ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سرڪاري پلاٽن تي ٿيندڙ قبضا

Editorial

ملڪ ۾ ڪنهن خالي پيل جاءِ يا پلاٽ تي قبضو ٿيڻ عام ڳالهه آهي. هتي قبضا مافيا ايتري زور آهي جو اها راندين جي ميدانن، پارڪن لاءِ رکيل زمين ۽ لائبريريءَ جي پلاٽن تي قبضو ڪندي دير ڪونه ڪندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو ماڻهو ڀوڳيندا آهن پر ان سان حددخلين ۾ واڌ ٿيندي آهي، شهرن جا نقشا پڻ تبديل ٿي ويندا آهن پر قبضا مافيا پنهنجي عادت ڪونه ڇڏيندي آهي. ايستائين جو سرڪاري زمينن تي قبضو ڪرڻ به هاڻ عام ڳالهه بڻجي ويو آهي. پلاٽن تي قبضن ۾ رڳو قبضا مافيا ملوث ڪندي پر عام ماڻهو به ملوث رهيو آهي ۽ ان جي نفسيات به ساڳي آهي. تنهنڪري جنهن کي جتي وجهه ملي ٿو اهو اتي قبضو ڪرڻ کان ڪيٻائي نٿو. ڪراچيءَ ۾ صورتحال ان ڪري به خراب آهي جو اتي قبضا مافيا کان ڪو پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪونهي. جنهنڪري ان جو من ايترو وڌي ويو آهي جو اها جتي به قبضو ڪرڻ چاهي ته ان کي ڪو روڪڻ وارو ڪونهي ۽ نه ئي ان لاءِ سرڪاري پلاٽن تي قبضو ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو آهي. ڪالهه هڪ خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب نيب ڪراچيءَ ۾ رهائشي ۽ ڪمرشل پلاٽن تي بي ضابطگين خلاف ڪارروائي لاءِ متحرڪ ٿي ويو آهي.
قومي احتساب بيورو (نيب) هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ قيمتي رهائشي، ڪمرشل پلاٽن ۾ بي ضابطگين خلاف ڪارروائي لا متحرڪ ٿي ويو آهي. گلستان جوهر بلاڪ 6 ۾ اربين رپين جي پلاٽن تي قبضي جي جاچ شروع ڪئي وئي، نيب ڊائريڪٽر جنرل کي خط لکي پلاٽن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. لينڊ ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڪي ڊي اي عملدارن گلستان جوهر کي چائنا ڪٽنگ جو علائقو بڻائڻ جو ذميوار آهي. ايڪس سي اين اورنگزيب جو نالو ڪيترن ئي ايف آءِ آرز ۾ آهي، جڏهن ته سندس خلاف اينٽي ڪرپشن جا ڪيس به هلندڙ آهن، درخواستن باوجود به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، اختيارين کيس اڃا تائين اهم عهدي تي مقرر ڪري رکيو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب گلستان جوهر ۾ قيمتي رهائشي، ڪمرشل ۽ ڪمرشل پلاٽن ۾ ڦيرڦار بابت وڌندڙ شڪايتن تي نيب حرڪت ۾ اچي ويو آهي. نيب پهرين مرحلي ۾ بلاڪ 6 جي پلاٽن خاص ڪري پلاٽ نمبر پي بي ايس ٽي اي ون کي ضبط ڪيو ويو آهي، پلاٽ نمبر پي بي ايس ٽي 2 جي حوالي سان سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. ڄاڻايل پلاٽ سرڪاري عمارت ۽ اسپتال جا پلاٽ آهن. ايڪسئن گلستان جوهر اورنگزيب ۽ غلام محمد گلستان جوهر ۾ قيمتي پلاٽن تي قبضا ڪري رهيا آهن.
ڪابه سرڪاري ملڪيت اصل ۾ عوام جي ملڪيت هوندي آهي، تنهنڪري ان تي قبضو ڪرڻ جو مطلب عوام جي ملڪيت تي قبضو آهي. ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن نيب ان معاملي تي متحرڪ ٿيو آهي ته ان کي سڄي سنڌ ۾ متحرڪ ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ ۾ سرڪاري پلاٽ قبضن هيٺ آهن. قبضو ڪندڙڻ خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ کين قانون موجب سزائون ڏيارڻ لاءِ نيب کي هر حال ۾ پنهنجو ڪردار نڀائڻ گهرجي ته جيئن انهن زمينن تان قبضو ڇڏرائي سگهجي ۽ شهرن کي قبضا مافيا کان بچائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button