ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ

Editorial

ملڪ ۾ هر مهيني جهڙي ريت بجليءَ جا اگهه واڌيا پيا وڃن، ان مان ائين ٿو لڳي ته هاڻ عام ماڻهو بجلي استعمال نه ڪري سگهندو. ڇاڪاڻ ته بجلي ايتري ته مهانگي ڪئي وئي آهي جو عام ماڻهوءَ لاءِ بجليءَ جو بل ڀرڻ ئي ڏکيو ٿي پيو آهي. ان کان سواءِ بجليءَ جي بل ۾ ريڊيو في به شامل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ هاڻ ريڊيو ٻڌڻ ته پري جي ڳالهه پر نئين نسل کي ريڊيو جي باري ۾ ڪا خبر به ڪونهي. تنهن هوندي به ٽي ويءَ سان گڏ هاڻ ريڊيو في به بجليءَ جي بل ۾ شامل ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ جيڪا بجليءَ جي لوڊشيڊنگ آهي، ان مان نه رڳو عوام تنگ آهي پر ان لوڊشيڊنگ باوجود به اهو ڳرا بل ڀري ٿو. لائينن ۾ لڳي اهو بل ڏيڻ جو انتظار ڪري ٿو. پر تڏهن به عوام کي بجلي ڪونه پئي فراهم ڪئي وڃي. نتيجي ۾ اهو احتجاج جي واٽ وٺي ٿو. پنهنجن مطالبن جي مڃتا چاهي ٿو. پر اختياريون عوام جي مطالبن کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. حيدرآباد شهر ۾ به صورتحال خراب آهي.
حيدرآباد ۾ بجلي جي بندش خلاف رهواسين ميرپورخاص روڊ 4 ڪلاڪن تائين بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. مسافرن سان احتجاج ڪندڙن جون چڪريون پڻ ٿيون. پاڪولا واري علائقي شاهه لطيف ڪالونيءَ جي رهواسين گذريل 8 ڏينهن کان بجلي بند ڪرڻ خلاف حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ پاڪولا وٽ صبح 8 وڳي کان 12 وڳي تائين روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون، جنهن سبب ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، جڏهن ته رستو کولڻ واري معاملي تان موٽر سائيڪل سوارن ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ چڪريون پڻ ٿيون. شهرين محمد خان پتافي، عمران ٻٻر ۽ ٻين چيو ته گذريل 8 ڏينهن کان شاهه لطيف ڪالوني ۾ ٽرانسفارمر خراب ۽ بجلي بند آهي، حيسڪو عملدارن کي ٽرانسفارمر جي مرمت لا اطلاع ڏنو آهي پر لکين رپيا رشوت طلب ڪئي پئي وڃي، رشوت نه ڏيڻ تي 8 ڏينهن کان بجليءَ جي بندش جاري آهي. هوڏانهن ڊي ايس پي سائيٽ ايوب پاٽولي پهچي احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي ڳالهيون ڪيون، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليو ويو. هي رڳو حيدرآباد شهر جي حالت آهي، جيڪو سنڌ جي اهم ترين شهرن ۾ شامل آهي، جيڪڏهن سنڌ جي ننڍن ننڍن شهرن جي ڳالهه ڪجي ته اتي صورتحال اڃا به خراب هوندي. حيدرآباد جا ڪيترائي علائقا اونداهيءَ ۾ ٻڏل نظر ايندا آهن. جڏهن ماڻهن جي زندگيءَ جو سڄو ڪاروهنوار بجلي وسيلي هلي ٿو ته حڪومت کي گهرجي ته اها عوام کي بجليءَ جي فراهمي ڪندي رهي. اها عوام لاءِ بجليءَ جا متبادل ذريعا تيار ڪري. حڪومت جو سڄو زور ان ڳالهه تي آهي ته بجلي ڪيئن مهانگي ڪئي وڃي پر اها اهو سمجهڻ لاءِ تيار ڪونهي ته بجلي تيار ڪرڻ لاءِ ٻيا به متبادل وسيلا موجود آهن، جن کي ڪتب آڻي بجلي تيار ڪري سگهجي ٿي عوام تائين پهچائي سگهجي ٿي.
اسين سمجهون ٿا ته حيدرآباد واسين کي ترت بجلي فراهم ڪئي وڃي. جتي به نئين ٽرانسفارمر جي ضرورت آهي، اتي حيسڪو عملدار بنا رشوت جي اهو هڻي ڏين ته جيئن عوام پريشانيءَ کان بچي سگهي ۽ پنهنجا ڪم ڪار بهتر نموني ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button