ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪارونجهر جي ڪوڪ

ڪارونجهر جي ڪوئن ڪٽ ڪٽائي ته ڪيتري وقت کان وٺي جاري هئي. جهڙي لڪ ڇپ ۾ ڪارونجهر جي وجود جي وڍڪٽ پئي هلي، تهڙي ان خلاف ڍڪيل ۽ دٻيل مزاحمت هلندي رهي. ڪڏهن ڪڏهن ان مزاحمت ۾ اوچتو ڪو ڇال اچي ويندو هو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پرنٽ ميڊيا ۽ خاص طور تي سنڌ جي سوشل ميڊيا تي ان جا ڀرپور پڙاڏا به پيدا ٿيندا هئا پر وري ڪنهن مصلحت هيٺان اها حق پرست جدوجهد ڇپي به ويندي ۽ پنهنجي راهه ڇڏي به ويندي هئي. پر گذريل ڏينهن پنهنجو مدو پورو ڪري ويندڙ سنڌ سرڪار جي منرل کاتي پاران جيئن ڪارونجهر جي ڪٽائيءَ وارا جاري ڪيل “ٽينڊر نوٽيس” اخبارن ۾ شايع ٿيا، تيئن ڄڻ ته سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن ۾ ڀونچال اچي ويو ۽ هن ديس جا باشعور انسان پنهنجي شعور جا شعلا سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ لڳا.

ڪارونجهر پهاڙ سان سنڌ جو تعلق تمام پراڻو ۽ پيچيده رهيو آهي. ٿر جي ماڻهن ۽ مورن پنهنجي ان پهاڙ سان ته هڪ غيرمشروط محبت ڪئي آهي پر ان پهاڙ جو سنڌ جي ادب ۾ جيڪو پاڇو پيدا ٿيو آهي، تنهن جو هڪ وڏو داستان آهي. سنڌ ۾ فطرت جي سونهن جا نظارا هونءَ به گهٽ ئي آهن پر جيڪي آهن، انهن جي مٿان سدائين پاپين جو مارو رهيو آهي. هجڻ ته اهو کپندو هو ته پوري ٿر کي تحفظ وارو علائقو قرار ڏي هتي هر قسم جي شڪار مٿان مڪمل ۽ عملي پابندي عائد ڪئي وڃي ها پر اسان کي معلوم آهي ته ٿر جي مسڪين ماڻهن جي پرامن طبيعت جو فائدو وٺي، هن ماڳ ۾ هر قسم جو ظلم ڪيو ويو آهي. اهو ظلم انهن هرڻن مٿان به ٿيو آهي، جن کي ٿر جا وڏيرا خاص مهمانن لاءِ دسترخوان جي زينت بڻائيندا آهن ۽ اهو ستم انهن مورن سان به ٿيو آهي، جن جي ٻچن ۽ بيضن کي تحفي طور ڏنو ويندو آهي. ان جو سبب اهو ٿيو آهي ته هاڻي ٿر ۾ مورن جو انگ تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي. جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته اسان ٿر جا مور يا ماضيءَ جي البمن ۾ ڏسي سگهنداسين يا وري انهن جا اميج آرٽيفيشل انٽيلينجس ذريعي وجود ۾ آڻي پنهنجو جيءُ وندرائينداسين.

ٿر ته واريءَ جو ديس آهي. اهڙي ديس جا رستا به هلي هوا سان لٽجي ويندا آهن. اهڙي ڪڻ ڪڻ واري وطن ۾ جيڪڏهن ڪا مضبوط شيءَ آهي ته اها صرف ۽ صرف ان ڪارونجهر جي صورت آهي، جنهن تان جڏهن برسات جون پاڻي نيون بڻائي وهندو آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ انسان ڪنهن حسين واديءَ ۾ پهچي ويو هجي.

ڪارونجهر ٿر جي ننگر واري پار جو اهو پيارو پهاڙ آهي، جتي مورن جا آستانا به آهن ۽ انهن ناسي رنگ جي پٿرن جو روپ اهڙو آهي، جنهن کي ڏسي محسوس ٿيندو آهي ته قدرت جي مصور ڄڻ ته ٿر جي ڪينواس تي ڪا حسين تصوير پينٽ ڪئي هجي. هڪ پينٽنگ جهڙي پهاڙ جي هر انچ جي حفاظت سنڌ سرڪار جو فرض هو پر سنڌ حڪومت ان حسين ۽ ناياب پهاڙ جي پويان به هٿ ڌوئي پئي آهي ۽ پورو سرڪاري ماضي اها گواهي ڏيندو ته ڪارونجهر جي پويان هٿ ڌوئي پيل حڪمرانن هر اهو ويل وهايو آهي، جنهن سان هي پهاڙ پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهي. جڏهن به سوشل ميڊيا تي ڪنهن نوجوان کي موقعو مليو آهي ته هن انهن ٽرڪن ۽ وڏين گاڏين جون تصويرون سوشل ميڊيا جي ذيعي شيئر ڪيون آهن، جيڪي گاڏيون ڪارونجهر پهاڙ جا ٽڪيل پٿر کڻي وينديون رهيون آهن. اهڙي ظلم ۽ زيادتي خلاف گهڻو وقت اڳ ۾ آواز اٿڻ کپندو هو پر بقول رسول بخش پليجو سنڌي ماڻهو جاڳڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪندا آهن. فارسيءَ ۾ چوندا آهن ته “دير آيد درست آيد” سو دير سان ئي سهي پر سنڌ جا ماڻهو ۽ خاص طور تي ٿر جا رهواسي ڪارونجهر جي تحفظ جي سلسلي ۾ هن ڀيري جهڙي انداز سان اٿيا آهن، انهن کي انهن جي هن انداز تي لطيف جي انهن لفظن جي ڀيٽا پيش ڪري سگهجي ٿي ته:

“هي جي آيا هير، مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهن”

هن ڀيري ڪارونجهر جي حفاظت جي حوالي سان سنڌ جي قومي سياست ۽ سماج ۾ جيڪا ولوڙ پيدا ٿي پئي آهي، ان جي سٽ هيءَ ويندڙ ته ڇا پر ايندڙ سرڪار به برداشت ڪري نه سگهندي. ڇو ته هن ڀيري سنڌ جا تيور ئي الڳ آهن.

دنيا جي تاريخ گواهه آهي ته هر قوم کي اٿڻ جي لاءِ ڪنهن نه ڪنهن وقت ۽ ڪنهن نه واقعي جي ضرورت پيش ايندي رهي آهي. سنڌ جي مٿان جيڪي به ظلم ٿيا آهن، انهن ظلمن جو هڪ الڳ وستار آهي پر هن ڀيري ڪارونجهر پهاڙ جي ڪٽائيءَ جو “عام اطلاع” اهو آخري تنڪو ثابت ٿيو آهي، جنهن سان سنڌ جي صبر واري اٺ جي پٺ ڀڄي پئي آهي. هاڻي سنڌ جو ردعمل اهڙو آهي، جهڙيون لطيف جون اهي سٽون:

“صبر ۽ شڪر کي ڪيڏانهن آئون ڪندي؟

آهيان جنهن سندي، سو ٿو گهرجي ساڻ مون”

سنڌ جا ماڻهو هن مهل ڪارونجهر پهاڙ جي تحفظ جي سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو قومي، جمهوري توڙي طبقاتي ڪمپرومائيز ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به طور تي تيار نظر نه ٿا اچن. ڇو ته سنڌ جي ماڻهن کي صرف ڪارونجهر جو خيال ناهي. سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ اهي سمورا درد آهن، جن جو درمان ٿي نه سگهيو.
سنڌ جي تاريخ هڪ رتورت رڪارڊ جيان موجود آهي ته سڀ کان وڌيڪ ظلم ۽ سڀ کان وڌيڪ استحصال ٿر جو ٿيو آهي پر هن مهل تائين ٿر سان ڀال ڀلائڻ جو ڪنهن به حڪمران ۽ سياستدان کي خيال نه آيو آهي. جيڪڏهن ٿر جي فطري قلعي يعني ڪارونجهر پهاڙ کي پٿر پٿر ڪري نيلاميءَ کان بچائڻ لاءِ جيڪڏهن آواز اٿيو آهي ته اهو به ٿر جي نئين نسل ۽ سنڌ جي انهن باشعور انسانن جو آهي، جن لاءِ ڪارونجهر هڪ پهاڙ نه صبر جي اها ديوار بڻجي چڪو آهي، جنهن سان هاڻي هو پنهنجي پٺ لڳندي محسوس ڪري رهيا آهن. هن ڀيري سنڌ مڪمل طور تي پرعزم آهي ته اها ڪنهن به صورت ۾ڪارونجهر جي ڪٽائيءَ جي اجازت نه ڏيندي. ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ هن وقت جهڙي ريت سموري سنڌ هڪ آواز ٿي وئي آهي ۽ اها هڪ عمل جي لڙهيءَ ۾ پوئجڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي، ان مان محسوس ٿي رهيو آهي ته سياسي طور تي ڪرپشن ۽ نااهليءَ سبب عوام ۾ ڌڪار جي علامت بڻجي ويل حڪمران نه رڳو ڪارونجهر جي سلسلي ۾ باشعور ماڻهن جي مزاحمت ڪرڻ جي همت ڪري سگهندا پر هو پاڻ نقلي هيرا ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي ڪارونجهر بچائڻ جي لاءِ آواز اٿاريندا. ڇو ته هن وقت جي مٿان چونڊون چيهه جيان چمڪار ڪري رهيون آهن ۽ جيڪڏهن هن وقت حڪمران ڌر ڪارونجهر جي سلسلي ۾ ڪا به سنڌ دشمني ڪئي ته عوامي ڪروڌ جو ڪارونجهر انهن مٿان ڪرندو ۽ هو ان هيٺان هميشه لاءِ دٻجي دفن ٿي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button