وفاقي حڪومت ويندي ويندي عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي في ليٽر 19 روپيه 95 پئسن جي وڏي واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس دوران تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو. اسحاق ڊار موجب پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ کان پوءِ في ليٽر پيٽرول جي قيمت 272.95 روپيه ٿي وئي آهي. اسحاق ڊار ٻڌايو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 روپيه 90 پئسا واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 273 روپيه 40 پئسا ٿيندي نيون قيمتون فوري طور تي لاڳو ٿينديون. اسحاق ڊار ٻڌايو ته گذريل رات پيٽروليم شين جون قيمتون مقرر ڪرڻيون هيون. عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ واري تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. جنهن کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف سان مشاورت ڪئي وئي جنهن کان پوءِ اهو فيصلو ٿيو ته قيمتن ۾ گهٽ کان گهٽ هيٺ مٿانهين ڪئي وڃي. ملڪي مفادن کي آڏو رکندي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير چيو ته اسان آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ آهيون. ان لاءِ اهڙا فيصلا نٿا ڪري سگهون جنهن سان ملڪ پريشانين جو شڪار ٿئي. ملڪي مفاد کي سامهون رکندي پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسحاق ڊار چيو ته ماضيءَ ۾ به اهوئي مسئلو ٿيو ته حڪومت ويندي ويندي معاهدي کي پورو نه ڪيو ان ڪري اسان کي آءِ ايم ايف سان پيٽروليم ليوي بابت ڪمٽمينٽ ڪرڻي پئي.
ٻئي طرف اطلاعات کاتي جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيٽرول وڌائڻ جا 2 سبب آهن. عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون وڌيون جنهن سبب پاڪستان ۾ به قيمتون وڌايون ويون. اسان کي خبر آهي ته هڪ هفتي کان پوءِ اسان جي حڪومت ختم ٿي ويندي. رات تائين فيصلو ان ڪري نه ڪيو ويو ته وزيراعظم جي ڪوشش هئي ته گهٽ کان گهٽ قيمتون وڌايون وڃن.
پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي واپارين جو به رد عمل سامهون اچي ويو آهي. واپارين مطالبو ڪيو آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ ايتري وڏي واڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. حڪومت فوري طور تي بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ ظالماڻو اضافو واپس وٺي. واپاري اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن قيمتن ۾ اضافو واپس نه ورتو ويو ته ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪنداسين لڳي ٿو ته عام چونڊن دوران مختلف تڪن ۾ پنجاهه پنجاهه ڪروڙ جا فنڊ پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن سان پورا ڪيا ويندا. خدا جي لاءِ سمورن ترقياتي فنڊز تي پابندي لڳائي عوام کي ريليف ڏنو وڃي. واپاري اڳواڻ وڌيڪ چيو ته عوام ۾ هاڻ دوائون خريد ڪرڻ جي به طاقت نه رهي آهي. ملڪ ۾ معاشي سرگرميون ختم ٿي چڪيون آهن جنهن جو حڪمرانن کي احساس نه آهي. اهڙو نظام آندو وڃي جنهن ۾ ايماندار ماڻهن تي ٻڌل 10 وزيرن جي ڪابينه هجي. واپاري اڳواڻن جي مرڪزي تنظيم جي صدر چيو ته حڪومت فوري طور تي بجلي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو ظالماڻو اضافو واپس وٺي، ٻي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاج شروع ڪنداسين. حڪومت مفت بجلي، گيس بند ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي مفادن لاءِ مختلف قانونسازيون ڪري رهي آهي. حڪمرانن جون عياشيون وڌي رهيون آهن عوام کي ٻن وقتن جي ماني به نه پئي ملي.
پيٽرول اگهن ۾ نئين واڌ اصل ۾ عوام کو جيئڻ جو حق کسڻ وارو عمل آهي. سڀ ڪجهه قومي مفاد ۾ ٿي رهيو آهي پر قرباني جو ٻڪرو به عوام ئي بڻايو پيو وڃي. جڏهن ته حڪمرانن جي مراعتن کي ڪو به لهر لوڏو ڪونهي.