ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

خوراڪ لاءِ پريشان هڪ ارب انسان

Editorial-Article- Yameen Jatoi

تازو ئي عالمي بئنڪ دنيا ۾ جيڪي انسان خوراڪ جي حوالي کان عدم تحفظ جو شڪار آهن، انهن بابت رپورٽ جاري ڪئي ته سڄي دنيا ۾ هڪ ارب ماڻهن کي خوراڪ حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ سخت ڏکيايون آهن. اها رپورٽ عالمي سرمائيداراڻي سامراجي نظام خلاف ڪنهن ڪميونسٽ جي پروپئنگنڊا نه پر ان مالياتي سامراجي اداري جي رپورٽ آهي، جيڪو هن مالياتي سامراج جو ٿنڀ آهي.
حيقيت اها آهي ته سوشلسٽ بلاڪ جي خاتمي کي ٽن ڏهاڪن جو عرصو گذرڻ باوجود سرمائيداراڻو سامراجي نيو ورلڊ آرڊر نه سياسي جمهوريت ڏئي سگهيو آهي نه ئي معاشي برابري. حالت اها آهي جو ورلڊ بئنڪ جهڙي سامراجي اداري کي به چوڻو ٿو پئي ته، “سڄي دنيا ۾ هڪ ارب ماڻهو خوراڪ جي اڻهوند کي منهن ڏئي رهيا آهن.”
سچ اهو آهي ته، گذريل صديءَ ۾ سوشلزم جي زوال کان پوءِ پورهيت طبقي ئي وڌ کان وڌ ڀوڳيو آهي. اڄ دنيا اندر بک، افلاس ۽ اڻبرابريءَ جو جيڪو عالم آهي، ورلڊ بئنڪ جي ڄاڻايل رپورٽ ته ان جي هڪ مختصر جهلڪ آهي. سرمائيدار دنيا جا دانشور سامراجي سرمائيداراڻي نظام کي فطري ۽ ابدي نظام طور پيش ڪرڻ لاءِ ڀلي هزارين عذر پيش ڪن، پر ان کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته، ان “فطري” ۽ “ابدي” سماجي-معاشي نظام ٽن ڏهاڪن اندر انسانيت لاءِ جيڪي مسئلا پيدا ڪيا آهن، انهن انساني سماج ته ڇا پر هن سڄي ڌرتيءَ جي گولي جي بقاءَ لاءِ خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
اولهه جي سرمائيدار ملڪن “ڪميونزم جي خطري” کان پنهنجي عوام کي جيڪي مراعتون ڏنيون هيون، سوشلسٽ بلاڪ جي ٽٽڻ کان پوءِ اهي کسجڻ جو سلسلو تيز ٿيو، جيڪو اڄ به پنهنجي پوري آب و تاب سان جاري آهي. بلڪ اڄ اڃا به وڌيڪ جارحاڻن معاشي قدمن وسيلي عوام جي حقن تي حملي آور ٿي رهيا آهن. کڻي انهن قدمن جي شروعات 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪن ۾ نيولبرل سرمائيداريءَ جي والار سان ٿي، پر ان عوام جي وسيلن تي قبضي جي باقائده شڪل سوشلسٽ بلاڪ جي زوال کان پوءِ ئي اختيار ڪئي. اڄوڪي سرمائيداري محنت ڪش عوام لاءِ جيئڻ جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. يورپ ۾ وقتن به وقتن اٿندڙ خودرو عوامي احتجاجن جي لهر پاڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته، نيولبرل سرمائيداريءَ خلاف هاڻي ان جي مرڪزي ملڪن ۾ به وڏي پئماني تي عوامي تحريڪن جي جنم وٺڻ جو مسالو موجود آهي. سڄي اولهه اندر، يورپ کان امريڪا تائين، عوامي بئچيني پنهنجو اظهار ڪري رهي آهي. ان مان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته، سوشلزم جي زوال کان پوءِ خوشحاليءَ سميت جيڪي به دعوائون ڪيون ويون هيون، اهي عملي شڪل نه وٺي سگهيون آهن، اٽلندو عوام کان حق کسيا پيا وڃن. اها سڄي دنيا ۾ صورتحال آهي ۽ سڄي دنيا جيان اولهه جي به صورتحال آهي، جو اولهه جي سامراجي جمهوريت وٽ اڻ اسريل ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ته جنگيون، علائقائي ٽڪراءُ ۽ معاشي بيٺڪيت ايڪسپورٽ ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي پر ان وٽ پنهنجي عوام کي ڏيڻ لاءِ به ڪجهه نه آهي، سواءِ عوام جي بيرحم استحصال جي!
اڄ امريڪا، جيڪو سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ دنيا جو لٺ سردار بڻجي ويو، اندر بي گهر ماڻهن جو انگ وڌي رهيو آهي، جيڪو نه سون ۾ آهي، نه هزارن ۾ پر لکن ۾ آهي. مطلب ته، سرد جنگ ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي خاتمي بعد هڪ قطبي دنيا جي شڪل وٺندڙ هيءَ نئون عالمي سامراجي نظام يا نيو ورلڊ آرڊر پاڻ انسانيت لاءِ وڏي ۾ وڏو مئسلو بڻجي چڪو آهي. وٽس دنيا جي محنت ڪش عوام کي سواءِ جنگين، فوجي ٽڪرائن، بک، افلاس، بيمارين ۽ غربت جي ڏيڻ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. ايئن به ڪونهي ته دنيا ۾ وسيلا گهٽ آهن. وسيلن جي به گهڻائي آهي، ان گهڻائي باوجود اڄ جيڪڏهن هڪ ارب ماڻهو بک مري رهيا آهن ته رڳو ان ڪري جو دنيا جي سڄي ملڪيت تي مخصوص سماجي طبقن جو قبضو آهي. اهڙي سماجي نظام خلاف روس ۾ هڪ انقلابي رياست قائم ٿي، جنهن کي بعد ۾ سوويت يونين چيو ويو پر 1991 ۾ اها به ٽٽي. سوويت يونين جي ڊهڻ کان پوءِ جنهن دنيا جو واعدو ڪيو ويو هو، ڇا سامراجي درندن اهو واعدو پورو ڪيو؟ جواب بلڪل نفي ۾ آهي. اڄ دنيا عالمي سامراجي بگهڙن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهي. هو جيئن چاهين ٿا، دنيا جي پرامن ملڪن کي شمشان گهاٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا. جمهوريت ۽ انساني حقن جي نالي تي دنيا جي آزاد رياستن تي چڙهايون ڪري اتان جي لکين مظلوم عوام کي ڪچلين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button