ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام کي ڇا گهرجي؟

Editorial-Article-Umer Qazi

ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هيءَ حڪومت ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هن کان پوءِ نگران حڪمران ايندا. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هو چونڊون ڪرائيندا. پر اها به سس پس ٿي رهي آهي ته آئين جي مطابق طئه ٿيل چونڊون ممڪن آهي ته مقرر وقت جي اندر نه ٿين. جيڪڏهن چونڊون نه ٿيون ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
آئين مطابق نگران حڪومت پاران چونڊون نه ڪرائڻ جي صورت ۾ ڇا ٿيندو؟ اهو سوال تمام گهڻو مشڪل آهي. ڇو ته اسان هن مهل اهو چئي نه ٿا سگهون ته ان وقت جي حالتن ۾ ڪهڙي پارٽي ڪهڙو موقف اختيار ڪندي؟ ڇو ته اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا، ان ۾ هن مهل تائين اهو ڪجهه به ٿيو آهي، جنهن جو ڪنهن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو. ڇا ڪنهن کي اهو خيال به آيو هو ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي 15 مهينا اقتدار جو مزو ماڻيندا؟ هو جيڪي هڪ ٻئي خلاف نه رڳو جذباتي ۽ للڪاريندڙ تقريرون ڪندا هئا پر هڪ ٻئي مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ جن جو محبوب مشغلو هو. اڄ اهي هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار آهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا انهن جي ٻنهي جي منزل ساڳي آهي؟ ان سوال جو اصل جواب ته هو پاڻ ڏئي سگهن ٿا. اسان ته فقط هڪ اندازو هڻي سگهون ٿا. اسان ته صرف تجزيو ڪري سگهون ٿا. پر ان جي لاءِ به ضروري آهي ته حالتون ٺوس ۽ غيرمتزلزل هجن. جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙي صورتحال ڪنهن به صورت ۾ ناهي. هتي هر ڪنهن کي شڪ آهي ته ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان اسان هڪ غيريقينيءَ ۾ ڦاٿل آهيون.
پاڪستان ۾ چونڊون نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڇا ٿيندو؟ اهو سوال اٿارڻ به هڪ طرح سان ڪو سٺو سئوڻ ناهي. ڇو ته جڏهن اسان جي آئين ۾ صاف لکيل آهي ته نگران حڪومت ڪيتري وقت لاءِ هوندي ۽ اها ڇا ڪندي ته پوءِ اسان کي ڪنهن به طرح سان هيڏي هوڏي نهارڻ ۽ هي هو سوچڻ نه گهرجي پر اسان پنهنجي ملڪ ۾ آئين کي عمل کان آجو قرار ڏيندي ڏٺو آهي. ڇا هلندڙ سال اهو ڪجهه نه ٿيو؟ جڏهن سپريم ڪورٽ پاران واضح حڪم هئا ته پنجاب ۾ چونڊون ٿيڻ گهرجن ۽ اهي نه ٿيون ته پوءِ ان جو نه ٿيڻ معنيٰ آئين تي عمل پيرا نه هجڻ کان سواءِ ٻيو ڇا هو؟ هاڻي به اسان کي اهي خدشا آهن ته حالتن جي حوالي سان ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ڇو ته جهڙي طرح ويندڙ اسيمبلي تمام تيزيءَ سان قانون سازي ڪري رهي آهي ۽ جهڙي ريت هن حڪومت جي هوندي ئي اهو اشو اٿيو آهي ته نيون چونڊون نئين آدمشماريءَ جي مطابق ٿينديون يا اهي پراڻي آدمشماريءَ جي حوالي سان ئي ٿيڻ واريون آهن؟ جڏهن اهو بنيادي سوال ئي منجهيل آهي ته اسان ان صورت ۾ چونڊن جو وقت ڪيئن ٿا بيان ڪري سگهون؟ اسان صرف اميد ئي ڪري سگهون ٿا ته اسان جي ملڪ کي ٻين عجيب غريب تجربن جي ور نه چاڙهيو وڃي ۽ ملڪ ۾ وقت سر صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.
ملڪ ۾ جيڪڏهن هلندڙ سال جي دوران چونڊون ٿين ٿيون ۽ اهو وڏو ڪارنامو تڪميل جا مرحلا عبور ڪري، پنهنجي خاص عملي صورت ۾ اچي سگهي ٿو ته اهو هڪ تمام تاريخي عمل هوندو. ان عمل جي حوالي سان اسان ڪجهه نه ڪجهه سوچي ۽ ڪو نه ڪو تصور ٺاهي هڪ اندازو قائم ڪري سگهون ٿا ته چونڊن جي دوران ڇا ٿيندو؟ ڇو ته اسان کي اهو معلوم ناهي ته چونڊن کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ چونڊن ۾ ڪهڙي پارٽي عوام جو وڏو مئنڊيٽ کڻي ايندي؟ ڪهڙي پارٽي حڪومت ٺاهيندي؟ ڪنهن هڪ پارٽيءَ جي حڪومت هوندي يا ڪي پارٽيون پاڻ ۾ گڏجي حڪومت جوڙينديون؟ ان سلسلي ۾ اسان کي هن وقت ڪجهه به معلوم ناهي. جڏهن ته اسان پنهنجي تجربن جي بنياد تي اهو ٻڌائي سگهون ٿا ته چونڊن جي دوران ڪهڙي پارٽيءَ جو ڪهڙو موقف هوندو؟
چونڊن جي دوران هونءَ ته هر پارٽي پنهنجو پنهنجو چونڊ منشور کڻي ميدان ۾ لهندي پر اصل ۽ سڀني جي سلسلي ۾ هڪ ساڳي ڳالهه اها هوندي ته هر پارٽي عوام کي پنهنجي طرف ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ اها دعويٰ ڪندي ته عوام ان کي چاهي ٿو. جڏهن ته اصل ۽ بنيادي سچائي صرف ۽ صرف عوام کي معلوم هوندي ته هو ڇا ٿو چاهي؟ اسان سياستدان نه آهيون ۽ نه وري سياسي پارٽيءَ جا اڳواڻ ۽ نمائندا آهيون. ان ڪري اسان عوام جي نالي ۾ پنهنجي مرضيءَ ۽ پنهنجي مفاد جو اظهار ڪرڻ کان پاسو ڪندي صرف ۽ صرف ان ڳالهه تي اصرار ڪرڻ چاهينداسين ته اصل ۾ عوام ڇا چاهيندو آهي ۽ ڇو چاهيندو آهي؟ ان سوال جو سادو جواب اهو آهي ته عوام مختلف اڳواڻن جا نعرا به هڻندو آهي ۽ انهن اڳواڻن جي حمايت ۾ ووٽ به وجهندو آهي پر حقيقت اها آهي ته عوام پنهنجي پسند جي پارٽين ۽ پنهنجي محبوب اڳواڻن جي حوالي سان به پنهنجي مٿان پيل زندگيءَ جو بار هلڪو ڪرڻ جي اها تمنا رکندو آهي، جيڪا بلڪل جائز ۽ جمهوري روح واري هوندي آهي.
سياسي پارٽيون ته سدائين دعوائون ڪنديون آهن ۽ هاڻي ته انهن پارٽين جو اعتماد ايتري حد تائين وڌي ويو آهي جو هو ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن قرار ڏئي پنهنجي موقف تي پير کوڙي بيهي سگهن ٿيون. ان حوالي سان اسان کي معلوم آهي ته سياسي پارٽين جا پنهنجا خيال هوندا آهن. انهن جا اهي خيال ٿي سگهن ٿا ته عوام انهن کي چاهي ٿو. عوام انهن جا نمائندا ڪامياب ڪرائڻ ۽ انهن پارٽين جا جهنڊا پنهنجن گهرن تي هڻڻ جي حق عملي طور تي اڳتي اچي سگهن ٿا. پر جيڪڏهن عوام جي انهن سمورن نعرن ۽ عملن جي اندر ۾ پيهي ڏسبو ته اسان کي ان ۾ اها شيءَ نظر ايندي ته عوام اصل ۾ پنهنجي زندگيءَ ۾ اها بهتري ڏسڻ جو خواهشمند آهي، جيڪا بهتري عوام جو حق آهي. جڏهن ته اسان جو عوام تمام گهڻي وقت کان وٺي پنهنجي ان حق کان محروم به رهيو آهي ۽ هن وقت به هو اهو سوچي رهيو آهي ته ڇا هن کي هن جا تاريخي حق ملندا؟
اهو هڪ تمام اهم سوال آهي. ڇو ته هي اهو سوال آهي، جنهن سوال تي عوام سدائين سوچيندو رهيو آهي ۽ هن وقت به سوچي رهيو آهي. سياسي پارٽيون ۽ انهن جا اڳواڻ توڙي انهن جا ترجمان ڪجهه به چون پر حقيقت اها آهي ته عوام مهانگائيءَ کان نجات چاهي ٿو. عوام چاهي ٿو ته هن کي هڪ پرامن معاشري جو حق ملي. عوام چاهي ٿو ته هن کي زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون ميسر هجن. عوام چاهي ٿو ته هن جا معاشي مسئلا به حل ٿين ۽ هن جا معاشرتي مسئلا به حل ٿين. اهي سمورا مسئلا حل ٿيڻ کان پوءِ هن کي هڪ اهڙي معاشري ۾ رهڻ جو حق ملي جنهن ۾ هن کي صرف سياسي ۽ اها به ووٽ واري نه پر مجموعي طور تي حقيقي جمهوري آزادي ملي. هن کي اهڙي آزادي ملي، جنهن ۾ هو پنهنجي ضمير جي مٿان ڪنهن به مجبوريءَ جو بار محسوس نه ڪري. عوام جي اها خواهش ۽ هن جي اها تمنا اها حقيقي خواهش ۽ تمنا آهي، جنهن جي اسان جي آئين ۾ اجازت آهي.
اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه فردن کي آئين کان ماورا آزاديون حاصل آهن پر افسوس ته اسان جي عوام کي ايتري به آزادي ناهي، جيتري اسان جي آئين ۾ واضح طور لکيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button