ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آصف زرداري جي خواهش پوري ٿي سگهندي؟

پيپلز پارٽيءَ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري بلاول ڀٽو کي وزيراعظم ڏسڻ چاهي ٿو، هن وقت هاڻوڪي حڪومت اهو اعلان ڪري چڪي آهي ته اها آگسٽ جي مهيني ۾ اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندي ۽ حڪومتي معاملا نگران حڪومت حوالي ڪيا ويندا. نئين نگران سيٽ اپ لاءِ ڳالهيون شروع به ٿي ويون آهن. جڏهن ته نواز شريف پنهنجي ڌي مريم نواز کي وزيراعظم ڏسڻ چاهي ٿو. آصف زرداري موقعي جي مناسبت سان ڪنهن وڏي رانديگر جيان اقتدار جي سموري مرڪز کي پنهنجي سوچ مطابق يقين ڏياري سگهيو ته پيپلز پارٽي سمورن اتحادي جماعتن جي مدد سان ملڪ کي بحران مان ڪڍي ترقيءَ جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي پڪ ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته سندس خواهش ڪنهن حد تائين پوري ٿيڻ جي اميد آهي. عالمي لاڳاپن ۾ توازن برقرار رکڻ ۽ محاذ آرائيءَ کي پري رکڻ سميت سمورين سياسي جماعتن جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، ٻيا کوڙ مسئلا ڪر کنيو بيٺا آهن. سڀني کان وڏو مسئلو ملڪي معيشت جو آهي، جيڪو لاڳيتو تباهي ڏانهن وڌندڙ آهي. عوامي خوشحالي، ڊالر جي تيز اڏام کان سوا سياسي عدم استحڪام جو وڌڻ آهي. شهباز شريف 6 مهينن ۾ معيشت کي بهتر حالت ۾ آڻڻ جو وعدو ڪيو پر معيشت ويتر تباهي ڏانهن وڃي رهي آهي. مهانگائي، بيروزگاري، تعليمي کوٽ، لاقانونيت، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙ زمين تباهه ٿي رهي آهي. مهانگائي سبب غريب عوام خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي.
بلاول ڀٽو کي پنهنجي ناني جهڙي سياسي تعليم وٺڻي پوندي ۽ هڪ اهڙي عوامي نظرياتي پارٽي جنهن جون پاڙون شهرن ۽ جهرجهنگ ۾ کتل هجن پيپلز پارٽيءَ کي اهڙي مثالي پارٽيءَ جي شڪل ڏيڻي پوندي، سندس ناني جي مخالف ڌرين کي پارٽيءَ کان پري رکڻ جي ضرورت تي سوچ ويچار ڪرڻ ضروري هوندو.
شهباز شريف ايندڙ وقت ۾ به وزيراعظم رهڻ جا خواب ڏسندو رهي ٿو. شهباز شريف، سندس ساٿي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ کي ڪنهن به صورت ۾ پنجاب جي سر زمين تي سياسي طاقت حاصل ڪرڻ نه ڏيندا. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان کي آصف زرداري پنهنجي مفاهمتي جادوگريءَ سان راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو پر مولانا فضل الرحمان جا ڪجهه وڏا مطالبا مڃڻ کان پو ڪجهه نتيجا نڪرڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي. هوڏانهن نواز شريف پنهنجي ڌي مريم نواز کي وزيراعظم ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو پر انهيءَ لا اڃا تائين ماحول تيار نه ٿي سگهيو آهي.
نوجوان بلاول توانائي ۽ سياست ۾ نواز ليگي قيادت کان اڳتي وڌي رهيو آهي، ان کي مريم نواز تي برتري ڏيڻ نواز شريف کي منظور نه هوندو ۽ نواز شريف ڪڏهن به اهو نه چاهيندو ته ڪو سنڌي نوجوان ملڪ جو والي ٿئي. جڏهن ته موجوده حڪومت عوام ۾ پنهنجي حمايت وڃائي ويٺي آهي. قومي ۽ عالمي سطح تي هي حڪومت ڪاميابي نه ماڻي سگهي آهي. جڏهن ته ڪامياب حڪومت ٺاهڻ لا اهڙو نظام رائج ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ غريب عوام خوشحالي واري زندگي گذاري سگهي، جيڪو انهن جو حق آهي. مهانگائي جهڙي لعنت کان ملڪ کي پاڪ ڪرڻ جو منصوبو، بي خوف انصاف هجي، انصاف ملڻ سان ئي عوام خوشحال ٿي سگهي ٿو ۽ انصاف ذريعي ئي پنهنجي ملڪ کي تباهي کان بچائي سگهجي ٿو.
بلاول کي پنهنجي ناني جو وقت ياد ڪرڻ گهرجي، جنهن حالت ۾ ڀٽي صاحب کي حڪومت ملي ته ملڪ ڪهڙي ڪنڌيءَ تي پهتل هو. ملڪ جا جوان قيدي بڻيل هئا، پاڙيسري ملڪ جي خطرن جي ڪارن ڪڪرن جي ڇانوءَ ۾ پاڪستان ڍڪيل هو. حالتون بد کان بدتر هيون، سياسي رساڪشي عروج تي هئي. نئين سر اسيمبلين جي جوڙجڪ جو مسئلو هو، ملڪ جو هڪ حصو ڌار ٿي چڪو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي همت، صلاحيت ۽ دانشمنديءَ جو ڪمال هو جو عوام مان مايوسي ختم ڪرڻ لا عوامي حڪومت جو نعرو هڻي ڪارخانن جي مزدورن کي مالڪ جو درجو ڏنو. هارين کي زمينن جو مالڪ بڻائي هارين ۾ زميني اپت ۾ واڌارو ڪرڻ جي همت پيدا ڪئي ۽ ڏسندي ڏسندي غريب ملڪ خوشحاليءَ جي رستي تي هلڻ لڳو. بلاول کي به ناني جهڙي همت، حوصلي ۽ دانائي پيدا ڪرڻ جي ضرورت پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button