انتظار حسين جي ڪتاب جستجو ڪيا هي؟ جي ٽائٽل تي لکيل آهي ته اهو سوانح حيات آهي. پر ڪتاب جي پڇاڙي ۾ ليکڪ پاڻ اهو فيصلو نه ٿو ڪري سگھي ته اهو آتم ڪٿا آهي، سفر نامو آهي يا اڃا به ٻي ڪا صنف آهي. سندس چوڻ آهي ته پڙهندڙ پاڻ اهو فيصلو ڪن ته اهو ڇا آهي. ڇاڪاڻ ته هو ته بس لکندو ويو آهي. ان ۾ نه هن پنهنجي ذاتي ۽ خاندان جي زندگي کي پوري ريت آندو آهي ۽ نه ئي ان ۾ سندس خاص طور يورپ، آمريڪا ۽ ڪينيڊا وغيره جا سفر شامل آهن.
ان ڪتاب ۾ لاهور جي ادبي ماحول جي حوالي سان سندس ڪتاب چراغون ڪا دھوان جو ڪجهه ورجا به ملي ٿو پر گھڻي ڀاڱي اهو پنهنجي ليکي هڪ ڌار ڪتاب آهي.
وقت سان گڏ شيون ۽ جايون وغيره تبديل ٿينديون رهنديون آهن. ورهاڱي جي ڪري ڀارت ۽ پاڪستان جي شهرن وغيره ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن. نه رڳو گھرن جا مڪين پر گھر، روڊ رستا ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه تبديل ٿي ويو آهي. جيڪڏهين ورهاڱو نه به ٿئي ها ته پو به انهن شين کي تبديل ٿيڻو هو ۽ اهي ساڳيون نه رهن ها.
هونئن ته ليکڪ کي جڏهين ڪنهن پروگرام لا سڏايو ويندو هو ته کيس هڪ يا ٻن شهرن جي ويزا ملندي هئي پر کيس جڏهين پريم چند فيلو شپ ڏني ويئي ته ان تحت کيس گھڻين جاين ڏسڻ ۽ گھمڻ جو موقعو ملي ويو. هن اجنتا الورا جون غارون ۽ اتان جي فن کي اڳ به ڏٺو هو. پر هن ڀيري سندس چوڻ آهي ته وڏي عمر جي ڪري سندس لا ٽڪرين تي مٿي وڃڻ ڏکيو هو. ڪجهه پنڌ ته کيس ڪهار کڻي هليا پر پو ان ڊپ کان ته ڪٿي انهن جو پير وير نه نڪري وڃي هو ان تان لهي پاڻ هلڻ لڳو ۽ قديم دور جي انسان جا ٺهيل اهي شاهڪار هن هڪ ڀيرو وري ڏٺا.
هڪ ڀيري هو آصف فرخي سان گڏ حيدرآباد دکن ۾ هو. هوٽل جي لفٽ ۾ سوار ٿيڻ وقت هڪ عورت وڄ وراڪي وانگر تيزي سان لفٽ ۾ داخل ٿي ۽ سندن وچ ۾ بيهي رهي. جڏهين منٽ ٻن کان پو لفٽ گرائونڊ فلور تي پهتي ته اها ساڳي تيزي سان نڪري ويئي. استقباليه واري کين ٻڌايو ته هي جيڪا عورت اوهان سان لفٽ ۾ هئي اها ماڌوري ڊڪشت هئي. انهن جيسين ڪنڌ ورائي ان کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي تيسين اها پارڪنگ لاٽ مان پنهنجي گاڏي ۾ ويهي وڃي چڪي هئي.
ليکڪ پنهنجي ما پي جو اڪيلو پٽ هو. کيس ڀينر ته هيون پر سندس ڪو ڀا نه هو. ساڳي ريت کيس پنهنجو ڪو اولاد نه هو ۽ پنهنجين ڀيڻن ۽ انهن جي ٻارن جي وڌيڪ ويجھو هو. هڪ ڪل وقتي صحافي ۽ ليکڪ ۽ گھڻو ڪري ادبي دورن ۽ سفر ۾ هئڻ جي باوجود هو پنهنجي زال جي گھڻو ويجھو ۽ ان جو خيال ڪندو هو. هو گھڻن سفرن ۽ ايستائين ته بيماري جي حالت ۾ به ساڻس گڏ هوندي هئي. ان حوالي سان اي آر وائي پاران ايوارڊ ڏيڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته کيس ان سلسلي ۾ ڪراچي وڃڻو هو. سندس زال جو بيمار هئڻ باوجود اهو اصرار هو ته ساڻس گڏ هلندي. ايئرپورٽ تي جنهن ڇوڪري سندس وهيل چيئر پي هلائي اهو بورڊنگ ڪارڊ لا انتظار ڪندي غائب ٿي ويو. هو پريشان ٿي ويو ته هاڻي ڇا ڪجي. ايتري ۾ اشفاق احمد ۽ بانو قدسيه ايندي نظر آيا جيڪي پڻ ان ساڳي تقريب ۾ شرڪت لا ڪراچي وڃي رهيا هئا. انهن کي جڏهين اها خبر پيئي ته اشفاق احمد چيو ته اسان جي ڀيڻ اسان سان هلندي. اهي ٻيئي زال مڙس ان کي وهيل چيئر تان اٿاري پاڻ سان جهاز ۾ وٺي ويا. زال جي وفات کانپو پنهنجن آخري ڏينهن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته سندس نوڪر هارون ساڻس گڏ هوندو هو. سندس ڏينهن ان ريت گذرندو هو ته هو پنهنجي معمول موجب صبوح سج نڪرڻ کان اڳ واڪ ڪرڻ، گلن ٻوٽن کي ڏسڻ ۽ پکين جي لات ٻڌڻ لا جناح گارڊن هليو ويندو هو. واپس اچي وهنجي سهنجي نيرن ڪري پنهنجو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هو. ٻنپهرن جي ماني کائي ٿوري دير آرام ڪري وري لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هو. جيئن ته هاڻي ٽي هائوس وغيره وارو ماحول نه رهيو هو ان ڪري شام جو دوست وٽس ڪچهري لا ايندا هئا ۽ اهڙي ريت ڏينهن پورو ٿيندو هو.