ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سرهاڙي ٽرين حادثو

Editorial

پاڪستان ۾ روڊ حادثن کان وٺي ٽرين حادثن جو ٿيڻ عام جام آهي. گذريل ڪيترن سالن کان ٽرين حادثا ٿيندا پيا اچن. پر هر حادثي کان پوءِ روايتي بيان بازي سامهون ايندي آهي، جنهن ۾ مذمت ڪئي ويندي آهي يا وري جاچ جو حڪم ڏنو ويندو آهي پر اڄ ڏينهن تائين ڪوبه اهڙو ٽرين حادثو ڪونهي، جنهن جي جاچ ٿي هجي ۽ اها پڌري به ڪئي وئي هجي. هر ٽرين حادثي کان پوءِ مري ويل مسافرن جي وارثن کي رقم ڏني ويندي آهي پر اها رقم انهن جي حياتيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي، جيڪڏهن اها رقم ٽرين کاتي کي بهتر ڪرڻ لاءِ خرچ ڪئي وڃي ته ان سان وڏن حادثن کان بچي سگهجي ٿو. ڪالهه جيڪو ٽرين حادثو نوابشاهه ۾ پيش آيو آهي، ان مان اهو ثابت ٿيو آهي ته ٽرين کاتو ڪيڏي لاپرواهيءَ سان ريلوي ٽريڪ تي ٽرينون هلائي رهيو آهي، جنهن ۾ مسافرن جي زندگي ڪنهن به ريت محفوظ ڪونهي. نتيجي ۾ حادثن جو عمل جاري آهي.
ڪراچيءَ کان لاهور ويندڙ هزارا ايڪسپريس جون 10 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون آهن، حادثي جو آواز ايترو زوردار هو جو ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. اطلاع تي سرهاڙي پوليس پڻ واقعي واري هنڌ پهچي وئي. جڏهن ته علائقي واسين پاران امدادي ڪاررواين دوران 30 لاش ڪڍيا ويا آهن. ڪيترائي مسافر ٽرين جي ملبي اندر دٻجي فوت ٿي وڃڻ جا پڻ اطلاع مليا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بي يارو مددگار تڙپندا رهيا. پوليس موجب نوابشاهه ريلوي انتطاميا کي اطلاع ڪيو ويو آهي پر انتظاميا طرفان اڃا تائين ڪابه ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي نه سگهي آهي جنهن سبب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. لاش ۽ زخمين کي نواشاهه ۽ ڀرپاسي جي اسپتالن ڏانهن نيو پيو وڃي، جڏهن ته ضلعي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري موڪل تي ويل داڪترن کي پڻ هنگامي بنيادن تي گهرايو ويو آهي. ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق سرهاڙي ريلوي حادثي ۾ تخريبڪاريءَ جو پڻ خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته پهرين اوليت امدادي ڪارروايون آهن جنهن کان پوءِ جاچ ڪرائي ويندي. سندس چوڻ هو ته سرهاڙي ويجهو ڪراچيءَ کان پشاور ويندڙ هزارا ايڪسپريس ٽرين حادثي جي گهڻ رخي جاچ ڪرائي ويندي ڏسڻو آهي ته حادثو لائين ۾ فالٽ سبب پيش آيو آهي يا وري تخريبڪاري آهي.
ريلوي واري وزير سعد رفيق حادثي کي تخريبڪاري سڏيو آهي پر ان جي ذميواري قبول ڪونه ڪئي آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته ڪجهه وقت کان پوءِ هن حادثي کي ماڻهو وساري ڇڏيندا، تيستائين نئون ٽرين حادثو ٿي ويندو. ڇا ريلوي کاتي وٽ ايترا وسيلا ڪونه آهن جو هو ٽرينن کي بهتر ڪري سگهي. ريلوي ٽريڪ جي مرمت ڪري سگهي يا انهن جي جاءِ تي نوان ريلوي ٽريڪ وڇائي. اڃا تائين انگريزن جي زماني جون وڇايل پٽڙين تي ٽرينون هلايون پيون وڃن. اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي حادثي جي مڪمل جاچ ٿيڻ لازمي آهي. رپورٽ پيش ٿيڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو به ان حادثي جا ذميوار هجن، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙن حادثن کان مسافرن کي بچائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button