دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ بجلي شايد ئي ايتري مهانگي هجي، جيتري پاڪستان ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي. ماڻهو نه رڳو بجليءَ جا ڳرا بل ڀرين ٿا پر اهي بجليءَ جي بل سان گڏ اجايا ٽيڪس پڻ ڀريندا آهن، جنهنڪري عوام جي چيلهه ئي چٻي ٿي وئي آهي. ملڪ جي هر شهر ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٿيندي رهندي آهي، ان کان پوءِ به بجليءَ جا ايترا ته ڳرا بل موڪليا ويندا آهن جو شهرين جا مٿا چڪراجي ويندا آهن. ان کان سواءِ بجليءَ جي بل ۾ ٽي ويءَ جي في پڻ شامل آهي. تازو حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ان ۾ 15 رپيا ريڊيو جي في پڻ شامل ڪئي ويندي، اها في هر حال ۾ عوام کي ڏيڻي پوندي.
ناڻي واري وزارت جي عملدارن انڪشاف ڪيو آهي ته بجليءَ جي بلن ۾ ٽي وي في سان گڏ ريڊيو في به شامل هوندي. سمري تيار آهي، ان ۾ 35 رپيا پي ٽي وي ۽ 15 رپيا ريڊيو في لاڳو هوندي. ادارن جي نجڪاريءَ جو معاملو پاليسي بابت آهي. يوٽليٽي اسٽورز ڪارپوريشن تي غذائي شين جي سبسڊي لاءِ 35 ارب رپيا رکيا ويا آهن. خميس تي سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزارت جي عملدارن اهڙو انڪشاف ڪيو. عملدارن چيو ته اطلاعات وزارت ان حوالي سان سمري تيار ڪري ورتي آهي. ناڻي واري وزارت مطابق سينيٽ ڪميٽي اها سفارش ڪئي هئي جنهن تي ڪم ڪيو ويو آهي، ان مان نقصان ۾ ويندڙ ادارن جي نجڪاريءَ جي سفارش هئي. ناڻي واري وزارت چيو ته ادارن جي نجڪاريءَ جو معاملو پاليسي بابت آهي. ناڻي وزارت کي ناڻي ڪميٽيءَ جون 55 سفارشون مليون هيون، ايف بي آر چيئرمين چيو ته ايف بي آر کي فنانس بل جي حوالي سان 97 سفارشون مليون. ايف بي آر سينيٽ جي 77 سفارشن کي فنانس بل جو حصو بڻايو. ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته سينيٽ جي 15 سفارشن تي جزوي طور عمل ڪيو، سينيٽ جي 6 سفارشن کي رد ڪيو ويو. سينيٽ جي سفارشن تي عمل جي شرح 80 سيڪڙو آهي. يوٽلٽي اسٽورز ڪارپوريشن تي غذائي شين جي سبسڊي لاءِ 35 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ان مان 5 ارب رپيا وزيراعظم جي رمضان رليف پئڪيج لا رکيا آهن. ايف بي آر چيئرمين چيو ته اٽڪل اڍائي هزار شين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، برانڊڊ گارمينٽس تي 15 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائي وئي آهي.
هاڻوڪن ڏينهن ۾ جتي ماڻهن پي ٽي وي ڏسڻ ڇڏي ڏنو آهي، اتي ريڊيو ڪٿي ٿو ٻڌي ۽ اهو ريڊيو ٻڌي به ٿو ته ان لاءِ اضافي في ڇو ادا ڪري. بجليءَ جو هڪ يونٽ لڳ ڀڳ عوام کي پنجاهه رپين ۾ پوي ٿو. آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ جيڪڏهن هڪ يونٽ 30 ڊالر جو هجي يا سعودي عرب ۾ اهو 30 ريال جو هجي ته عوام ان فيصلي کي قبول ڪندو. آءِ ايم ايف جي چوڻ تي جهڙي ريت بجليءَ جا اگهه وڌايا پيا وڃن، ان مان ته ائين ٿو لڳي ته هڪ يونٽ 100 رپين جو ٿيڻ ۾ گهڻو وقت ڪونه لڳندو. حڪومت کي هر حال ۾ بجليءَ جا گهٽ گهٽائڻ گهرجن ته جيئن عوام جي کيسي تي گهٽ بار پئجي سگهي.