هو ڪالھه کان انهن گُلن ۽ ٻُوٽن جي باري ۾ سوچي رهيو آهي، جن کي سالن جا سال آشرم ۾ پاڻي ڏيندي، هن هڪ هنڌ اچي اهو محسوس ڪيو ته اهي گُل ٻُوٽا اداس به ٿيندا آهن ته سرها پڻ. اهي گُل، جن مان هڪڙو اهو ڪَنول به آهي، جنهن کي هن ننڍي کنڊ ڏکڻ ايشيا ۾ ڌرمي حساب سان تمام وڏو مقام حاصل رهيو آهي. ڪَنول، هندو ڌرم ۾ زندگي ۽ پيداوار جڏهن ته ٻُڌن وٽ پاڪيزگي جي علامت سمجهيو ويندو آهي. چون ٿا ته هندو ڌرم ۾ ڪنول بابت اهو ڄاڻايل آهي ته اهو گُل وشنو ڀڳوان جي ُدُن مان ڦٽل آهي ۽ ان گُل ۾ برهما جو ديرو آهي. جڏهن ته ڪجهھ عقيدتمند وري اهو سمجهن ٿا ته ڀڳوان جا هٿ ۽ پير ڪَنول جيان آهن، سندس نيڻ ڪَنول جي پتين وانگر ۽ سندس ڇهاءُ ڪَنول جيان نرم ۽ نازڪ احساس سان سرشار آهي.
ڪَنول کان پوءِ جيڪو ٻيو ٻُوٽو يا گُل سندس ڌيان ۾ آيو سو اهو تُلسي هو، جنهن لاءِ پڻ هندو ڌرم وارا اهو چون ٿا ته ديوي ورندا ڪرشن ڀڳوان ۽ سندس پيروڪارن جي خدمت ڪندي وندر اون جي مقدس سرزمين جي حفاظت ڪئي هئي. جيتوڻيڪ ورندا ديوي انسان جي شبيهه ۾ نروار ٿيل هئي پر قديم لکتن موجب ڪرشنا کيس تُلسي جي صورت ڌارڻ جو حڪم ڏنو هو.
تُلسي کان پوءِ سندس ڌيان ۾ آيو صنوبر جو اهو وڻ، جنهن کي ابدي زندگي جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. اهڙي ريت ٻيا سمورا اهي گُل ۽ ٻُوٽا جيڪي سيوا واري پهر ۾ ساڻس همڪلامي رهندا پئي آيا آهن، تن مان ڪالھه هن تُلسي کي تمام گهڻو خوش ڏٺو ته هن کان رهيو نه ٿيو ۽ تُسلي کان پڇيائين ان خوشي ۽ سرهائي جو سبب..!؟
تُلسي وراڻيو:
مون کي بشارت ملي آهي ته آشرم جو اهو نئون پنڌ شروع ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ هن ديس اندر اميد جي پوکي ٿيندي ۽ هيستائين جيڪي به وجود پنهنجي معنى جا متلاشي رهيا آهن، تن جا ڪردار طئي ٿيڻ وارا آهن. ان نئين شروعات ۾ هيلوڪين بارشن دوران مون کي پنهنجي اصل ورندا روپ ۾ ٻيهر هن ڌرتي تي آندو ويندو ته جيئن پراڻن ۽ ويران مندرن جا گهنڊ وڄي سگهن ۽ صدين جي ننڊ واري نگر ۾ جاڳ جلوه گر ٿي سگهي.
تُلسي جي اها ڳالهھ ٻڌي سندس حيرت جي حد نه رهي. جيتوڻيڪ کيس اها خبر ته هئي ته هيلوڪين بارشن دوران هڪڙي بارش برها جي پوڻي آهي، جنهن کان پوءِ سڀني سنگين جا نوان سفر شروع ٿيندا پر ان جو اندازو کيس نه هو ته ان نئين سفر جي سڀ کان پهرين بشارت آشرم جي ٻُوٽن کي ملندي. بهرحال اهڙي حيرت کان پوءِ هن ۾ اهو ويساھه وري سگهارو ٿيو ته آشرم ۾ سڀ جيوَ برابر آهن ۽ هي انسان جيڪو اجايو اتم هجڻ واري گهمنڊ ۾ غلطان آهي، تنهن کان ڪڏهن ڪڏهن ته تُلسي جو درجو به بلند ٿيو وڃي.
بس پوءِ ٿيو هيئن جو هن به دل ئي دل ۾ دعا گهري ته جيئن هيلوڪين بارشن دوران تلسي کي نئون جنم ڌارڻ جو حڪم مليو آهي تيئن هي به هيل پنهنجي پنڌ ۾ رهيل ڪَهڪشائن کي ڀاڪر ۾ ڀري سگهي.
ها اهي ڪهڪشائون، جن جي باري ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ فلڪيات جو پروفيسر گيري گلمور پنهنجي تحقيق ۾ رات ڏينهن مصروف آهي. ان پروفيسر جو چوڻ آهي ته جيئن اسان جي ڪهڪشان ۾ هڪ اندازي موجب ٻه کرب ستارا آهن تيئن ٻين ڪهڪشائن جي به جيڪڏهن خبر پئجي وڃي ته اهي ڪيتريون آهن؟ ته انهن مَنجهه موجود ستارن جو به ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو. سو هي به هاڻ اهي سموريون ڪهڪشائون ڀاڪر ۾ ڀرڻ چاهي ٿو. ها ڪَهڪشائن جي روشني، جنهن روشني جو سفر ڪندڙن لاءِ هن ڪڏهن اهو لکيو هو ته:
هي سڀو سنسار سُر سنگيت آهي
ساز ڌاران ڪابه ساعت ڪيمَ گهارج
خيالن جي اهڙي واهڙ ۾ وهندي اچتو هڪ ماٺار مٿس جڏهن ڇائنجڻ لڳي ته هن سدائين جيان ڪنهن سان هيئن ڳالهائڻ شروع ڪيو:
” مون کي خبر ناهي ته تو پنهنجي اڱڻ ۾ ُستي، ننڊ نه اچڻ جي صورت ۾ ڪڏهن ستارن سان گفتگو ڪئي آهي يا نه پر اڄ کان پوءِ هڪڙي ڳالھه ياد رک ته جڏهن به توکي ڪا رات اهڙي ملي، جنهن ۾ تنهنجيون اکيون جاڳ ۾ جُهلڻ لڳن، تڏهن آسمان ۾ جرڪندڙ ستارن ڏانهن نهارجان. آئون اتي هڪ ستاري ۾ تو لاءِ جاڳندو هوندس.
سندس اها ڳالھه اڃا جاري ئي هئي ته کيس محسوس ٿيو ته سندس وجود مان تُلسي نئون جنم وٺي رهي آهي.