ڪراچي ۾ سنڌين جي اچڻ ۽ آباد ٿيڻ جو عمل ڪو نئون يا چاليهه پنجاهه سال اڳ جي ڳالهه ناهي. هتي هڪ ته هتان جا اصلوڪا رهاڪو صدين کان آباد آهن ۽ ٻيو سنڌ جي مختلف علائقن مان جيڪي ماڻهو هتي اچي آباد ٿيا آهن انهن کي به هڪ صدي کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. گھڻن ماڻهن کان جڏهين پڇبو ته اهي سنڌ جي ڪنهن شهر سان پنهنجي وڏن جي تعلق متعلق ٻڌائيندا جيڪي ڪنهن ڪارڻ پنهنجا اباڻا پٽ ڇڏي ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا.
منهنجو ڏاڏو اٽڪل هڪ صدي کان وڌيڪ عرصو اڳ ڪراچي آيو جڏهين ته ان کان اڳ هتي سندس چاچو ۽ ٻيا مائٽ رهندا هئا. انهن ماڻهن کي اڳتي هلي اها ضرورت محسوس ٿي ته شادي غمي ۽ ٻين سماجي ڪمن ۾ هڪٻئي جي مدد ۽ سهڪار لا ڪا تنظيم هجي. ان مقصد جي لا 1938 ۾ ڪجھه بزرگن گڏجي سنڌي مومن جماعت جي نالي سان هڪ جماعت جو بنياد وڌو. ان ۾ گھڻو ڪري شهر جي پراڻن علائقن نوآباد، موسا لين، جهونا مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ ۽ لياري جي ٻين مختلف علائقن جا ماڻهو شامل هئا. ان جو بنياد ڪنهن ذات ۽ برادري وغيره جي بنياد تي نه هو. ان جو هڪ اصول اهو هو ته جيڪڏهين جماعت جي ڪنهن رڪن ڪنهن غير جماعت جي ماڻهو سان ڪا مائٽي وغيره ڳنڍي ته پو اهو غيرجماعت جو ماڻهو پنهنجو پاڻ جماعت جو ميمبر ٿي ويندو. اهڙي ريت جماعت جو دائرو ڏينهون ڏينهن وسيع ٿيندو ويو ۽ ان ۾ نوان ماڻهو داخل ٿيندا ويا.
ان جماعت ۾ ڪجھه سرندي وارا، جن ۾ سنڌ اسلاميه هوٽل جا مالڪ به هئا، شامل هئا. ان جو مرڪز نوآباد جو علائقو هو جتي گھڻا سنڌي رهندا هئا. هتان جي هڪ سکئي فرد حاجي گل حسن پاران جماعت جي گڏجاڻين ۽ ننڍين وڏين تقريبن لا هڪ جا ڏني ويئي. ٻين ماڻهن فرنيچر ۽ رڌ پچا جي ٻئي سامان وٺڻ ۾ سهڪار ڪيو.
ڪجھه پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن پاران ان کي هڪ تنظيمي شڪل ڏيڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي ويئي ۽ ڪجھه دستاويز وغيره پڻ تيار ڪيا ويا. ساڳي وقت ميوه شاهه ۾ قبرستان لا جا خريد ڪئي ويئي. ان جي سار سنڀال لا ماهوار پگھار تي هڪ همراهه رکيو ويو. ڪجھه وقت کانپو ان جي ڀر ۾ هڪ ٻيو پلاٽ خريد ڪيو ويو ته جيئن آئيندي لا به اهو ڪم اچي سگھي.
ان سڄي ڪاروهنوار ۾ لکت پڙهت تي گھٽ توجهه ڏنو ويو ۽ جيئن ٿيندو آهي ته ذاتي ناتن وغيره جي بنياد تي ان کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. هڪ لحاظ کان جماعت ان جي اڳواڻن لا پنهنجي اثررسوخ کي قائم ڪرڻ ۽ علائقي جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن وغيره سان پنهنجن ناتن کي قائم ڪرڻ جو ڪم به ڏيندي هئي. جيتوڻيڪ ڪي ايم سي پاران لياري ۾ سٺ جي ڏهاڪي ۾ ليز جو عمل شروع ڪيو ويو. جماعت جي عهديدارن پاران جماعت خاني جي پلاٽ کي ليز ڪرائڻ جو ڪم به شروع ڪيو ويو پر اهو مڪمل نه ٿي سگھيو ۽ پو به ان جي پوئواري نه ڪئي ويئي. اهڙي ريت جيستائين بزرگ موجود هئا تيستائين ته معاملو ٺيڪ هلندو آيو. انهن جي اکين پورڻ کانپو خاص طور جماعت خاني جي جا جي ملڪيت جي حوالي سان تنازعو شروع ٿي ويو. اها جا حاجي گل حسن جي ما امان ساران جي نالي هئي ۽ جيئن ته ان جو ٽائٽل جماعت جي نالي تبديل نه ٿيو هو ان ڪري ان جي خاندان ان تي پنهنجي حق ملڪيت جي دعويٰ ڪرڻ شروع ڪئي. ٻي ڳالهه ته جماعت جي گھڻن ميمبرن جي جماعت جي ڪمن ۾ ڪا گھڻي دلچسپي نه رهي هئي ۽ گھڻا اهو علائقو ڇڏي شهر جي ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا هئا. جماعت جي فعال نه هئڻ ڪري جا جي اصل مالڪن اتي فليٽس وغيره ٺهرائي پڳڙي وغيره تي ڏيئي ڇڏيا ۽ جماعت جي ڪمن لا هڪ گرائونڊ ۽ فرسٽ فلور تي ڪجھه جا مخصوص ڪري ڇڏي. پر اهو به گھڻو عرصو نه هليو ۽ انهن سڄي جا وڪڻي ڇڏي.
ان جماعت جي حيثيت اها وڃي رهي آهي ته ان جي نالي ۾ ميوه شاهه ۾ قبرستان جو پلاٽ آهي.
ان دوران کارادر ۽ نوآباد جي علائقي ۾ خاص طور ڪاٺياواڙي ميمڻن جون مختلف جماعتون قائم ٿيون ۽ اهي وقت سان گڏوگڏ ترقي ڪنديون ۽ اڳتي وڌنڌيون ۽ ترقي ڪندي ويون. سنڌين جي اها جماعت جنهن جو هڪ ماضي هو ماضي جو حصو بڻجي ويئي.