جڏهن ڪنهن قوم جا رکوال رهزنن سان رلجي ويندا آهن تڏهن ايئن ئي ٿيندو آهي جيئن سنڌ ڀومي سان سالن کان ٿي رهيو آهي. پاڻ جن رکوالن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، سي جيتوڻيڪ حقيقي رکوالي جي جوهر سان ڪڏهن به ڀيچي نٿا ٿي سگهن پر پوءِ به جمهوريت جي نالي ۾ سنڌ جي مينڊيٽ تي منصب ماڻيندڙن کي هتي پاڻ رکوالن جي حوالي ۾ ان ڪري شمار ڪري رهيا آهيون، جو هڪ جمهوري نظام جي اها تقاضا هوندي آهي ته ڪابه ڌُر جنهن عوام جي ووٽن تي اقتدار جون واڳون سنڀاليندي آهي، تنهن ڌُر مٿان اهو فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اها انهي عوام جي مفادن جو هر حال ۾ دفاع ڪري. پاڪستان پيپلز پارٽي جيئن ته سدائين سنڌ جي ووٽ تي اقتدار ۾ ڀائيوار رهندي آئي آهي، تنهن ڪري پيپلز پارٽي جو اهو لازمي فرض آهي ته اها هر اهڙي فيصلي جي نفي ڪري، جنهن سان سنڌ کي ڪنهن به قسم جو جوکو ٿيندو هجي. پر بدقسمتي اها آهي جو هتي ماڳهين سڀڪجهه ابتڙ ٿي رهيو آهي.
تازو ڪارونجهر جي نيلامي واري ٺيڪي جو اعلان ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هاڻوڪي پيپلز پارٽي جون ترجيحون گهڻيون تبديل ٿي چڪيون آهن. جيتوڻيڪ سخت عوامي ردعمل کان پوءِ سنڌ حڪومت وقتي طور ڪارونجهر جي نيلامي وارو ٺيڪو روڪيو ته آهي پر ڇا توهين اهو سمجهو ٿا ته اڳتي اهڙو ڪوبه ڌاڙو نه رٿيو ويندو، جنهن ۾ سنڌ جو ڪوئي سون ورنو پهاڙ، سنڌ جي زمين جي ڪائي سڀاڳي ڪُنڊ، ڪوئي بندر، ڪوئي هوائي اڏو يا ڪو ٻيو قيمتي سرمايو نه وڪيو ويندو؟ نه ڪڏهن به نه، اهو ڌاڙو وري به لڳندو. اهو ان ڪري جو هتان جو اقتداري طبقو بدعنواني جي جنهن بدبودار کڏ ۾ ڪريو پيو آهي، تنهن کڏ ۾ جيئندڙن جو سياسي ۽ معاشي جيئدان ئي انهي نيلامي ۾ آهي. سنڌ جي حڪمراني هاڻ مشروط ئي ان ڳالهه سان ڪئي وئي آهي ته هتان جا اصل واڳ ڌڻي سنڌ جي جيڪا به ڪُنڊ طلبين سان بنادير سندن جهولي ۾ وِڌي وڃي. مثال طور هن وقت سنڌ جي لکين هزارين ايڪڙ زمين جنهن بيدردي سان “صاحبن” ۾ ورهائي وئي آهي، سو نقصان گهٽ آهي؟ ڪارونجهر جيترو ئي ته ڌاڙو آهي اهو ٻيو ڇاهي!ٰ؟ اهي زمينون جيڪي ريئل اسٽيٽ جي رهزني جو کاڄ بڻجي چڪيون آهن يا اڃان بڻجڻ وڃن پيون، تن علائقن ۾ سنڌ جي اتهاس جون ڪهڙيون ڪهڙيون نشانيون ميسارجي ويون آهن، تنهن جو رڪارڊ جيڪڏهن سهيڙجي ته لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن.
هاڻ سوال آهي ته ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ ته پوءِ ان جو سِڌو ۽ سوَلو جواب اهو آهي ته اسين جن کي پنهنجو نمائندو ٿا سمجهون، اهي اسان جا نمائندا آهن ئي ڪونه. ڇا ڪوئي نِرڄو جاگيردار ڪنهن هاريءَ جو نمائندو ٿي سگهي به ٿو ڇا؟ ڪوئي بيحس سرمائيدار ڪنهن پورهيت جو سڄڻ ٿي سگهي ٿو ڇا؟ نه، ڪڏهن به نه. اسان جي عوام جي اڄوڪي بدحالي ۽ بيڪسي جو اصل سبب آهي ئي اهو ته اسين جنهن رُخ ۾ وڃي رهيا آهيون سو رُخ ئي غلط آهي ۽ جڏهن رُخ ئي غلط هجي ته منزل ڪٿان ملندي!؟ اسان جمهوريت کي پهرئين مرحلي ۾ في الحال بهتر ته سمجهون ٿا پر ڇا هي اها ئي جمهوريت آهي؟ نه، هي عالمي سرمائيدار جي مفادن جي محافظن کي جمهوريت جي نالي ۾ اسان مٿان مڙهڻ وارو اهو ڊرامو آهي، جنهن جا سمورا ڪردار ئي ڪوڙا آهن. اهو ئي سبب آهي جو لڳاتار اسان جي نيلامي ٿي رهي آهي. تنهن ڪري سنڌ جي ساڃاهه تي اهو قومي، انساني ۽ اخلاقي فرض ٿو لاڳو ٿئي ته اها هيلوڪي اليڪشن ۾ هر تڪ جي جاگيردار جا اڇا چِٺا پڌرا ڪري ته اقتدار ۾ رهندي هنن ڪٿي ڪهڙو سودو ڪيو. ممڪن آهي ان سان ڪو تڪڙو فرق نه به پوي يا ڪٿي ڪو فرق نظر اچي به وڃي پر ايترو سو لازمي ٿيندو ته انهن جاگيردارن جو تنگ ٿيندڙ اهڙو گهيرو اجايو ڪڏهن به نه ويندو. سنڌ جو اڄوڪو نوجوان نسل جهڙي ريت سنڌ جي قومي وسيلن جي معاملي تي سجاڳ آهي، سو سگهوئي هتان جي ڦورو ٽولن سان هڪ هڪاڻي لازمي ڪندو. تيستائين بس اهو ڪندو هلجي ته پنهنجو موقف چِٽو رکجي ته جيئن نواجونن کي پنهنجا پراوا سڃاڻڻ ۾ آساني ٿي سگهي. پاڻ سڏ ٿا ڏيون سنڌ جي نوجوانن کي ته اهي پنهنجي پنهنجي تڪ جي جاگيردار جي ملڪيتن ۽ ڪلابازين جو رڪارڊ سوشل ميڊيا ته ثبوتن سان آڻڻ واري ڪا منظم مهم هاڻ ئي شروع ڪن ته جيئن هيلوڪي اليڪشن ۾ عوام کي گهٽ ۾ گهٽ اها ته خبر پوي ته هو جن کي پنهنجو رکوال سمجهي رهيا آهن سي آهن ڪير؟ رکوال يا رهزن!!