دنيا ۾ مهمان نوازيءَ جا پنهنجا معيار آهن. جيئن هندستان ۾ مهمان کي ڀڳوان جو روپ سمجهيو ويندو آهي ۽ سنڌ ۾ ان کي رحمت چيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي روزي رزاق جي آهي. تنهنڪري ڪنهن جي گهر ۾ جيڪڏهن ڪو مهمان اچي ٿو ته ان لاءِ اهو سمجهيو ويندو آهي ته هو پنهنجو رزق پاڻ کڻي ايندو آهي. سنڌ ته مهمان نوازيءَ جي حوالي سان ايتري مشهور رهي آهي جو اڄ سڄي دنيا جا دربدر ٿيل ڌاريا سنڌ ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ اهي ڌرتي ڌڻين کان ايترا ته ڏاڍا ٿي ويا آهن جو انهن جي ڊپ کان سنڌ جا اصلوڪا وارث لڪيو وڃن.
آمريڪا ۾ مهمان نوازيءَ جي حوالي سان جيڪي سنڌي آباد آهن، انهن وٽ ساڳيو سنڌي مهمان نوازي وارو ڪلچر موجود آهي، جيئن اتي اتر ڪيرولائينا جي شهر رائلي ۾ دوست حبيب ڀٽي جي مهماني يادگار رهي، هو نه رڳو اتي اسان جي خدمت ۾ مصروف رهيو پر واشنگٽن ۾ به مانيون پهچائيندو رهندو هو ۽ پوءِ رات جو دير تائين ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. انٽرنيشنل وزيٽرس ليڊرشپ پروگرام ۾ شامل ٿيندڙن لاءِ اهو لازمي هوندو آهي ته اتان جو ڪو مقامي جوڙو ڪن به ٻن ڄڻن جي مهماني ضرور ڪندو آهي. مون سان گڏ تحريم اعواڻ هئي. اتر ڪيرولائينا ۾ اسان جي ميزبان هيڊر شارپ هئي، جيڪا اسان کي پنهنجي گهر رات جي ماني تي وٺي وئي هئي. هوءَ پنهنجي گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪري آئي ۽ دعوت جو بندوبست ڪيائين. دنيا ۾ جيئن ته مهمانيءَ جا معيار پنهنجا پنهنجا آهن، تنهنڪري آمريڪا ۾ مانيءَ جو تصور ڪي وڏا طعام يا شاهي دعوت ڪونه هوندو آهي پر اهو هڪ اهڙو موقعو هوندو آهي، جنهن ۾ ماڻهو هڪٻئي سان حال احوال ڪندو آهي. هيڊر شارپ سرڪاري اسڪول ۾ استاد آهي. سندس ٻار به سرڪاري اسڪول ۾ پڙهندا آهن. هن جو مڙس هڪ نجي ڪمپنيءَ ۾ ملازم آهي. هن پنهنجي شاديءَ جو قصو ٻڌايو ته ٻنهي جو رابطو آن لائين ٿيو ۽ پوءِ هنن شادي ڪري ڇڏي.
بهرحال هيڊر شارپ ان رات پنهنجي ڊائننگ ميز کي چاڪليٽ، بسڪٽ ۽ ٽافين سان سينگاري رکيو هو. وڃڻ شرط هن اسان کي اهي آڇيا ۽ پوءِ ڪچهري ڪرڻ لڳي وئي. هن وٽ پنهنجي مهمانن جو تعارف اڳواٽ موجود هو، ڇاڪاڻ ته جنهن جوڙِي کي مهماني ڪرڻي هوندي آهي، ان کي اڳواٽ متعارف ڪرايو ويندو آهي ۽ پسمنظر کان پڻ آگاهه ڪيو ويندو آهي. هيڊر نه رڳو تاريخ بابت سٺي ڄاڻ رکندڙ آهي پر هن جي سماجي معاملن تي به گهري نظر آهي.
جڏهن ماني کائڻ جو وقت ٿيو ته رات جي مانيءَ ۾ رڳو پنير پاستا، سلاد ۽ بن هئا. پر مون کي حيرت ان ڪري ڪونه ٿي ته اتان جو مڊل ڪلاس ماڻهو فضول خرچ ڪونهي، اهو قرض يا اوڌر کڻي ڪنهن جي شاهي دعوت ڪرڻ کي ترجيج ڪونه ڏيندو آهي. تنهنڪري مون نه رڳو ان مانيءَ مان مزو ورتو پر مون کي انهن جي سادگي به گهڻي وڻي جنهن ۾ سچائي هئي. اسان ماني کائڻ کان پوءِ آمريڪي سياست، اتان جي سماجي حالتن ۽ اتر ڪيرولائينا بابت ڪچهري ڪئي سين. هيڊر شارپ جو چوڻ هو ته هوءَ پنهنجن ٻارن کي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهائي خوش آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي ڪا ڳڻتي ڪونهي ته سندس ٻار سرڪاري اسڪول ۾ پڙهن پيا. ڇو ته هوءَ پنهنجن ٻارن جي پڙهائيءَ مان مطمئن هئي. پر هوءَ ڪووڊ وارن ڏينهن کي ياد ڪندي آهي، جڏهن سندس مڙس جي نوڪري ختم ٿي ۽ هو گهر ويهي رهيو هو. پر جيئن جيئن وبا جا ڏينهن ختم ٿيا ته سندس مڙس کي هڪ ٻي ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ملي وئي. هيڊر شارپ هڪ ننڍڙي گهر ۾ رهندي آهي. جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته هوءَ وڏو گهر وٺڻ چاهي ٿي پر هاڻ گهر بنهه گهڻا مهانگا ٿي ويا آهن. تنهنڪري في الحال کيس انهيءَ گهر ۾ گذارو ڪرڻو پوندو.
اتر ڪيرولائينا آمريڪا جي انهن رياستن مان هڪ آهي، جيڪا قدرتي طور سهڻي آهي ۽ ان کان سواءِ ان جو اهم ترين شهر رائلي هڪ پرسڪون شهر آهي. جنهن جي چوڌاري نه رڳو ٻهراڙي آهي پر اتي فطري حسن به گهڻو آهي. بنهه ٿوري آبادي رکندڙ هي رياست تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ ان جو هڪ سبب اتان جي چونڊيل نمائندن پاران ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ آهي. هيڊرشارپ جي ان مهمانيءَ کي ڏسي آئون سوچڻ لڳس جيڪڏهن سنڌي ماڻهو پنهنجي ڏيکاءُ واري مهماني نوازي کان پاسو ڪن ته اها سنڌ جي سماجي روين ۾ هڪ بهتر تبديلي هوندي.