اليڪشن ڪميشن جي ضلعي ڪمشنر به مختلف سرڪاري ادارن جي سربراهن کي خط لکي سندن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جا تفصيل گهري ورتا آهن. ان جو مطلب ٿيو چونڊون وقت تي ٿينديون يا عبوري حڪومت جو مدو وڌايو ويندو، جهڙي نموني ڪجهه حلقن پاران خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته معاشي يا سيڪيورٽي سبب ڄاڻائي ائين ڪيو ويندو، بهرحال اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪم وقت سر مڪمل ڪري وٺڻ جي رٿا تي عمل ڪري رهي آهي. حالانڪه ڪجهه وقت اڳ سپريم ڪورٽ کي چيو ويو هو ته نه سرڪار وٽ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ پيسا آهن نه وري سيڪيورٽي فراهم ڪندڙ ادارا اليڪشن عمل کي سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهن پر هاڻي الحمد لله نه پيسن جي کوٽ ۽ نه وري سيڪيورٽيءَ جو معاملو ڳڻتيءَ جوڳو آهي.
موجوده حڪومت ۽ اسيمبلين جو آئيني مدو پورو ٿيڻ جو وقت جيئن جيئن سوڙهو ٿيندو پيو وڃي، اها ڳالهه به اهميت اختيار ڪندي پئي وڃي ته عبوري حڪومت ۾ نيٺ ڪنهن کي آڻجي؟ ان سلسلي ۾ نيٺ ڪنهن تي ڀروسو ڪجي؟ ظاهر آهي جنهن ملڪ اندر انقلابي پارٽين جي يونٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي لاءِ به اعتماد جوڳو ماڻهو ڳولڻ ۾ ڪافي مٿي ڪُٽ ٿيندي هجي اتي عبوري حڪومت هلائڻ لاءِ وزيرِ اعظم يا وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڀلا ڪنهن به قسم جي غفلت ڪيئن ٿي ڪري سگهجي. عبوري حڪومت جو ڪم خيال رکڻ هوندو آهي ان ڪري اهو سوچڻ ته فطري عمل آهي نه ته ڪير ڪيترو سٺو خيال رکي سگهندو وغيره وغيره. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري به ننڊ ڦٽائيندڙ آهي جو موجوده حڪمران اتحاد جا اسٽيبلشمينٽ سان معاملا پوري طرح طئي نه ٿي سگهيا آهن. ان کان سواءِ پاڪستان تحريڪِ انصاف ۽ ان جي چيئرمين جو سياسي ۽ قانوني طور مستقبل ڇا هوندو؟ اهو سوال به لڳي ٿو ته وڃي عبوري حڪومت جي دور ۾ نبرندو. ان ڪري عبوري حڪومت هونءَ به ڪنهن ايري غيري جي حوالي نه ڪئي ويندي هئي پر هن ڀيري اهو معاملو اڃان وڌيڪ حساس بڻيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو مسلم ليگ نواز جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ٿيل اتحادي حڪومت پنهنجي 16 مهينن جي هاڻوڪي حڪمرانيءَ دوران سمورو عقل ۽ وسيلا بس ان تي پئي خرچ ڪيا آهن ته ايندڙ عام چونڊون (جيڪي هن سال آڪٽوبر مهيني ۾ ٿيڻيون آهن) ڪيئن کٽي سگهجن ٿيون.
عام چُونڊن جو سال هئڻ ڪري هر هڪ پارٽي پنهنجو ووٽ بينڪ وڌائڻ يا جيڪو اڳ آهي ان کي محفوظ بڻائڻ جي ڳڻتيءَ ۾ ورتل آهي. عوام جو ته هميشه خير ئي هو، عوام کي ڪنٽرول ڪرڻ وارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڳڻتي آهي. زرداري هجي، ترين هجي يا ڪو ٻيو، پوري ملڪ اندر پاڻ مرادو چُونڊجي سگهڻ جهڙن (اليڪٽبلز) اميدوارن جي ڳولا ۽ خريداريءَ ۾ مصروف آهن. جيڪي ماڻهو انهن جي سياسي طريقي کان مايوس آهن پر وٽن انهن جو ڪو متبادل به ڪونهي، اهي بيلٽ پيپر تي ان آپشن هئڻ جي حق ۾ آهن ته ووٽر هڪ ٻئي سان مقابلي ۾ بيٺل اميدوارن منجهان ڪنهن کي به ووٽ نه ڏئي. يعني اهو ووٽن واري ڏينهن گهر ته نه ويهي رهي پر کيس پولنگ اسٽيشن تي وڃي انهن اميدوارن منجهان مڙئي ڪنهن هڪڙي کي ووٽ ڏيڻ جو پابند به نه بڻايو وڃي جيڪي کيس قطعي پسند ڪونهن. ان جي ابتڙ کيس اهو موقعو ڏنو وڃي ته هُو چئي سگهي: انهن منجهان ڪو به نه. يعني آئون انهن سڀني اميدوارن کي رد ڪري رهيو آهيان. آئون جنهن اميدوار کي چُونڊ عمل ۽ ڊوڙ ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو اهو اوهان جي چُونڊ سرشتي جي ڪري ميدان ۾ لهي ئي نه ٿو سگهي وغيره.
عبوري حڪومت جي اڏاوت جي حوالي سان دبئي ۾ ملاقاتون جاري آهن. زرداري صاحب ۽ ميان نواز شريف سميت ٻنهي پارٽين جي اعلى قيادت مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري رهي آهي جنهن ۾ مستقبل بابت اهڙا فيصلا ڪيا ويندا جيڪي موجوده حڪومت جي ٻيهر قيام لاءِ سهڪاري بڻجن. جن فيصلن جي نتيجي ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته عام چونڊون وقت سر ٿين ۽ چُونڊن ۾ سوڀ انهن ساڳين ٽنهي پارٽين جي ٿئي جيڪي هاڻي به اتحادي حڪومت ٺاهيون ويٺيون آهن. ان ۾ وڏي رڪاوٽ ملڪي آئين به آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته عبوري حڪومت جو وزيرِ اعظم موجوده وزيرِ اعظم ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ گڏيل صلاح مشوري سان طئي ڪندا. هاڻي ظاهر آهي عمران خان کي مخالف ڌر جي اڳواڻ طور به قبوليت ناهي ملڻي ته پوءِ اهو فيصلو نيٺ ڪجي ڪيئن؟ مٿان وري اهو ڊپ الڳ آهي ته جيڪڏهن آئين جي لتاڙ ڪندي عبوري حڪومت جو مدو وڌايو ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ايندڙ وزيرِ اعظم بلاول ڀٽو پيو نظر اچي، ڀل ان لاءِ نواز ليگ سان آڌا تمهارا آڌا همارا يعني اڍائي سال اسان اڍائي سال توهان واري پاليسيءَ تي ڊيل يا ڪنهن ٻئي سان ڪجهه ٻيو ڪرڻو پوي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ اندر ڪو واضح خطرو ڪونهي پر ان هوندي به اسيمبليون ٽٽڻ کان ٻه ٽي هفتا اڳ هيٺيين گريڊ جون نوڪريون ڏيڻ ۽ گذريل سال جي مينهن ۽ ٻوڏ ستايلن کي 75 هزار روپين جي قسط جاري ڪرڻ جا دلاسا وغيره ان سلسلي جي ڪڙي آهن ته عوام کي بلڪل آڱوٺو ڏيکارڻ صحيح نه هوندو. ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو عوام بيزاريءَ منجهان جي ڊي اي يا تحريڪِ لبيڪ وغيره جي اميدوارن کي ووٽ نه ڏئي وجهي. پيپلز پارٽي گذريل 15 سالن کان سنڌ تي لڳاتار حڪومت ڪري رهي آهي. پارٽيءَ جو چوڻ آهي ته اها سندس ڪارڪردگي آهي جنهن ڪري سنڌ جو عوام بار بار کيس ووٽ ڏئي سوڀارو ڪري رهيو آهي جڏهن ته سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪردگي ڇا آهي؟ اهو هر ننڍو وڏو ڄاڻي ٿو. اصل ڳالهه اها آهي ته سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ جو ڪو متبادل ڪونهي ۽ ڪارڪردگي جيڪا به آهي سا ڀُٽي صاحب ۽ سندس ڪٽنب جي آهي جنهن ڪري لڳاتار ڪوششن باوجود عوام جي دلين منجهان ڀُٽي جي محبت ڪڍي نه پئي سگهجي.
جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي ايندڙ وزيرِ اعظم بلاول ڀٽو کي ڏسڻو آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي 61 سيٽن منجهان 45 کان 50 تائين سيٽون کٽڻيون پونديون. عام طور تي انهن 61 منجهان 21 سيٽون ايم ڪيو ايم ميڙي ويندي آهي. پر هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ کي انهن 21 سيٽن منجهه به حصيداري ڪرڻي آهي. ايم ڪيو ايم کي پوئتي ڌڪڻو پوندو. 2018 جي عام چُونڊن ۾ جڏهن اسٽيبلشمينٽ عمران خان جو سج ٿي اڀاريو تڏهن به سمورين مشڪلاتن باوجود ڪراچيءَ جي 21 سيٽن کي ڇڏي ڪري باقي بچيل 40 سيٽن منجهان پيپلز پارٽيءَ 33 سيٽون کٽي ورتيون هيون. ان اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جيڪي سيٽون هارايون هيون هاڻي انهن منجهان ٽن تڪن تي لڳ ڀڳ ڪم مڪمل ڪري ورتو ويو آهي. جيڪب آباد جي اين اي 196، گهوٽڪيءَ جي اين اي 204 ۽ ميرپور خاص منجهان سيد علي نواز شاهه سان ڪامياب ڳالهه ٻولهه ڪري معاملا سڌا ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت باقي هر هنڌ به ڪم جاري آهي. پنجاب ۾ حصو ڳنڍڻ ۽ بلوچستان کي مڪمل طور تي پنهنجو ڪري بلاول ڀٽو کي وزيرِ اعظم جي ڪرسيءَ تي ڏسڻ سندس والد جو خواب آهي جيڪو لڳي ٿو هن ڀيري پورو ٿي ويندو.