هتي ايندڙ سياح ٽائرن ۾ بيرنگ لڳل بيل گاڏيءَ کي ڏسي ان تي ويهڻ واريون تصويرون ڪڍائيندا آهن. اهي بيل گاڏيون ڪاسٻي ۾ هارپو ڪندڙن وٽ ڏسڻ لاءِ ملي سگهن ٿيون. ڪاسٻي ۾ ٻوليءَ کانسواءِ ڄاڻايل بيل گاڏيءَ به گجرات کان پهتي هئي. هاڻ وڌيڪ اهڙيون گاڏيون ٺاهڻ وارا ڪاريگر نه هجڻ، يا وري لوڊرن واري نئين ٽيڪنالاجي اها جاءِ والاري ورتي آهي. پر اهڙيون نيون بيل گاڏيون ڪاسٻي جا زميندار ڪونه ٿا وٺن. جڏهن ته اتر سنڌ ۾ ته اڃان به ٽي هزار سال قديمي موهن جي دڙي واري بيل گاڏي هلندڙ آهي. هن ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ ايڏي پراڻي قدامت وارو اوزار خود وڏي عجوبي واري حيثيت رکندڙ آهي. ڪاسٻي جو شو مندر، مورن جا ٽهوڪا ڏيندڙ ولر، مندر ۾ چپ جو روزو رکي ويٺل مجاور کان سواءِ قديم نمون ۽ قديم ڄار جا وڻ ديوتائن جهڙو ڏيک ڏيندا آهن. انهن وڏن وڻن جي هيٺان ڳائيندڙ نابين راڳي يوسف فقير، جنهن جو ڳايل سارنگ وارو راڳ به ڪير وساري نٿو سگهي. ڄائي ڄم کان نابين فنڪار يوسف فقير کي قدرت اهڙي تيز حس ضرور ڏني آهي، جو هو سانوڻ جي وسڪاري جا سمورا سانگ پنهنجي روح سان ڏسي سگهندو آهي. راما پير جي مندر تائين پڪو روڊ ٺهڻ کان پوءِ سياحن جو گهڻو اچڻ رامان پير جي مندر تي ٿئي ٿو. يوسف فقير هاڻ شو مندر بدران رامان پير مندر جي وڻن هيٺان ويهي راڳ جي محفل مچائي ٿو.
ننگرپارڪر هڪ پيالي نما جبل آهي. جتان 12 نئيون ڪارونجهر جي چئني ڏسائن ۾ برساتي پاڻي وهائي رڻ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. ننگرپارڪر جي سگهڙ نما ڏاهي الهرکئي کوسي جو چوڻ آهي ته اهي نديون لاڳيتو رڻ کي پوئتي ڌڪينديون رهيون آهن. نه ته رڻ ننگر جي سائي ستابي پٽ تي چڙهي وڃي. ننگر پارڪر جي هر نيئن تي چارڻن، سگهڙن کان وٺي جديد شاعرن شاعري ڪئي آهي. سروپ چند شاد ۽ شيخ اياز کان وٺي ڀارو امراڻي، ناشاد سمون ۽ ٻين شاعري ڪئي آهي. برج برج ڀٽياڻي، گرج گرج ڀٽياڻي. سنڌوءَ جون سلطنتون ڪتاب جي ليکڪا ايلائيس البينا لکي ٿي ته تبت کان کاري ڇاڻ تائين شاعري ۽ ثنا خواني جيتري سنڌوءَ تي ٿئي ٿي، اوتري ڪنهن ديوتا تي به نٿي ٿئي. مون ساڳي ڳالهه ڪارونجهر بابت ڏٺي آهي. ڪارونجهر جي ندين کان وٺي ان جي جمالياتي حسن تي جيتري ساراهه ۽ ثنا خواني، چارڻن، ڀٽن، سگهڙن ۽ شاعرن ڪئي آهي. ان جو مثال نٿو ملي. سنڌ ۾ گهڻي کان گهڻا يعني 65 ڊيم به ننگرپارڪر جي نندين تي جوڙيا ويا آهن. چاچي نواز علي کوسي جي صلاح سان ننگرپارڪر ۾ ڊيم جوڙڻ جو تصور به سڀ کان پهرين جاويد جبار ڏنو هو. جنهن 1994ع ۾ پهريون مايا ڊيم جوڙايو هو. ٻانهن ٻيلي وڌيڪ ست ٻيا ڊيم به ٺهرايا هئا. مرحوم محمد خان مريءَ کي ننگرپارڪر جا ماڻهو ان ڪري به اڄ به ياد ڪن ٿا ته جو هن ايڏي ته دلجوئي سان ڊيمن جي ڪم جي نگراني ڪئي، جو سانوڻي جي مند کان اڳ ۾ ڊيم جو ڪم مڪمل ڪرڻ واري ڀڄ ڊڪ سبب پنهنجي سڪيلڌي ڌيءَ جي شاديءَ ۾ به شريڪ نه ٿي سگهيو هو. پوءِ سنڌ جي صوبائي حڪومت وڌيڪ ڊيمن جو ڄار وڇايو ته جيئن ننگر جي پٽ ۾ جر جو پاڻي وڌي سگهي. رڻ جي ڪنڌيءَ تي واقع هجڻ سبب ننگر جو جر کارو آهي. ننگرپارڪر ۾ بجلي اچڻ کان پوءِ هر کوهه تي موٽرون لڳڻ جو رواج وڌي ويو آهي. ان ڪري جلدي ۾ جر سڪي وڃڻ سبب ڪاسٻو ڪئين ڀيرا ڏڪار جي وڪڙ ۾ به آيو آهي. مينهن نه پيو ته ڪاسٻي جي جر ۾ پيئڻ جو پاڻي به ملي نه سگهندو آهي. جر جو رزروائر هاڻ هڪ ئي وقت هر آبادگار پنهنجي پوکي تي موٽر لڳائي ڪڍي وٺي ٿو. ان کان اڳ ۾ هر آبادگار ڍڳو نار ۾ جوٽي گهرج موجب کوهن مان پاڻي کڻندو هو.
ساڳي ريت ننگر پارڪر تائين پڪو روڊ ٺهڻ ۽ بجلي پهچڻ کان پو ڪارونجهر جي معدنيات جن ۾ چائنا ڪلي، اڇو چن، گرينائيٽ وارو پٿر ڪڍڻ ۽ کڻڻ سولو ٿي پيو آهي. بجلي اچڻ کان پوءِ وڏيون وڏيون ڳريون مشينون جبل کي پاڙئون وڍڻ جي طاقت رکندڙ پهتيون آهن. ننگرپارڪر ۾ روڊ ۽ بجليءَ جي پهچڻ کان اڳ ۾ ساڌن ۽ سنتن لاءِ نويڪلائيءَ ۾ ڪارونجهر جي ساڙڌري ۾ عبادت ۽ رياضت جو رواج رهيو آهي. ان رياضت ۾ فقط گوڙڌرو نديءَ جي وهڪري ۽ مورن جي ٽهوڪن وارو پڙلاءَ واري موسيقي جو ردم موجود هوندو هو. ڪارونجهر جو ڳاڙهسرو ۽ ڪاري جهري وارو ديوتائن جي مورتين وارو ڏيک ڏيندڙ گرينائيٽ ڪارونجهر هاڻ ڳرين مشينن جي اک ۾ لاڳيتو اٽڪي بيٺو آهي. (پورو ٿيو)