ملڪ ۾ مهانگائي جي ڪل شرح 29 سيڪڙو کان وڌي وئي. هڪ هفتي ۾ 30 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي. ڳڻپ جي اداري مطابق کنڊ جي قيمت ۾ 6 رپيا 63 پئسا واڌ ٿي جڏهن ته ٽماٽر في ڪلو 26 رپيا 32 پئسا مهانگو ٿيو. هڪ درجن آنن جي قيمت ۾ 11 رپيا 7 پئسا واڌ ٿي. ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 13 رپيا 57 پئسا، 200 گرام ڳاڙها پيٺل مرچ 43 رپيا 36 پئسا، ڳڙ 4 رپيا، تازو کير 35 رپيا مهانگو ٿيو ٻئي پاسي بصر، اٽو، ڪڪڙ جو گوشت، آئل سميت 9 شين جي اگهن ۾ معمولي گهٽتائي ٿي.
هوڏانهن وفاقي سرڪار بجلي 7 روپيه 50 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب وفاقي سرڪار طرفان بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 3 کان 7 روپيه 50 پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي. ڪابينه سرڪوليشن ذريعي بجلي مهانگي ڪرڻ واري سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت بنيادي قيمت ۾ واڌ جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي. نيپرا هاڻ وفاقي حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي کان پوءِ فيصلو ڏيندو جنهن کان پوءِ وفاقي حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. قيمتن ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. 100 يونٽ استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين جي لاءِ بجلي 3 روپيه في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي تجويز آهي. 101 کان 200 يونٽ وارن صارفين جي لاءِ بجلي 5 روپيه مهانگي ڪرڻ جي تجويز آهي.
جڏهن ته حيدرآباد ۾ اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ خلاف نسيم نگر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن چيو ته آئي ايم ايف جي شرطن تي معاشي نظام کي تباھه ڪيو ويو آهي، جنهن جون پاليسيون عوام دشمن آھن. پيپلز پارٽي حڪومت اٽو مھانگو ڪري مزدورن، ھارين ۽ پورھيتن کان ماني جو گرھه به کسي ورتو آھي، سنڌ زرعي صوبو هجڻ باوجود اٽي سميت کاڌي پيتي جي شين جو بحران آھي، اٽي تي سبسڊي ڏئي 50 رپيا في ڪلو ڪيو وڃي ۽ کاڌي پيتي جي ٻين شين جا اگھه به اڌو اڌ گھٽايا وڃن، پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت غريب دشمن معاشي پاليسيون بند ڪري.
ٻئي پاسي ٽنڊوآدم ۾ منافعي خورا واپارين مارڪيٽ مان کنڊ گم ڪري ڇڏي، جنهن سبب کنڊ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. واپارين ۽ دڪاندارن جي هڪ هٽي سبب کنڊ 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آھي، جنهن سبب غريب ۽ پورهيت طبقو ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو آھي. جڏهن ته يوٽيليٽي اسٽور تي به ڏيڍ مهيني کان کنڊ موجود ناهي، پر مقامي انتظاميا کنڊ جي کوٽ ۽ واپارين پاران واڌو اگهه تي وڪرو ڪرڻ خلاف ڪا ڪاروائي ناهي ڪئي. سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ شهرين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته يوٽيليٽي اسٽورن تي سستي کنڊ سميت ٻين شين جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.
هر پاسي مهانگائي جون دانهون آهن پر حڪمرانن کي اهي دانهون ٻڌڻ ۾ نه پيون اچن. جيڪڏهن انهن کي ڪو احساس هجي ها ته هو مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لا قدم کڻن ها پر هنن ته عوام دشمن معاشي پاليسي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن تحت عوام جو وڌ کان وڌ رت چوسيو پيو وڃي.