پاڪستان ۾ توانائي بحران ڪو هاڻوڪي حڪومت جو مسئلو ناهي پر اهو ڏهاڪن کان هلندو پيو اچي. هڪ اهڙُو ملڪ جيڪو دنيا ۾ ائٽمي طاقت جي حيثيت رکي ٿو، اهو اڄ ڏينهن تائين توانائي بحران کي حل ڪونه ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي اهو توانائيءَ جا متبادل ذريعا فراهم ڪري سگهيو آهي. ان جو نقصان هڪ پاسي ته عوام ڀوڳيندو رهندو آهي. ٻيو سڄو ملڪ معاشي طور ڀوڳيندو آهي. نه ملڪ ۾ بهتر صنعت قائم ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي توانائي هجڻ ڪري ٻاهرئين سيڙپ هتي اچي رهي آهي. پي ڊي جي ايم حڪومت جڏهن وجود ۾ آئي هئي ته ان وقت قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽي زرداري چيو هو ته ويلڪم ٽو پرانا پاڪستان. پر اهو اندازو نه هو ته سندس پراڻو پاڪستان بنهه پراڻو ٿي ويندو.
هاڻوڪي حڪومت نه ته عوامي مسئلن کي حل ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي ان پاسي ڌيان ڏنو آهي. نتيجي ۾ عام ماڻهو معاشي طور ڪنگال ٿي چڪو آهي. تازو جيڪا ڳالهه وزيراعظم شهباز شريف ڪئي آهي، سا پنهنجي جاءِ تي اهم ته آهي پر رڳو اعتراف ڪرڻ ڪافي ڪونهي. سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ وڏا سيڙپڪار بجلي چوري ڪن ٿا ۽ ٻوڏ متاثرن جو حق ادا ڪونه ڪري سگهيا آهيون. شهباز شريف چيو ته ملڪ جو گردشي قرض 2300 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ غريبن جو ڪو به ڏوهه ناهي، منهنجي حڪومت سميت سمورين حڪومتن ۽ اشرافيا جو ڏوهه آهي، اهو سمورو ڏوهه طاقتور جو آهي پر بار غريبن تي آهي. هن چيو ته غريب ماڻهو ڏينهن جي محنت کانپوءِ گهر ايندو آهي ته انهيءَ کي فيصلو ڪرڻو پوندو آهي ته اڌ ماني کائي يا چوٿ، کنڊ وٺي يا کير، دوا ڪٿان آڻي، پر اشرافيا جي ڪري ملڪ هن سطح تائين پهتو اڄ جڏهن خدا نه ڪري اٽو هڪ لک ڪلو ٿي وڃي ته اها وٺي سگهي ٿي پر غريب ماڻهو اٽو وٺڻ وڃي ٿو ته کيس پگهر نڪري وڃن ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان جا مالي وسيلا محدود ٿي چڪا هئا، اسان ڊيفالٽ کان بچي ويا آهيون، اڄ پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي. اسان وٽ بجليءَ جو مدي خارج نظام آهي، وڏا وڏا سيڙپڪار بجلي چوري ڪن ٿا ۽ تمام گهٽ اگهن ۾ بل ادا ڪن ٿا. ان سان پاڪستان کي ساليانو 4 سئو کان 450 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو. هن چيو ته جڏهن اقتدار سنڀاليو ته تاريخ جي بدترين ٻوڏ آئي، جنهن جي بحاليءَ لا اسان 100 ارب رپيا خرچ ڪيا جڏهن ته ٻوڏ متاثرن جو حق اسان اڄ به ادا نه ڪري سگهيا آهيون، ان جو سبب وسيلن جي سخت کوٽ آهي، جيڪڏهن هن قوم جي حالت تبديل ڪرڻي آهي ته ڪستو ڀڃڻو پوندو، شهنشاهي خرچ ۽ ڪرپشن کي ختم ڪرڻو پوندو.
ان کان سواءِ قومي اسيمبليءَ جي توانائي بابت ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ گذريل 15 مهينن ۾ 500 ارب کان وڌيڪ بجلي چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پارليامينٽ هائوس اسلام اباد ۾ اجلاس ۾ قائما ڪميٽيءَ جي ميمبرن سڄي ملڪ ۾ بجلي چوريءَ جي معاملي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. ڪميٽي ميمبرن ٻڌايو ته ڪاٿي موجب ملڪ ۾ 15 مهينن اندر 500 ارب رپين کان وڌيڪ بجلي چوري ڪئي وئي آهي. بجلي چوري خلاف ايڪشن به نه ٿيڻ جي برابر آهي. سڄي سال ۾ بجلي چوري بابت 55 هزار شڪايتون مليون آهن. ڪميٽي ميمبرن چيو ته 20 هزار بجلي جون ايف آئي آر داخل ٿيون، رڳو 528 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.
جيڪڏهن بجليءَ جي چورن اربن ۾ ٿي رهي آهي ته ان جو ازالو غريب کي ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو ڳرا بل ڀريندو آهي، جنهن لاءِ هاڻ بجليءَ جو هڪ يونٽ لڳ ڀڳ 50 رپين تي وڃي پهتو آهي. تنهنڪري هي معاملو ان اشرافيا جو ڪونهي، جيڪا هر حال ۾ خوش گذاري ٿي پر ان عوام جو آهي، جنهن لاءِ اٽو مهانگو آهي، جنهن لاءِ بجلي ڪونهي، جنهن لاءِ ڪي به بنيادي سهولتون ڪونه آهن. جيڪي انگ اکر وزيراعظم پيش ڪيا آهن، ڇا حڪومت ۾ ايتري همت آهي جو اها اشرافيا کان اهو پئسو وصول ڪري سگهي، جنهن جو بار عوام جي مٿان آهي.
گذريل ڪيترن سالن کان بجلي چوريءَ جو سلسلو هلندو پيو اچي پر ان کي روڪڻ توڙي انهن بلائن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ حڪومت تيار ڪونهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ غريب ماڻهن لاءِ مهانگي ترين بجلي آهي ۽ اهو ان اشرافيا جو ٽيڪس ڀري رهيو آهي، جيڪا نه رڳو چور آهي پر اها غريبن جي حقن تي ڌاڙو به هڻي رهي آهي.