مودي حڪومت جي منڍ کان وٺي اها ڪوشش رهي آهي ته هو ڀارت کي دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل ڪري، جيڪي ڌرتيءَ جي مٿان راڄ ڪن ٿا. جڏهن ته هن کي اهو پتو هن مهل تائين نه پيو آهي ته جيڪي ملڪ جيستائين پنهنجي عوام کي تحفظ فراهم نه ڪندا آهن، انهن جون سرحدون ڪڏهن به سلامت نه هونديون آهن ۽ نه وري انهن ۾ ايتري سگهه به هوندي آهي جو هو دنيا جي مٿان راڄ ڪرڻ جو سپنو سچ ڪري سگهن. اهوئي سبب آهي جو هن وقت ڀارت ٻن انتهائن جي وچ ۾ ٽنگيو پيو آهي.
هڪ طرف ڀارت چنڊ جي طرف پنهنجو راڪيٽ موڪلي ان مشن کي ٻيهر مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن مشن ۾ هو گذريل ڀيري ناڪام ٿيو هو. اها هڪ حقيقت آهي ته ڀارت پنهنجي تمام وڏي آباديءَ جي باوجود به هڪ بهترين ڪارڪردگيءَ وارو ملڪ رهيو آهي ۽ ان ۾ اهم ڪردار ڀارت جي سرڪار جو نه پر ان عوام جو رهيو آهي، جيڪو هر حال ۾ محنت ۽ مشقت ڪري ڀارت کي پنهنجي ڪلهن تي کڻي هلي رهيو آهي. اهو عوام جيڪو تمام گهڻي محنت ڪري ٿو. ان عوام جي لاءِ هن مهل تائين مودي حڪومت ڇا ڪيو آهي؟ اهو سوال به تمام گهڻو سخت ۽ سنگين ڪيفيت وارو آهي. پر اهو سوال پڇڻ لازمي آهي. ڇو ته ان سوال کان سواءِ اهو مسئلو ڪنهن به صورت ۾ حل نه ٿيندو، جنهن مسئلي ۾ هن مهل تائين ڀارت تمام گهڻو ڦاٿل آهي. اهو مسئلو آهي، ڀارت جي اندر موجود مختلف قومن ۽ گروهن يا ذاتين پاتين جو پاڻ ۾ جيڪو ٽڪراءُ آهي، ان ڀارت جي وحدت لاءِ سدائين ڳنڀير قسم جا مسئلا پيدا ڪيا آهن.
هن ڀيري جڏهن هڪ طرف مودي حڪومت “چندريان” جي نالي سان مشن چنڊ طرف موڪلي رهيو هو ته ان مهل ڀارت جي هڪ بدقسمت رياست مني پور ۾ اهو ڪجهه ٿي رهيو هو، جنهن تي دنيا جي وڏي جمهوريت هجڻ واري ملڪ کي شرم سبب مٽيءَ ۾ مدفون ٿي وڃڻ گهرجي. هڪ طرف ڀارت پاڻ کي هڪ ملڪ ۽ پاڻ ۾ متحد ملڪ ۽ هڪ نعري تي هڪ آواز ٿي اٿي پوڻ واري جنتا جي رياست سمجهي ٿو ۽ ٻي طرف ڀارت ۾ هن مهل تائين آباديءَ جا پاڻ ايترا ته تضاد آهن جو اهي اڪثر رتوڇاڻ ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي عزتن کي پائمال ڪرڻ کان باز نه ايندا آهن. اهو ڪجهه جيڪو اڳ ۾ ٻين رياستن ۾ ٿي چڪو آهي، هاڻ اهو ڪجهه مني پور ۾ ٿيو آهي.
مني پور ۾ ٻه آباديون هڪ ٻئي سان ايترو ته جنگ ۾ هليون ويون آهن جو انهن هڪ ٻئي جا گهر ساڙڻ ۽ هڪ ٻئي جا ماڻهو مارڻ کان پوءِ هاڻي وحشت جي انتها ڪندي عورتن کي به ريپ ڪيو آهي. جڏهن ته ان قسم جي خبرن جا خطرناڪ پڙاڏا پوري دنيا ۾ گونجي رهيا آهن پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ان جي باوجود به ڀارت ائين آڪڙجي گهمي رهيو آهي، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هجي. جڏهن ته ڀارت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃڻ گهرجي. ڇو ته ڪنهن دور ۾ اهو به ٿيندو هو ۽ ان تي انسانيت جو ڪنڌ اڄ به جهڪيل آهي. پر هن دور ۾ اهو ڪجهه ٿيڻ جو تصور ڪرڻ به محال آهي پر مجال آهي جو جمهوريت جي ناٽڪ کي هلائي پاڻ کي ايشيا جو عظيم جمهوري ملڪ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو ڀارت پنهنجي منافق حڪومت جي معرفت اهو تسليم ڪري ته هن مودي راڄ ۾ ڇا ڇا نه ٿي رهيو آهي؟
مودي حڪومت جيڪو ڪجهه ڪشمير ۾ ڪيو آهي، ان تي جيڪڏهن اسان اف به ڪنداسين ته اها پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي لکي ويندڙ لکت جي الزام اچڻ جا خطرا پيدا ٿي پوڻ هڪ فطري عمل هوندا. پر حقيقت اها آهي ته ڪشمير ۾ ڀارت جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، اهو پوري دنيا جي لاءِ تمام گهڻي نفرت ۽ حقارت جو باعث بڻيو آهي.
ڪشمير جو هن ڪالم ۾ تذڪرو ان ڪري ڪيو ويو آهي ته جيئن اهو ثابت ڪري سگهجي ته جيڪا رياست پنهنجي هڪ علائقي ۾ انسانيت سوز ڪارروايون ڪندي، اها رياست ٻين علائقن ۾ ان قسم جي عملن کي روڪي نه سگهندي. اهوئي سبب آهي ته جيڪو ڪجهه ڪشمير ۾ ٿيو آهي، اهو ڪجهه هن مهل مني پور ۾ ٿي رهيو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪشمير ۾ جيڪي ڪارروايون ورديءَ واري قوت ڪندي آهي، مني پور ۾ اهو ڪجهه عوام هڪ ٻئي جي خلاف ڪري رهيو آهي. مودي حڪومت پنهنجي ڀوميءَ تي ٿيندڙ هي ڀيانڪ ڪارروائي ڏسڻ بدران ڪنڌ هيٺ مٿي ڪري پنهنجو چندرمان مشن وارو ڪارنامو ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
هن ڪالم جو مقصد اهو ناهي ته ڪو اسان کي ڀارت جي ترقيءَ تي ساڙ آهي پر هن ڪالم جو مقصد اهو آهي ته ڀارت هڪ طرف ترقيءَ جي لاءِ چنڊ طرف مشن موڪلي رهيو آهي ۽ ٻي طرف هن جي ڌرتيءَ تي عورتن جون لڄون لٽجي رهيون آهن. انهن جا ٻار ٻاڪاري رهيا آهن. انهن جا گهر سڙي رهيا آهن. جڏهن ته ڀارت جي هيءَ حڪومت هڪ طرف ته پاڪستان جي خلاف پنهنجيون ڪارروايون تيز ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي ۽ ٻي طرف هوءَ عالمي طاقتن جي صف ۾ جيئن تيئن ڪري شامل ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مبتلا آهي. جڏهن ته ان قسم جا عمل ڪرڻ جو مطلب صاف صاف ۽ سڌو سڌو اهو آهي ته ڀارت پاڻ کي تضاد جي علامت بڻائڻ جي طرف وڌي رهيو آهي. هڪ طرف ڀارت پاڪستان جي لاءِ هر رخ ۾ ڪي نه ڪي ڪنڊا وڇائڻ جي ڪوشش ۾ آهي ۽ ٻي طرف هو پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجن ماڻهن کي امن ۽ انصاف فراهم ڪرڻ ۾ تمام گهڻو ناڪام ٿي رهيو آهي. اهڙي تضاد جي پاڇي ۾ آيل ڀارت کي سمجهڻ گهرجي ۽ نه صرف ڀارت پر ٽين دنيا جي هر ملڪ ۽ ان سلسلي ۾ خاص طور تي اسان جي ملڪ يعني پاڪستان کي به سمجهڻ گهرجي ته اسان سرحد پار واري دشمن جي خلاف پنهنجي هٿيار ۽ پنهنجي وسيلا استعمال ڪرڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه تي غور ضرور ڪريون ته اسان جي آس پاس جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي ۽ خاص طور تي انهن ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو، انهن جي سببن کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ انهن ملڪن جي بجيٽ ۽ ڌيان استعمال ٿيڻ ضروري آهن. ڇو ته جيڪڏهن خلا کي تسخير ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ملڪ پنهنجي سرحدن اندر ٿيندڙ انسانيت سوز ڪاررواين کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا ته انهن جون باقي ڪاميابيون ڪنهن به ڪم جون نه سمجهيون وينديون.
ڀارت جي لاءِ بهتر اهو آهي هو چندرمان مشن تي وسيلا ۽ وقت وڃائڻ بدران مني پور ۾ ٿيندڙ انسانيت سوز ڪاررواين کي رکڻ جي سلسلي ۾ اهو ڪردار ادا ڪري، جيڪو هر ملڪ کي پنهنجي جنتا يعني پنهنجي عوام لاءِ ادا ڪرڻ گهرجي.