هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو حڪمرانن جو ننگرپارڪر تعلقي ۾ ڪارونجهر ڏونگر جي ڳاڙهي پٿر تي قدرتي طور فاسلز وانگر ڪاري جهري هئڻ ڪري ڪارونجهر سڏيو ويو. لوڪ ڪهاڻين ۾ ٻڌايل آهي ته هن ڏونگر ۾ناياب جڙيون ٻوٽيون، فاسلز ۽ 12 ندين مان وهي نڪرندڙ پاڻي ۽ پٿرن جي ذرن ذريعي هتي روزاني سوا ڪلو سون ملندو آهي. ارضياتي ماهرن ۽ باٽنيءَ جي ماهرن لاءِ ڪارونجهر اوپن ميوزيم جهڙي حيثيت رکي ٿو. هونءَ ته ڪارونجهر بابت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي باٽني ليب ۾ ڏيڍ سئو ٻوٽن جا نسل محفوظ ڪري رکيا ويا آهن. يونيورسٽين جي رپورٽن موجب ته هن خطي ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ ناياب جانور ۽ ٻوٽا موجود آهن. اسلام آباد ۾ مشهور باٽنيءَ جي پروفيسر ۽ يونيسڪو جي صلاحڪار ڊاڪٽر ظابطا خان شينواري مون کان خصوصي طور ڪارونجهر جي ٻوٽن بابت پڇيو هو. ننگرپارڪر ٻاروهي حڪمت ۽ باٽني وارن جو پسنديده هنڌ رهيو آهي. مون ڪارونجهر جي پهاڙين ۾ ڪيترائي حڪيم اڇي ڦلڙي وارو اڪ ڳوليندي ڏٺا آهن. جهنگلي جيوت کاتي وارن لاءِ پڻ هي خطو ناياب جانورن جي لحاظ سان قدرتي ميوزيم واري حيثيت رکندڙ آهي. ڪارونجهر مورن جي رهائش لاءِ قدرتي آماجگاه آهي. شام ٽاڻي ساڙڌري ۾ مورن جا ٽهوڪا الستي آواز وانگر ڏونگر ۾ گونجڻ لڳندا آهن. گوڙڌرو ندي ڏئي ساڙڌرو وڃڻ وارو گس نويڪلائيءَ ۾ عبادت ڪرڻ وارن جو رهيو آهي. مون کي حيرت پنجاب جي ان مخير صاحب جي درياءَ دليءَ تي ٿيندي آهي. جيڪو هر سال ٻه لک رپين جي ٻاجهري ڪاسٻي ۽ ڪارونجهر جي ٻين مندرن ۾ پوڄارين کي مورن جي خوراڪ لاءِ ڏيندو آهي. ننگر جي لوهارن ۽ سوٽهڙ واڍن تي ڪڏهن به حيرت نه ٿيندي آهي جو شام ۽ صبح مهل ڪم ان ڪري بند ڪري ڇڏيندا آهن ڇو ته مورن جي کاڌي کائڻ وقت ڪو ٺڙڪو ناهي ڪرڻو. ننگر پارڪر جي ماڻهن ۾ پکين لاءِ ايڏو اتساهه ۽ پيار جي پويان جين ڌرم جو پسمنظر رهيو آهي. مون کي خبر ناهي ته ثقافت کاتي وارن کي ننگرپارڪر جي ڊاڪيومينٽينشن ۾ جين دور ڳولڻ لاءِ ڪهڙين نشانين جي ضرورت آهي. جيني زراعت بدران واپار ڪندڙ آهن. هاري زمين کي چيري جيت جڻيا ماري ٿو ڇڏي. جهار ذريعي پکين کي چوڳي کان روڪي ٿو. گجراتي واپاري جو دنيا ۾ وڏي هاڪ رکڻ جو سبب سندن جيني هئڻ آهي. علي نواز کوسو پارڪر جي معنا ڪڇ جو رڻ پار ڪرڻ واري ڪڍندو هو. هو ٻڌائيندو هو ته رڻ پار ڪبو هو ته ننگر نظر ايندو هو. ان ڪري هن جو نالو پيو ننگرپارڪر. پارڪر جو گهه ۽ پارڪري گابن جي وڏي مارڪيٽ گجرات ۽ ڪڇ ڀڄ رهي آهي. علي نواز کوسي موجب روزاني هڪ هزار اٺ گجرات، سورت ۽ ٻين شهرن مان سامان کڻي ننگر ايندا هئا. پارڪر جي ڪولهين جي چوڻي آهي ته “گهر سڌرندو جوڌن يا گوڌن جي ڪري. پٽن يا ڍڳن جي ڪري.”
ارضياتي ماهرن موجب ننگرپارڪر جي پٿر جي عمر زمين جي ٺهڻ کان اڳ جي آهي. ماهرن موجب ڪارونجهر جي پٿر جي عمر چار ارب سٺ ڪروڙ سال آهي. ڪارونجهر جي ڪور مان 26 ارب ڪيوبڪ ٽن گرينائيٽ ڪوري ڪڍڻ جو فيصلو ٿيو آهي. ارضياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ سمنڊ مان سڀ کان پهرين ڌرتيءَ تي ڪارونجهر جبل ظاهر ٿيو. فلڪياتي ۽ جيالاجيڪل ماهرن جي تحقيق موجب گرينائٽ جا وڏا جبل هڪڙا مريخ تي ڏٺا ويا آهن ۽ ڌرتيءَ تي ڪارونجهر ۾ موجود آهن. هوڏانهن جرمنيءَ جي فلڪياتي ماهر ڊاڪٽر نذير خواجه موجب ته زمين تي زندگيءَ جي شروعات واري نظريي بابت اڃان بحث هلندڙ آهي. ماهرن موجب زندگيءَ جي شروعات زمين تي نه ٿي آهي. پر ڪنهن ٻئي سياري مان منتقل ٿي زمين تي پهتي آهي. سائنسدان ان ۾ يقين رکن ٿا ته زمين تي اها زندگي شهاب ثاقبن (پڇڙ تارن) ذريعي ئي منتقل ٿي هوندي. شهاب ثاقب ڌاتن، نمڪيات ۽ معدنيات جو ميڙ هوندا آهن. ان ڪري فلڪيات ۽ جيالاجيءَ جا ماهر گرينائيٽ جي پٿر کي شهاب ثاقب جي گهڻو ويجهو سمجهن ٿا.
ارضياتي تاريخ جي لحاظ سان ڪارونجهر جو گرينائيٽ وڏي اهميت رکندڙ آهي. ڪارونجهر جي گرينائيٽ کي اسان جا حڪمران فقط صنعتي اک سان ڏسن ٿا. پر فلڪياتي ۽ ارضياتي اک سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي ان خوبصورت ماڳ لاءِ شيخ اياز لکيو هو ته چترال تي هيلي ڪاپٽر سروس هلي ٿي، پر ڪارونجهر لاءِ اها سروس ڇو نٿي هلائي وڃي. شيخ اياز ٿر جي اهڙي ڏک واري ڪيفيت لاءِ چيو آهي.
ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو، سائو نه سلڙو، ڇانگون نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا.