ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي جو طوفان

Editorial

ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان ٿمجي نه سگهيو آهي. هفتيوار بنيادن تي ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 1 ڏهائي 30 سيڪڙو وڌي وئي، ڪل شرح 29 ڏهائي 83 تائين پهتي. ڳڻپ واري اداري هفتيوار مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪيا، جنهن مطابق سالياني بنيادن تي مهانگائي جي ڪل شرح 29 ڏهائي 83 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل هفتي 23 ضروري شين جون قيمتون مهانگيون ٿيون، 7 ضروري شين سستيون ٿيون. 21 جون قيمتون مستحڪم رهيون. ٽماٽر جي في ڪلو قيمت ۾ 20 رپيا واڌ ٿي. گذريل هفتي ايل پي جي جي 11 ڏهائي 67 ڪلو جي گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 255 رپيا واڌ ٿي، 200 گرام پيٺل مرچ 25 رپيا مهانگا ٿيا. ٿوم في ڪلو 20 رپيا مهانگي ٿي، بصر 3 رپيا في ڪلو، آنا في درجن 10 رپيا مهانگا ٿيا. ان کان علاوه باسمتي ٽوٽا چانور جي قيمت ۾ 5 رپيا، ڳڙ جي في ڪلو قيمت ۾ 3 رپيا واڌ ٿي. دال ماش، دال مسور ۽ پٽاٽن جي قيمت ۾ به اضافو ٿيو.
وڌندڙ مهانگائي خلاف هاڻي عوام جو صبر به جواب ڏيڻ لڳو آهي. ڪوٽڙي ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف مٽي جون مانيون پچائي ۽ مٽي کائي احتجاج ڪيو ويو. ڪوٽڙي جي مک چوڪ المدينا چوڪ تي ڪئمپ هڻي عورتن مهانگائي وڌڻ خلاف مٽي جون مانيون پچائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته بک سبب ٻچا مرن پيا، اٽو خريد ڪرڻ جي سگھه ناهي. حڪمرانن کي ڪوبه احساس نٿو اچي. حڪمرانن اٽو مهانگو ڪري مسڪين ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي. هنن چيو ته ڪوٽڙي ۾ مزدور پيشه ماڻهو آهن، جيڪي هر روز آڻين ۽ چاڙهين ٿا پر اٽو مهانگو ٿيڻ کانپو هاڻي پورهيتن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ٻئي طرف شهرين مهانگائي خلاف مٽي کائي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ مھانگائي غريب عوام کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، اٽو، گيھه، سبزيون گوشت توڙي دالين جا اگھه به آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا آھن. غريب ماڻھو وڌندڙ مھانگائي واري طوفان سان منھن نٿو ڏئي سگھي، مھانگائي سبب سخت پريشان آھيون. هنن مطالبو ڪيو ته وڌايل تيل جون قيمتون واپس ڪري ۽ وڌندڙ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري اگھن تي ضابطو آڻي، غريبن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين سبب عام ماڻهو جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي سبب غيريقيني واري صورتحال آهي. پر حڪمران ويندي ويندي به عوام تي معاشي حملا ڪري رهيا آهن، جنهنجو جو تازو مثال پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ آهي. عوام لا جيئڻ تنگ ڪيو پيو وڃي. ڪا به معاشي پلاننگ نظر نه پئي اچي، رڳو عالمي مالياتي قرضن تي ڀاڙيو پيو وڃي. جنهن جو سڌو اثر عوام تي پئجي رهيو آهي. عوام لا جيئڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. اسان سمجهون ٿا ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لا نئين معاشي پاليسي ترتيب ڏني وڃي جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ پرڏيهي قرضن مان جان ڇڏائڻ سان گڏ ملڪي وسيلن تي ڀاڙيو وڃي. پر اسان وٽ ان سوچ جو ئي فقدان آهي. حڪومتي سطح تي اهڙي ڪا به ڪوشش نظر نه پئي اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button