تي خبر آئي ته روسي شھر بيلگرود ۾ چيچن ڪمانڊر رمضان قادروف دعوا ڪئي ته بيلگرود جي تحفظ جي ذميواري ھاڻي چيچن ويڙهاڪن جي آھي. جن جي ھڪ گروپ کي اتي ۽ باڊر جي علائقي جي چيڪ پوسٽن تي تعينات ڪيو ويو آھي.
خير، ھھڙا جنگجو جٿا عالمي طاقتن جي ضرورت رھيا آھن پر انھن کي ھٿي ڏئي ذاتي مفاد ماڻڻ ڪنھن به ريت درست قرار نٿو ڏئي سگھجي ڇو ته ھي منفي لاڙو آھي، جنھن سان عالمي امن کي خطرا درپيش رھندا. ھڪ طرح سان ھي جٿا نيٽو اتحاد جي منفي پاليسين جو نتيجو به چئي سگھجن ٿا. ڄاڻايل جنگ ۽ عالمي طاقتن جي تڪرارن سبب سڄي دنيا نه رڳو فڪرمند آھي پر غير يقيني صورتحال جو شڪار به آھي. ڄاڻايل جنگ سبب کاڌ خوراڪ جي شين جي اُڻاٺ توڙي انھن جي قيمتن ۾ واڌ، انرجي پرائيسز ۾ اضافي سميت ڪئين مسئلن ۽ منجھارن ۾ پسجي رھي آھي. ان جي پُر امن آئيندي لاءِ ٻرندڙ تڪرار ڳالھين وسيلي حل ڪيا وڃن ته جيئن عالمي امن کي ھٿي ملي ۽ انسانيت جنگ جي وڌيڪ المين کان بچي سُک جو ساهه کڻي سگھي.
)پورو ٿيو)