سنڌ جو قومي ۽ انقلابي راڳي بيدل مسرور بدوي، جيڪڏهن ڪو به ڪم نه ڪري ها، تڏهن به تاريخ ۾ هو پنهنجي ان گيت ڪري ياد رکيو وڃي ها، جيڪو شيخ اياز پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ لکيو هو. اهو گيت بيدل به پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ ڳايو هو. هاڻي به جڏهن بيدل پنهنجا سفيد وار پيشانيءَ تان پري ڪري اهو گيت ڳائيندو آهي ته هن مٿان هلي ويل جواني ٻيهر موٽي ايندي آهي. اهو گيت جيڪو نسلن کان وٺي سنڌ جا باشعور ماڻهو جهونگاريندا رهيا آهن، اهو گيت آهي:
”هي ڏوهه نه آ، آڪاس ڇڏي
مون پريت لڳائي ڌرتيءَ سان
هوءَ سانجهي جا، ست رنگ هئي
مون ڪين قبولي سج ڪنان
ٿو آگم آگم ٿي اڀران
۽ ڪرڻو ڪرڻو ٿي برسان
مان ڏوهي ها، مان ڏوهي ها
مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن
هي ڏوهه نه آ، هن ڌرتيءَ تي
مون دل جي ديول جوڙي آ
تو نفرت جي ديوار کنئي
مون ان جي پاڙ اکيڙي آ
مون ڳاتا گيت محبت جا
مون واڳ وطن جي موڙي آ
مان ڏوهي ها، مان ڏوهي ها
مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن“
بيدل مسرور کي سنڌ جو وڪٽر هارا به سڏيو ويندو رهيو آهي. هن کي ڪيئي اعزاز ملندا رهيا آهن. پر پوءِ به هو پنهنجي حليم مزاجيءَ سان گڏ هلندو رهندو آهي. هن ڪڏهن به پنهنجي ڪم تي ڪنهن به قسم جو تڪبر ۽ ڪا وڏائي محسوس نه ڪئي آهي ۽ نه ڪرائي آهي. هو جڏهن به ۽ جنهن سان به مليو آهي، مسڪرائي مليو آهي.
ڇا اها مسڪراهٽ چپن تي سجائي سنڌ سان محبت جو وچن گيتن ۾ ورجائڻ ايترو وڏو ڏوهه آهي جو هن کي هن عمر جي حصي ۾ ايتري صدمي سان دوچار ڪيو ويو؟
هونءَ ته ماڻهو کڻڻ ۽ انهن جو ڪو اتو پتو نه ڏيڻ اسان جي مهان ادارن جو محبوب مشغلو بڻجي ويو آهي. ڇو ته جنهن ملڪ ۾ سابق صدر جو ويجهو ساٿي ۽ اڳوڻي وزير اعظم جو خاص مددگار به کنڀي کنيو وڃي ۽ جنهن ملڪ ۾ هن مهل تائين سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ مقبول صحافيءَ جو اڃان تائين ڪو اتو پتو نه پوي ته ان ماحول ۾ هڪ فنڪار جي فرزند جو باندي بڻجڻ حيرت جو باعث هرگز نه هجڻ گهرجي. پر اسان پوءِ به ديس ۾ جاري ان دستور کي دل سان تسليم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به طور تي تيار نه آهيون ته جنهن کي وڻي، تنهن کي کنيو وڃي ۽ ان لاءِ قانون جا بنيادي شرط پورا نه ڪيا وڃن.
بيدل مسرور جي پٽ هنس مسرور کي گذريل ڏينهن آزاد ڪيو ويو ۽ هو پنهنجي گهر موٽي آيو آهي پر اهي ٻه اڍائي ڏينهن هڪ فنڪار ۽ هن جي فيمليءَ جنهن اذيت ۾ گذاريا، ڇا ان جو ڪنهن اداري کي ڪو احساس به ٿيو؟
اسان جي وس وارن کي اهو احساس ڪڏهن ٿيندو ته ملڪ قانون سان ٺهندا آهن ۽ قانون سان هلندا آهن. هي دنيا جا ملڪ ته ڇا پر هي بي اننت خلائون جن جو بقول اياز ڪو آغاز ۽ ڪو انجام معلوم ناهي، اهي به قانون کان سواءِ هلي نه ٿيون سگهن. هر ستارو ۽ هر سيارو ڪنهن نه ڪنهن ۽ ڪيترن ئي فطري قانونن جي طابع آهي. قانون کان ٻاهر رهي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جو ڪو به جيءُ تصور ڪري نه ٿو سگهي. اهوئي سبب آهي ته اسان جي ملڪ ۾ جيڪي به مسئلا پيدا ٿيا آهن ۽ ٿي رهيا آهن، انهن جو سبب قانون جي مٿان عمل نه ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي.
پاڪستان جو سڀ وڏو مسئلو ملڪي وهنوار ۾ مداخلت ۽ ان کان پوءِ هر اداري ۾ ڪرپشن آهي. جڏهن ته اهي ٻيئي عمل بيحد غيرقانوني آهن. اسان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن قدم کي قانون کان ماوار ڪوٺيندا آهيون، جڏهن ته قانون کان ماورا جو مطلب به غيرقانوني ئي هوندو آهي. نڪ کي سڌو سنئون پڪڙيو وڃي يا نڪ کي هٿ پويان ڦيرائي پڪڙيو وڃي، نڪ کي پڪڙڻ نڪ کي پڪڙڻ ئي آهي. جڏهن ته اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته نڪ کي پڪڙڻ يا کڻي نڪ کي ڇهڻ لاءِ به نڪ جو هجڻ ضروري آهي.
اسان جي بهترين موسيقار ۽ بيحد مقبول فنڪار محترم بيدل مسرور بدويءَ جو پٽ هنس مسرور به جنهن طريقي سان نظرن کان اوجهل ڪيو ويو هو، اهو طريقو ۽ اهو انداز ملڪي قانون مخالف آهي. هن ملڪ ۾ ماڻهن جو کنڀجڻ ۽ لاپتا ٿيڻ جيڪڏهن معمول جو معاملو بڻجي ويو آهي ۽ هاڻي ان تي ڪنهن کي اچرج نه ٿو ٿئي ته اها ڳالهه وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي سمجهڻ گهرجي. اڄ جيڪو اشو هڪ صوفي منش شخص جي گهر ۾ ٿيو، اهو سڀاڻي ڪنهن به اديب ۽ شاعر جي ڪٽنب مٿان پنهنجا ڪارا پاڇا ڦهلائي سگهي ٿو. ان ڪري اسان کي پکين ۽ جانورن جيان پنهنجي واريءَ جو انتظار ڪرڻ بدران غلط ڳالهه کي غلط ۽ صحيح ڳالهه کي صحيح چوڻ وارو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. هڪ بهتر معاشري جي تعمير پنهنجو پاڻ نه ٿيندي آهي. هڪ معاشرو سٺن اصولن ۽ بهتر قاعدن قانونن سان ٺاهيو ويندو آهي ۽ هلايو ويندو آهي. معاشرو ٺهڻ ۽ هلڻ به ڪافي نه هوندو آهي. اسان کي هڪ معاشرو هلندو رهڻ لاءِ به مستقل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آهي.
معاشرو سمورن ماڻهن جي گڏيل محنتن ۽ محبتن جو نتيجو هوندو آهي. معاشري ۾ هر فرد اهم هوندو آهي. بيدل مسرور جيڪڏهن سنڌ جي فن جو جهومر نه به هجي ها، تڏهن به ڪنهن کي اهو حق حاصل نه هو ته ڪو هن جي اولاد کي قانوني تقاضائون پوريون ڪرڻ بدران پائمال ڪري، گم ڪري!! پر هو ته فنڪار آهي. هو نه صرف هڪ ڳائڻو آهي پر هڪ موسيقار آهي. هو صرف موسيقار ئي ناهي پر هڪ سلڇڻو اديب ۽ ڪهاڻيڪار به آهي. هو بهترين ڪتابن جو مترجم ۽ پنهنجي اعليٰ ذوق جو خوبصورت مثال آهي. هن سموري زندگي هر پير اهو سوچي ۽ سنڀالي رکيو آهي ته متان هن جي پير هيٺان ڪو ساسي ساهه اچي وڃي. هن جهڙي حساس ۽ تخليقي توانائيءَ سان سدائين شرابور رهندڙ شخص جي انهن مڙني صلاحيتن جو سلو کيس اهو مليو آهي ته هن سفيد وارن ۾ ملڪ جي بظاهر معتبر حلقن کي اپيلون ڪري ته هن جي ٻچڙي جي غيرقانوني گمشدگي ختم ڪرائي هن کي بايازب ڪرائي پنهنجي ڪٽنب ۾ پهچايو وڃي. بيدل مسرور صرف منهنجو دوست نه پر منهنجو هم شعور ۽ هم شهر به آهي. پر هن سان اهي سمورا رشتا نه به هجن، تڏهن به هو سنڌ جو بي مثال فنڪار آهي.
ڇا حسين احساسن ۽ جذبن جو اظهار ايترن مڌر سرن ۾ ڪرڻ ڪو ڏوهه آهي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ هڪ فنڪار جي اهڙي اذيت مان آخر ڇو گذاريو ويو؟ جڏهن اولاد جي مٿان غلط ۽ غيرقانوني تڪليف جا پاڇا پون، تڏهن انسان جي پيڙا وڌي ويندي آهي. جڏهن ڪنهن ناجائزيءَ سبب پيڙا ٿيندي آهي، تڏهن اها ازالي ٿيڻ سان مڪمل طور تي ختم نه ٿيندي آهي. ان پيڙا جو اثر انسانن جي مٿان گهڻي دير تائين گجندو رهندو آهي.