ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪ چين دوستيءَ جو دائرو

Editorial-Article- Umer Qazi

پاڪستان جي اها خوشنصيبي آهي ته هن کي تمام وڏيون حاصلاتون بنا ڪنهن وڏي محنت ۽ قربانيءَ جي ڪري مليون آهن. انهن عاليشان حاصلاتن ۾ هڪ حاصلات چين جي دوستي به آهي.

چين جهڙي عجيب ۽ تمام محنتي ملڪ جو پاڙيسري هجڻ به گهٽ فخر جي ڳالهه ناهي پر چين جا پاڙيسري ته ٻيا ملڪ به آهن. افغانستان به چين جو پاڙيسري ملڪ آهي. انڊيا جو مثال ته تمام گهڻو اهم آهي. چين ۽ ڀارت جا پاڻ ۾ سرحدي لاڳاپا تمام ويجها هجڻ جي باوجود انهن ٻن ملڪن جي وچ ۾ جيڪي دوريون آهن، انهن جو تذڪرو هڪ ڪالم ۾ ڪري نه ٿو سگهجي، ان جي لاءِ ته پورو ڪتاب گهرجي. چين جي سرحد ڀارت سان مليل آهي پر ان سرحد تي سدائين هڪ جنگ جو خوف رهيو آهي. چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ جنگ به ٿي چڪي آهي. جڏهن ته هن مهل به چين ۽ ڀارت جي فوجين جون جهڙپون ٿينديون رهن ٿيون. انهن مان ڪي رپورٽ ٿين ٿيون ۽ ڪي ته رپورٽ به نه ٿيون ٿين. ڇو ته اهو ٻن ملڪن جي فوجن لاءِ روز جو معمول آهي. جڏهن ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڪڏهن به اهڙي ڪا افسوسناڪ ڳالهه نه ٿي آهي. جڏهن ته تمام ويجهي پاڙيسريءَ سان ڪا اوچائي ۽ نيچائي ٿي سگهي ٿي. پاڪستان جي سلسلي ۾ ڪڏهن به اهڙي ڳالهه رپوٽ نه ٿي آهي. اها ڪنهن به ملڪ جي لاءِ تمام اهم شيءَ آهي.

چين جي سلسلي ۾ اسان کي اها ڳالهه به ذهن نشين رکڻ گهرجي ته پاڪستان منڍ کان وٺي آمريڪا جي ڪيمپ ۾ رهيو آهي. جڏهن پاڪستان وجود ۾آيو هو ته دنيا جي ٻن سپر پاور ملڪن پاڪستان کي پنهنجي پاسي ٿيڻ جي آڇ ڪئي هئي. هڪ ملڪ روس يعني سوويت يونين هو ۽ ٻيو ملڪ آمريڪا هو. پاڪستان روس جي آفر ٺڪرائي ۽ آمريڪا سان تعلق رکڻ جو فيصلو ڪيو. ان سلسلي ۾ پاڪستان جا آمريڪا سان ٻه وڏا معاهدا به ٿيا. ان کان پوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعلقات علائقائي ۽ عالمي سياست جي حوالي سان سدائين هيٺ مٿي ٿيندا رهيا آهن. هڪ وقت اهڙو به آيو آهي جو آمريڪا ۽ پاڪستان پاڻ ۾ هڪ جسم ۽ هڪ جان به نظر آيا آهن. اهو گهڻو ڪري ان وقت ٿيو هو، جڏهن آمريڪا جو پاڪستان ۾ تمام وڏو ڪم ڦاٿو هو. هڪ ته جڏهن روس جون فوجون افغانستان ۾ موجود هيون ۽ آمريڪا کي خوف هو ته روس اتي رڪبو نه پر اڳتي وڌندو. ان ڪري هن پاڪستان کي روس جي خلاف فرنٽ لائن اسٽيٽ جي طور تي اڳيان آندو ۽ پاڪستان پنهنجا مفاد ڏسي آمريڪي جي اها پيشڪش وڏي دل سان قبول ڪئي. پوءِ اسان ڏٺو ته ڪهڙي طرح هڪ ڊڪٽيٽر جي دور ۾ به آمريڪا پاڪستان جي مٿان ڊالرن جا مينهن وسائيندو رهيو. جڏهن سوويت يونين افغانستان مان ٻاهر نڪتو ۽ هن جو سوشلسٽ وجود به ختم ٿي ويو ته ان کان پوءِ آمريڪا پاڪستان کي نه صرف پٺ ڏني پر پاڪستان سان تمام تلخ تعلقات به رکيا. آمريڪا اهو به ڪيو ته هن ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ڀارت کي سڏي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو. اهو سڀ ڪجهه پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻو تڪليف وارو عمل هو پر پاڪستان وٽ برداشت ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن نه هو.

آمريڪا پاڪستان جي طرف ان وقت تمام وڏي اڪير سان متوجهه ٿيو، جڏهن آمريڪا ۾ نائن اليون وارو واقعو ٿيو ۽ آمريڪا تمام گهڻو خوف جو شڪار ٿي ويو ۽ هن کي محسوس ٿيو ته هن جو ملڪ هاڻي محفوظ ناهي. جڏهن ان حملي کي القاعده پنهنجي ڪارروائي طور تي تسليم ڪيو ۽ ان وقت جڏهن القاعده جو اڳواڻ اساما بن لادن افغانستان ۾ هو. ان وقت به افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت هئي ۽ آمريڪا پاران ان وقت جي سربراهه ملا عمر کي تمام گهڻو چيو ويو ته هو اساما بن لادن جي ٻانهن آمريڪا حوالي ڪري پر ملا عمر ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي طرح آمريڪا افغانستان جي مٿان مڇرجي پيو ۽ ان وقت پاڪستان ۽ آمريڪا جي دوستيءَ جو هڪ نئون باب وجود ۾ آيو.

آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جيڪي لاهيون چاڙهيون آيون آهن، انهن کي نظر ۾ رکي جڏهن اسان پاڪستان ۽ چين جي دوستيءَ کي ڏسون ٿا ته اسان کي دنيا ۾ اهڙو ڪو مثال مشڪل سان به نه ٿو ملي جو ايتري عرصي ۾ به ان رشتي کي ڪو نقصان نه رسيو آهي. پاڪستان ۽ چين جو پاڻ ۾ ڪڏهن ڪو ٽڪراءُ ته ٿيو ئي ناهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ سرد مهريءَ جي پيدا ٿي پوندي آهي. اها سردمهري اسان کي ان مهل به نظر آئي، جڏهن سي پيڪ جو سلسلو پهرين ڪورونا جي ڪري ۽ ان کان پوءِ نامعلوم سببن جي ڪري پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پيڪ جو معاملو ٺري ويو. ان سلسلي ۾ ڪنهن جي ڪهڙي راءِ آهي ۽ ڪنهن جي ڪهڙي راءِ آهي. پر اهم ڳالهه اها آهي ته ان باري ۾ هن مهل تائين چين ڪجهه به نه چيو آهي. هن وقت جڏهن پاڪستان معاشي طور تي تمام گهڻي تڪليف ۾ آهي ۽ جڏهن هن جي مٿان آءِ ايم ايف تمام ڀاري شرطون وجهي هن جي آزاد حيثيت کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان مهل چين سي پيڪ جي ٻيهر سرگرمي وڌائڻ جي سلسلي ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان کي ڏسي اسان کي بنا ڪنهن شڪ جي اهو پهاڪو ياد اچي ويو آهي ته “دوست اهو جيڪو مشڪل ۾ ڪم اچي” چين پاڪستان جو مشڪل حالتن وارو دوست آهي.

چين پاڪستان طرف پنهنجو نائب وزيراعظم موڪلي سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه کي هڪ موقعو بڻائي پاڪ چين دوستيءَ جو نئون باب رقم ڪرڻ لاءِ جيڪو قدم وڌايو آهي، ان سان پاڪستان ۾ تمام گهڻي اميد پيدا ٿي آهي. ڇو ته پاڪستان معاشي بحران سبب تمام گهڻي دٻاءَ ۾ هو. پاڪستان جو عوام مهانگائيءَ جي ڪري تمام مشڪل حالتن جو شڪار هو. اهڙي مايوسيءَ جي دور ۾ چين جي آمد بهار جي جهوٽي جهڙي آهي. اهوئي سبب آهي ته پاڪستان جي اقتصادي طور تي نئين دور ۾ داخل ٿيندو ڏسي پاڪستان جا دشمن تمام گهڻو پريشان ٿي ويا آهن.

باجوڙ ۾ دهشتگرد ڪارروائي به ان پريشانيءَ جو مظهر آهي. ڇو ته پاڪستان جا دشمن اهو ڏسي تمام گهڻو مايوس ٿي رهيا آهن ته سي پيڪ جي اها گاڏي جيڪا پاڪستان کي هڪ سکي منزل تي پهچائڻ واري هئي سان پٽڙيءَ تان لهي وئي ۽ اها جڏهن هلڪ ڀيرو ٻيهر پٽڙيءَ تي چڙهي وئي ۽ ان جو نئين سر افتتاح ڪرڻ لاءِ چين جي اهم سرڪاري شخصيت اتان جو نائب وزير اعظم پاڻ به موجود هو ته اهو منظر پاڪستان جي مخالفن لاءِ قابل برداشت نه ٿيو ۽ پاڪستان جي پهاڙي علائقي ۾ هڪ وڏو خودڪش حملو ڪيو ويو، پاڪستان جي پنهنجي سرحدن ۾ امن قائم ڪرڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو. اهو ان ڪري به اهم ٿي ويو آهي جو پاڪ چين دوستيءَ جو دائرو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشادو ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button