ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٽائٽينڪ لاءِ ٽائٽن آبدوز جو سفر – II

18 جون تي جيئن اهو سفر شروع ٿيو ٽائٽينڪ تائين پهچڻ لاءِ اِن کي ڪل ٻه ڪلاڪ لڳن ها پر ان جو هڪ ڪلاڪ 45 منٽن ۾ (Mother Ship) سان رابطو ختم ٿي ويو. مٿي بيٺل ماڻهن اهو سمجهيو ته شايد سگنل نه پهچندا هجن پر 4 ڪلاڪن تائين اِن آبدوز جو ڪو پتو نه پيو. اِن کان پوءِ انهن يو ايس اي ڪوسٽ گارڊ کان مدد ورتي ۽ فرانسيسي، آمريڪي ۽ ڪئنيڊين سڀئي انهن کي ڳولڻ ۾ لڳي ويا پر انهن جو ڪو پتو نه پيو. انهن (Sonar Scanning) ذريعي به ڳولا ڪئي پر ڪو پتو نه پيو.
21 جون تي صبح جو 6 وڳي کوجنا ڪندڙ عملي کي ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ آيا پر اهي آواز پاڻيءَ جي اندر ريڊار ذريعي ٻڌا ويا ۽ (Roves) کي آواز جي سڌ ۾ موڪليو ويو پر پوءِ به ٽائٽين آبدوز جو ڪو به پتو نه پيو. ڇو ته آبدوز ۾ جيڪا آڪسيجن موجود هئي، اها فقط 96 ڪلاڪن جي هئي ۽ 3 ڏينهن گذري چڪا هئا پر جاچ ٽيم همت نه هاري. خميس واري ڏينهن 22 جون تي (Roves) جي سڌ ۾ موڪليو ويو، اُتي پهچي اهڙي شيءِ ڏٺي وئي جو دل ڦاٽي پوڻ جو خدشو هو. انهن ڏٺو ته آبدوز جو پويون حصو جيڪو ٽائٽينڪ کان رڳو 1600 فوٽ پري هو، اهو ٽائٽين جيڪو ٽائٽينڪ ڏسڻ ويو، اِهو ئي دنيا لاءِ مثال بڻجي ويو. اوشيئن گيٽ جو سي اِي او جيڪو پاڻ هن حادثي جو شڪار ٿيو آهي. هن 2021ع ۾ چيو هو ته مون کي خبر آهي ته ٽائٽين کي ٺاهڻ ۾ مون ڪجهه ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ان کي اسٽيل سان نه پر ايويئيشن گريڊ ڪاربن فائيبر سان ٺاهيو آهي. ڪجهه نئين (Innovation) لاءِ هن ٽائٽين کي (1000- 500) پي ايس آءِ پريشر تائين چڪاسيو به ويو، جنهن ۾ اهو پاس به ٿي ويو ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڻيءَ ۾ ڪجهه اونهيون لهرون به هونديون آهن ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪو جانور اچي ٽائٽين سان ٽڪرايو هجي، ڇو ته سخت اونداهي سبب ڪجهه ڏسڻ ناهي ايندو. ٽائٽين جي تباهيءَ جو هڪ سبب ڪاربن فائيبر آهي ۽ ٻيو هن ۾ ڪجهه ڪريڪس (ڏار) به هئا. 2019ع ۾ ڪارل اشولي اِن ۾ سفر ڪيو ۽ هن ٻڌايو ته ڪريڪ جو آواز به محسوس ٿيو پر اسان اِن ڏانهن ڌيان نه ڏنو. هن سي اين اين کي ٻڌايو ته ڏٺو وڃي ته اها هڪ وارننگ هئي. اِن کان سواءِ 2018ع ۾ اوشيئن گيٽ جي ايگزيڪيوٽو ان خلاف آواز اٿاريو ۽ چيائين ته اِهو مسئلو هن جي ڦاٽڻ کان ڪجهه سيڪنڊ پيدا ٿيندو ۽ ٿيو به ائين، جنهن گهرائيءَ ۾ آبدوز ڦاٽي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هن کي ٻڙي ڏهائي 3 سيڪنڊ لڳا هوندا. هن معاهدي کي طئي ڪرڻ کان اڳ خاص معاهدي تي صحيح ڪرائي ويندي آهي ۽ اهو هنن کان به ڪرايو ويو. هن معاهدي جي ٽن پنن ۾ موت لاءِ ٻڌايو ويندو آهي ته ڪمپنيءَ جو ڪو به واسطو ناهي. اِن کان سواءِ هن آبدوز جي مسئلي کان پوءِ هر ماڻهو پنهنجو هڪ نظريو پيش ڪيو آهي. جيڪڏهن منهنجو خيال آهي ته هڪ نظريو سمپسن ڪارٽون جو آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اهو ڪارٽون ڪنهن يهودي ايجنٽ جو ٺاهيل آهي، جيڪو اڳڪٿين يا آسماني علم ۾ ماهر آهي ۽ ڪجهه جو اهو چوڻ آهي ته ڪجهه سال اڳ ڪجهه سائنسدانن، فلاسافرن ۽ ماهرن مختلف طريقن سان کوجنا ڪئي ۽ مستقبل جي باري ۾ ڄاڻڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي، جنهن جي بنياد تي انهن هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ مستقبل جون اڳڪٿيون ڪيون ويون. جيئن ڊونلڊ ٽرمپ جو آمريڪي صدر بڻجڻ، راڻي برطانيا جو وصال، نائن اليون جو واقعو، جرمني ۽ برازيل وچ ۾ فٽبال مئچ کيڏيو ويندو. واقعو جنهن جا الاهي سارا وڊيو ڪلپ منظرعام تي آيا ۽ ڪافي يوٽيوبرز به اِن موقعي مان فائدو کڻي پئسو ڪمايو.
دراصل هِن ڪارٽون ۾ جيڪو ڪلپ ڏيکاريو ويو آهي، اِن ۾ ٻه پيءِ پٽ خزاني جي ڳولا ۾ وڃن ٿا ۽ انهن جي آڪيسجن ختم ٿي وڃي ٿي. اتي جيڪا ٻيڙي بيٺل آهي، اِها ساڳئي ٽائٽينڪ جهڙي لڳي رهي آهي ۽ هڪ روشني واري مڇي آهي، جيڪا هڪ پٿر جي وچ ۾ ڦاسي وڃي ٿي ۽ اهو ڪارٽون 1998ع ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ اِن جو ڊائريڪٽر مائيڪ ريس آهي. اِن هدايتڪار لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو حقيقت پسند آهي. هو پر معجزن تي يقين نٿو رکي. ان ڪلپ ۾ اهو به ڏيکاريو ويو ته ٻئي پيءِ پٽ تري سمنڊ جي ڪناري تي پهچن ٿا پر ان آبدوز جو ڪو نالو نشان ئي نظر نٿو اچي. ڪجهه ڏينهن اڳ آبدوز جو پويون حصو مليو آهي، پر هن ڪارٽون جي ڪلپ کي حقيقي اڳڪٿي چوڻ ڪنهن حد تائين درست به آهي. دراصل انسان هميشه کوجنا ڪري ٿو ۽ هڪ نئين تخليق جي ايجاد ۾ پڻ رهي ٿو. انسان جو عقل هن کي اهڙا تجربا ڪرڻ تي مجبور پڻ ڪري ٿو، جيئن جڏهن کان ٽائٽينڪ جي خبر پئي ۽ اِن ٻيڙيءَ تي فلم آئي ته اِن جو ديدار ڪرڻ هر ماڻهو جي دلي خواهش بڻجي وئي. ٽائٽينڪ هڪ اهڙي ناياب ٻيڙو هو، جو اڄ تائين ان جو نالو زنده آهي. اِن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اِن تي ٺاهيل فلم رهيل ڪمي پوري ڪري ڇڏي، اها فلم باڪس آفيس تي اڄ به موجود آهي ۽ اچڻ شرطن ان نوان رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا هئا.
ٽائٽينڪ ٻيڙو ٺهڻ ۾ 2 سال لڳا ۽ ان کي ٺاهڻ ۾ 70 ملين ڊالر لڳا ۽ 600 ٽن ڪوئلو پڻ خرچ ٿيو. اِن کي ٺاهڻ ۾ 176 ماڻهن جو هٿ هو. هن ٻيڙِي ۾ اڪانامي ڪلاس ۽ بزنس ڪلاس ٻئي هئا. اِن کان سواءِ ترڪش حمام، ترڪش باٿ، سوئمنگ پول وغيره جهڙيون سهولتون به موجود هيون. هن ٻيڙِي لاءِ چيو ويو هو ته هي ڪڏهن به نه ٻڏندو پر ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هي برفاني ڇپ سان ٽڪرائجڻ ڪري ٻڏي ويو ۽ سڄي دنيا لاءِ عبرت جو نشان بڻجي ويو ۽ ٻي عبرت انسان لاءِ تازو آبدوز جو گم ٿيڻ آهي. هي آبدوز ٺاهڻ واري جي نااهلي ۽ لوهه جو استعمال نه ڪرڻ آهي ۽ ٻيو مسئلو اِن آبدوز ۾ اسڪريچز جا نشان پڻ آهن ۽ سمنڊ جي تهه ۾ پاڻيءَ جو پريشر آبدوز کان وڌيڪ هجڻ ڪري اِها ڦاٽي پئي هئي، پر اِن سان لاڳاپيل ۽ الاهي اڻ لاڳاپيل وڊيوز ڏيکاريون ويون آهن. جڏهن ته مسئلو صرف پاڻيءَ جو زوردار پريشر آهي. ڇاڪاڻ ته جتي ٽائٽينڪ جو ملبو موجود آهي، اتي پاڻيءَ جي گهرائي بنهه گهڻي آهي ۽ اتي روشني به گهٽ آهي. ان ڪري اهو به چيو وڃي ٿو ته اتي هڪ اجگر جهاز جي ملبي تائين پهچڻ ايترو سولو ڪونهي.
ان حوالي سان بي بي سيءَ سان ڳالهائيندي برطانوي رائل نيويءَ جي اڳوڻي سب ميرين ڪپتان رائن ريمزي موجب اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ته ائين ڇو ٿيو ۽ ان کي روڪڻ لاءِ ڇا ٿي پئي سگهيو. اختيارين ملبي مان آبدوز جا ٽڪرا گڏ ڪيا آهن. سندس چوڻ هو ته ان ۾ ڪو بليڪ باڪس ڪونه هوندو آهي جو توهان آبدوز جي آخري مرحلن جي چرپر کي جاچي سگهو. ان کان سواءِ اها جاچ ڪنهن هوائي حادثي جي جاچ کان مختلف ڪونه هوندي آهي.
آبدوز جا ٽڪرا سمنڊ جي سطح تي آڻڻ کان پوءِ جاچ ڪندڙ ان جي ڪاربن فائبر سان ٺهيل ڍانچي ۾ ٽٽڻ جي آثارن جو جائزو وٺندا. ان موجب آخري مرحلن دوران آبدوز جي حالت سمجهڻ ۾ اهو اهم هوندو.
ملبي ۾ هر ٽڪري جو جائزو مائيڪرو اسڪوپ ذريعي ورتو ويندو. ڪاربن فائبر سان ٺهيل ڍانچي ۾ ٽٽڻ جي نشانن مان ظاهر ٿيندو ته آبدوز جي ڦاٽڻ جي شروعات ڪٿان ٿي. جاچ ڪندڙن جي آڏو سڀ کان وڏو سوال اهو هوندو ته تفريحي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ آبدوز پنهنجي ڍانچي ۾ خامين جي ڪري ناڪام ٿي.
يونيورسٽي آف سائوٿمپٽن جي پروفيسر بليئر ٿورٽڻ جو چوڻ هو ته آبدوز کي سمنڊ اندر وڏي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو هوندو. جيڪو ايفل ٽاور جي وزن برابر دٻاءُ هوندو. ان امڪان تي خيالن جو اظهار ڪندي هو چوي ٿو ته اسين بنهه وڏي زوردار ڌماڪي سان (آبدوز جي) مرڪزي حصي جي ڦٽڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. اهو سوال به اهم آهي ته جيڪڏهن آبدوز جي ڍانچي ۾ خاميون هيون ته ان جو سبب نامناسب آزمائش آهي.
امپريل ڪاليج لنڊن جي پروفيسر روڊرڪ اي سمٿ ڪاربن فائبر جي بناوت ۾ اندروني خامين جي خدشي جو اظهار ڪندو رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته ڪاربن فائبر ۽ ٽائٽينيم جي وچ ۾ جوڙ جي وڏي احتياط سان جاچ ڪئي ويندي آهي. سندس چوڻ هو ته آبدوز ڦاٽڻ سان ان جا ٽڪرا ٿي ويا هوندا. تنهنڪري اهو پتو لڳائڻ ڏکيو آهي ته پهرين ڇا ٿيو هوندو. ان لاءِ پهرين انهن حصن کي آندو وڃي ۽ هر حد تائين تفصلي جائزو ورتو ويندو.
اهو اڃا چٽو ڪونه ٿيو آهي ته ڪهڙي ايجنسي ان جاچ جي سربراهي ڪري ڪندي، ڇاڪاڻ ته آبدوز حادثن جي باري ۾ ڪي قاعدا قانون موجود ڪونه آهن.
ايڊمرل ميگر جو چوڻ هو ته هي صورتحال ڳنڀير ان ڪري به آهي ڇاڪاڻ ته واقعو سمنڊ جي ويران حصي ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪئين ملڪن جا شهري هئا. جيئن ته آمريڪي ڪوسٽ ڪارڊ امدادي آپريشن جي سربراهي ڪئي آهي، ان ڪري خيال آهي ته جاچ ۾ به ان جو اهم ڪردار هوندو.
)پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button