ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ماڻهو ۽ ماحول

Editorial-Article- Ajaz Mangi

بي بي سي سروس جي نظر ۾ اها خبر تمام گهڻي اهم هئي. اها خبر جيڪا هفتو اڳ واري برسات جي حوالي سان هئي. اها برسات جيڪا ايبٽ آباد ۾ پئي. پر جنهن کي به ايبٽ آباد جي حوالي سان ڪجهه پروڙ هوندي، تنهن کي معلوم هوندو ته اهو شهر جڙيو ئي ان لاءِ هو ته جيئن ان مٿان مسلسل مينهن وسندا رهن ۽ زندگي به روان دوان رهي. منهنجي پنهنجي زندگيءَ جا پورا ٻه سال ان شهر جي برساتي شور ۾ گذريا آهن. ايبٽ آباد جي برسات جڏهن وسندي هئي، تڏهن اها اسپينش ٻوليءَ جي شاعر پابلو نرودا جي ان آتم ڪهاڻيءَ جي ياد ڏياريندي هئي، جنهن ۾ هن لکيو هو ته: آئون پنهنجي ٻالڪ پڻي جا اهي ڏينهن ڪنهن به صورت وساري نه ٿو سگهان، جن ۾ فطرت اسان جي مٿان پلٽجي پوندي هئي ۽ خاص طور تي اهي ٽڪائو مينهن، جيڪي ايتري ته لاٽ سان وسندا هئا جو اهو نه لڳندو هو ته آسمان مان پاڻيءَ جون بوندون برسي رهيون آهن پر اهو محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ آسمان مان پاڻيءَ جي ڌاڳا ڌرتيءَ تي لڙڪي رهيا هجن!! اهڙو روپ سروپ هوندو آهي، ان برسات جو، جيڪا هڪ انگريز فوجيءَ جي نالي واري شهر مٿان مسلسل وسندي آهي. اهو شهر جنهن ۾ برسات ماڻهن جي زندگيءَ جو اڻٽٽ ۽ ضروري انگ آهي.
بي بي سي مطابق تازي برسات سبب شهر جا ڪيترائي پاڙا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا هئا ۽ ماڻهو پنهنجا ٻچا وٺي گهر جي ڇتين تي چڙهي ويا هئا. جڏهن ته صدر ايوب جي نالي سان جڙيل ايوب ڪامپليڪس واري مشهور اسپتال ۾ به پاڻي گهڙي پيو هو ۽ مريضن جا بيڊ به پاڻيءَ ۾ لڙهندا نظر آيا. جڏهن برسات ايبٽ آباد جهڙي شهر جو اهڙو حشر ڪري ڇڏي، تڏهن اها تمام وڏي خبر بڻجڻ کپي.
هن وقت ايبٽ آباد نارمل آهي. پاڻي نڪري ويو آهي. پر سوال اهو آهي ته اهو سڀ ڇو ٿيو؟ ان جو سبب صرف هڪ نه پر ٻه آهن. هڪ ته ايبٽ آباد جي آباديءَ ۾ تمام گهڻو اضافو آيو آهي ۽ اهو اضافو بي ترتيب گهرن جڙڻ جو سبب بڻيو آهي. ان ڪري ايبٽ آباد ۾ برسات جا فطري نيڪال وارا رستا نه صرف رڪجي ويا آهن پر انهن کي بيدرديءَ سان دفن ڪيو ويو آهي. ان ڪري هن سرسبز پهاڙي شهر مان به پاڻي ٻاهر نڪري نه ٿو سگهي ۽ اهڙي شهري ٻوڏ جو ٻيون سبب اهوئي آهي، جنهن جو شور هن وقت پوري دنيا ۾ خوف جا پڙاڏا پيدا ڪري رهيو آهي. اهو خوف آهي، ماحولياتي بگاڙ سبب پوري ايڪو سسٽم جي تالان والان ٿيڻ جو!!
ايبٽ آباد سنڌي پرنٽ ميڊيا جو تر جيترو به مارڪيٽ ناهي. پر پوءِ به ليڊ آرٽيڪل جو پورو اڌ هن شهر جي حوالي ڪرڻ جو مقصد بي بي سيءَ جي نقش قدم تي هلڻ هرگز ناهي. پر ان جو سبب صرف اهو آهي ته جيڪڏهن ماحوليات ۽ ماڻهن جي غيرفطري آبادي وارو انداز ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته پوءِ هن ڌرتيءَ جو ڪنهن به صورت ۾ خير ناهي. ڇو ته هن وقت ماحولياتي تباهيءَ صرف هڪ اين جي او جو مذاڪرو نه رهيو آهي. اهو هڪ اهڙو خطرو ٿي ويو آهي، جنهن مان پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي پيو آهي. ڇو ته گذريل ڀيري جيڪي اڻ مندائتا مينهن پيا، انهن سنڌ جي تمام وڏي حصي کي ٻوڏ ۾ لوڙهي ڇڏيو. هن وقت ويندڙ حڪومت ووٽ وٺڻ لاءِ جن ماڻهن جي گهرن لاءِ پلاٽ ڏئي رهي آهي، انهن جا گهر ان ٻوڏ ۾ ڪريا هئا، جنهن ٻوڏ کي ڪو به وساري نه ٿو سگهي. ڇو ته اها تمام گهڻي شديد هئي ۽ اها مڪمل طور تي شهري هئي ۽ اها شهرن مان پيدا ٿي رهي هئي ۽ ان ٻوڏ جو ذريعو درياهه يا ڪو واهه نه هو جو ان تي بند ٻڌي سگهجي. ان ٻوڏ جو پاڻي ان آسمان مان وسي رهيو هو، جنهن تي ڪو به بند ٻڌڻ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهي. ان ڪري اها ٻوڏ تمام گهڻي تڪليف واري به هئي ۽ ان کي منهن ڏيڻ حڪومت لاءِ ناممڪن حد تائين مشڪل بڻجي ويو هو.
سنڌ مٿان نازل ٿيل ان مصيبت جا به ٻه ڪارڻ هئا. هڪ ماحولياتي تباهي ۽ ٻيو غلط ۽ بغير پلاننگ جي قبضاگير آبادي! هڪ ته فطرت سان هٿ چراند سبب ماحوليات جو توازن بگڙجي ويو ۽ ٻيو ته آباديءَ جي واڌ ۽ حڪومت جي نااهلي توڙي ڪرپشن سبب نيڪال جي رستن تي جيڪي اڏاوتون ٿيون، انهن پاڻيءَ جي فطري وهڪرن کي روڪي ڇڏيو، ان جي نتيجي ۾ شهرن کي پنهنجن شهرين سميت ٻڏڻو پيو. اها برسات گذري وئي ۽ هاڻي مون سون جا موسمياتي وسڪارا پوري سنڌ مٿان پئجي رهيا آهن پر سوال اهو آهي ته ڇا انهن ٻنهي ڏسن ۾ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ کي نظر ۾ رکي سرڪار ڪجهه ڪيو؟
گلوبل وارمنگ (Global Warming) جي سلسلي ۾ ته پاڪستان پنهنجا ڪلها لوڏي پڇي سگهي ٿو ته ”مان ڇا ڪريان؟“ پر اهو گهٽ ۾ گهٽ آواز ته اٿاري سگهي ٿو؟ اهو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي حد تائين ماڻهن ۾ ماحوليات جو شعور ته وڌائي سگهي ٿو. هتي شعور جي تباهيءَ جي حد اها آهي ته هن وقت جڏهن سنڌ جي پوري ساڃاهه ٿر جي فطري سهاري ڪارونجهر کي ڪوري ختم ڪرڻ جي منصوبي خلاف سرگرم ٿي وئي آهي ته حڪومت هڪ ڏينهن نيلام جا نوٽيس واپس وٺي ٻي ڏينهن پنهنجن وزيرن کان اها پريس ڪانفرنس ڪرائي ٿي ته ڪارونجهر جي فطري حسن کي تباهه ڪرڻ کان سواءِ اتان گرينائيٽ ۽ معدنيات کي هر صورت ۾ ڪڍيو ويندو. اسان بنا سرجريءَ جي بڪين ۾ موجود پٿرين کي ختم ڪرڻ جا طبي ڪارناما ته ڏٺا آهن پر هاڻي اسان کي سنڌ سرڪار پهاڙ ڪٽڻ ۽ ماحوليات جو توازن تباهه ڪرڻ کان سواءِ معدنيات ڪڍڻ جا ڪي اهڙا سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيڪل معجزا ڏيکاريندي، جنهن جو اسان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو. جنهن تي هن وقت تائين ڪنهن سائنس فڪشن جي پهچ نه ٿي سگهي آهي. پر اها ٽيڪنالاجي پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ سرڪار جي هٿ ۾ پوري طرح سان آيل آهي.
هن وقت ملڪي مٿانهن علائقن ۾ تمام شديد برسات وسي رهي آهي ۽ اهو پاڻي درياهن مان ڌوڪيندو سنڌ ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ آبپاشي ماهرن جو خيال آهي ته هڪ مهاٻوڏ يعني سپر فلڊ (Super Flood) جا پڪا امڪان ۽ انديشا آهن. اهڙي صورتحال ۾ انتظاميا پاران ڪجهه نه ڪرڻ وارو عمل انتهائي خطرناڪ آهي. هن وقت ويندڙ حڪومت پويون داءُ هڻڻ جي ڪوشش ۾ تمام گهڻو مصروف آهي. اهوئي سبب آهي ته نوڪرين جا اشتهار ڌڙا ڌڙ شايع ٿين ٿا ۽ ترقياتي ڪمن جا اعلان ناما چوٽ چڙهيل آهن. پر ان سموري سرگرميءَ ۾ اسان کي ڪٿي به سنڌ اندر نيڪال جي فطري رستن جي بحاليءَ جا نه ڪي ٽينڊر نوٽيس پڙهڻ لاءِ مليا آهن ۽ نه ڪٿي ڪا اهڙي ڪوشش نظر آئي آهي. جيڪڏهن اسان کي ڪا ٽينڊر نوٽيس سوشل ميڊيا تي شيئر ۽ ري ٽيوٽ ڪرڻ لاءِ مليا به آهن ته اهي ان ڪارونجهر پهاڙ جا ئي مليا آهن، جنهن جي تحفظ جي جدوجهد مٿان به گهڻا گهيرا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button