ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برساتن ۾ واهن ۽ شاخن کي پوندڙ گهارا

Editorial

سنڌ ۾ گذريل هفتي کان برساتن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. ڪجهه ڏينهن کان سڄي سنڌ ۾ سانوڻيءَ جا مينهن لاڳيتو وسي رهيا آهن ۽ اهي امڪان آهن ته ايندڙ هفتي مينهن جو هڪ نئون سلسلو پڻ شروع ٿي ويندو. تنهنڪري ان لاءِ گهربل تياريءَ جي ضرورت آهي. گذريل سال جيڪا ٻوڏ آئي هئي، ان ڪري ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. هن ڀيري ٻوڏ اچڻ جا امڪان اڃا تائين چٽا ڪونه ٿيا آهن پر برساتون سٺيون وسڻ جي پڪ آهي. برساتن دوران هڪ ته شهرن ۾ حالت بنهه خراب ٿي ويندي آهي، جڏهن ته گهٽين ۽ روڊن تي پاڻي بيهڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ معمول جي زندگي متاثر ٿي ويندي آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي واهن ۽ شاخن کي گهارا لڳڻ وارو معاملو آهي، جنهن سبب ماڻهن جا فصل ٻڏيو وڃن ۽ ان کان سواءِ ڳوٺ به پاڻي هيٺ اچي ويندا آهن. ڪالهه ڪجهه اهڙيون خبرون رپورٽ ٿيون آهن.
مقصودو رند ويجھو ڳوٺ مراد علي رند 88 موري وٽ گاجراھه واھه مان نڪرندڙ بابو ڇن شاخ کي 20 فوٽ گھارو پئجي ويو، گھاري سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن جو فصل ۽ انبن جو باغ پاڻي ھيٺ اچي ويو، جڏھن ته آبپاشي عملو اطلاع باوجود گھاري واري ھنڌ نه پھتو ۽ گھارو اڃا تائين بند ناھي ٿي سگھيو، گھارو مسلسل 24 ڪلاڪ وھڻ ڪري گھارو وڌي 50 فوٽ ٿي ويو. گھاري جو پاڻي آھستي آھستي ڳوٺ خيرو رند ڏانھن وڌڻ لڳو، جنھن سبب ڳوٺ خيرو رند ۾ سخت خوف ڇانئجي ويو. ان حوالي سان آبادگارن قلندر بخش رند، ممتاز علي رند ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي عملي جي نااهلي سبب ھي گھارو پيو آهي، جڏھن پاڻيءَ جي ضرورت هوندي آهي ته شاخ سڪل ھوندي آھي ۽ جڏھن برسات پوندي آھي ته سڄي گاجراهھ واھه جو ڇوڙ پڇڙي ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ اسان جڏھن لکين رپيا خرچ ڪري فصل تيار ڪندا آھيون ته اسان جو فصل ٻوڙيو وڃي ٿو. هنن سپريم ڪورٽ ۽ وڏي وزير کان گهر ڪئي ته نااهل آبپاشي عملي خلاف ڪارروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪري جلد گهارو بند ڪرايو وڃي. ٻئي پاسي تيز برسات ۽ شاخن ۾ اوور پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب منهڙو ويجهو ڳوٺ محمد بچل پنهور وٽان ڊيفيل شاخ کي 30 کان 40 فوٽ گهارو پئجي ويو. گهارو پوڻ سبب ڳوٺ محمد بچل پنهور پاڻي هيٺ اچي ويو. جڏهن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ڪمند، ساريون ۽ وونئڻن پاڻي هيٺ اچي ويا. ٻئي طرف اطلاع باوجود آبپاشي عملدارن گهارو بند ڪرڻ لا ڪو اپاءُ نه ورتو ويو ۽ نه ئي وري ڊيفيل شاخ کي بند ڪيو، جنهن ڪري گهاري جو پاڻي تيزي سان ٻين ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو آهي. جڏهن ته خانواهڻ ۽ نندي شهر ۾ به گهارا لڳا آهن.

برساتن جي اڳڪٿي ڪئين مهينا اڳ ٿيل هوندي آهي، تنهنڪري ان کان بچاءُ جا اپاءَ به اڳواٽ ئي وٺڻ گهرجن ته جيئن عوام کي پريشانين کان بچائي سگهجي پر اسان وٽ آبپاشي کاتو توڙي ٻيا لاڳاپيل ادارا تباهي ٿيڻ وقت ڪم شروع ڪندا آهن، تيستائين گهڻي دير ٿي ويندي آهي. آبپاشي کاتي کي پنهنجي روايتي سستي ختم ڪري شاخن ۽ واهن جي ڪپرن کي مضبوط ڪرڻو پوندو ته جيئن ماڻهن جا ڳوٺ ۽ فصل بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button