ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لينن، رياست ۽ انقلاب-I

Editorial-Article-Yameen Jatoi

ڪتاب “رياست ۽ انقلاب: رياست جو مارڪسي نظريو ۽ انقلاب ۾، پورهيت طبقي جا فرض”، عظيم مارڪسي مفڪر ۽ آڪٽوبر انقلاب جي ليڊر وي آءِ لينن جي تخليق آهي. لينن ان ڪتاب جي شروعات هنن لفظن سان ڪري ٿو: “مارڪس جي نظرئي سان هن وقت اهو ئي ٿي رهيو آهي، جيڪو تاريخ ۾ ڪيئي ڀيرا انقلابي مفڪرن ۽ مظلوم طبقن جي اڳواڻن جي نظرئي سان آزاديءَ لاءِ سندن جدوجهد ۾ ٿيو آهي.” اصل ۾ تڏهوڪن موقعي پرستن جي ايجنڊا مارڪس جي انقلابي روح کي مسخ ڪري ان کي سرمائيدار طبقي لاءِ قابل قبول بڻائڻ هو. اهوئي سبب آهي جو لينن چيو: “اهڙين حالتن ۾، مارڪسزم کي ايتري بي مثال ۽ وسيع پئماني تي بگاڙڻ جي صورت ۾، اسان جو سڀ کان پهريون فرض اهو آهي ته، اسان رياست بابت مارڪس جي اصل نظرئي کي بحال ڪيون.” اهي حالتون هيون، جن لينن کي اهو ڪتاب لکڻ لاءِ اتساهيو.
لينن اهو ڪتاب آڪٽوبر انقلاب جي تياريءَ وارن ڏهاڙن يعني آگسٽ ۽ سيپٽمبر 1917ع دوران لکيو، جڏهن رياست ۽ ان سان پورهيت طبقي جي تعلق جي مسئلي نظرئي ۽ عمل يا سياسي لحاظ کان خاص اهميت اختيار ڪئي. ان ڪتاب ۾، لينن هڪ پاسي رياست جي مارڪسي تصور جو دفاع ڪيو ته، ٻئي طرف ان کي نين حالتن پٽاندر ترقي به ڏني.
لينن ان ڪتاب ۾، مينشويڪن، سوشلسٽ انقلابين، ٻي انٽرنيشنل جي موقعي پرستن ڪارل ڪائوتسڪي، پينڪاڪ ۽ برنسٽائن جي موقعي پرستاڻين لکڻين جو مارڪسي نقطه نگاهه کان ڇيد ڪندي، انهن جي موقعي پرستاڻي ڳر کي ظاهر ڪيو. شروعاتي پلان موجب ڪتاب ستن بابن تي ٻڌل هو، پر انقلاب جي ٻين کوڙ سارن نظرياتي ۽ عملي فريضن جي ڪري، لينن ستون باب ڪڏهن به نه لکي سگهيو. رڳو ان جو پلان، بعنوان: “1905ع ۽ 1917ع وارن روسي انقلابن جو تجربو.” محفوظ رهي سگهيو.
لينن اينگلز جي ڪتاب “خاندان، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جو بڻ بڻياد.” مان حوالو ڏيندي لکي ٿو: “رياست ڪنهن به نموني اهڙي طاقت نه آهي، جيڪا سماج تي ٻاهران مڙهي وئي هجي. اهڙي نموني رياست “اخلاقي نظرئي جي حقيقت”، “عقل ۽ ڏاهپ جي صورت ۽ حقيقت” به نه آهي، جيئن هيگل جي دعويٰ آهي. رياست ارتقا جي خاص مقام تي سماج جي پيداوار آهي، رياست ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته، هيءَ سماج پاڻ پنهنجي مفاهمت نه ٿيڻ جوڳي تضاد ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ هي اهڙن حل نه ٿيڻ جوڳن تضادن ۾ پئجي ٽٽي پيو آهي، جن کي ختم ڪرڻ کان هو لاچار آهي. پر ان لاءِ جو متان اهي تضاد، متضاد معاشي مفاد رکندڙ طبقا هڪٻئي کي ۽ سماج کي ان اجائي جدوجهد ۾ تباهه نه ڪري ڇڏين، طاقت جي ضرورت پيدا ٿي، جيڪا سماج کان مٿانهين هجي. طاقت جيڪا ٽڪراءُ کي اعتدال ۾ آڻي، ان کي “قاعدي” اندر رکي ۽ هيءَ طاقت، جيڪا سماج مان پيدا ٿئي ٿي، پر پاڻ کي ان کان مٿانهون رکي ٿي ۽ ان کان وڌ کان وڌ ويڳاڻي ٿيندي ويندي آهي، رياست آهي.” لينن اينگلز جي ان تاريخي تشريح بابت راءِ ڏيندي چئي ٿو: “هتي واضح طور رياست جي تاريخي ڪردار ۽ معنيٰ جي سوال تي مارڪسزم جي بنيادي نظرئي جو اظهار ڪيو ويو آهي. رياست طبقاتي تضادن وچ ۾ مفاهمت نه ٿيڻ جي ڪري پيدا ٿي آهي.” لينن وڌيڪ چئي ٿو: “مارڪسزم جي رياستي نظرئي بابت اينگلز جي ڄاڻايل نظرياتي پوزيشن جو غلط مطلب ڪڍندي روس ۽ ان کان ٻاهر بورجوا ۽ پيٽي بورجوا نظرئيدانن اهو نتيجو ڪڍيو ته رياست طبقن وچ ۾ مفاهمت ڪرائي ٿي، جيئن 1917ع جي انقلابي ڏهاڙن ۾، رياست جي ڪردار جي سوال تي منشويڪن ۽ سوشلسٽ انقلابين چيو ته، رياست طبقن وچ ۾ “مفاهمت” ڪرائي ٿي. رياست ڪنهن خاص طبقي جي تسلط جو ادارو آهي، جنهن جي مفاهمت ان جي ضد (ان جي خلاف طبقي) سان نٿي ڪرائي سگهجي.” “ٻئي طرف ڪائوتسڪي ۽ سندس حامين جيتوڻيڪ “نظرياتي طور” ان کان انڪار نه ڪيو ته، رياست تسلط جو ادارو آهي يا طبقاتي تضاد، مفاهمت نه ٿيڻ جوڳو آهي، پر هنن ان ڳالهه کان انڪار ڪيو ٿي ته، اهڙن اڻ حل ٿيندڙ تضادن جي موجودگيءَ ۾ سواءِ پرتشدد انقلاب جي مظلوم طبقي جي آزادي ناممڪن آهي.”
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button