ٽن سالن جي سزا جيڪا شايد اسان جي حساب سان ڏيڍ سال ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيل جي رات به هڪ ڏينهن طور ڳڻي ويندي آهي، اهو آهي اهو منطقي انجام جيڪو ڪمپنيءَ سان معاهدو ڪندڙ هر ماڻهوءَ جو ٿيندو آهي.
مون کي پي ٽي آءِ چيئرمين جي حلف برداريءَ تي لکيل پنهنجي ئي ڪالم ياد پيو اچي، جنهن ۾مون لکيو هو ته يوم قيادت کان يوم قيامت تائين ۽ تخت کان تختي تائين جو پنڌ ايترو گهڻو ناهي هوندو.
پر اهو پنڌ ايترو گهٽجي ويندو، ان وقت نه سوچيو هئم. شيروانيءَ جي کيسي مان گهٻرائجي گهٻرائجي چشمو ڪڍندي خان صاحب به شايد اهو تصور ڪونه ڪري سگهيو هو ته ڪو ايترو به بيوفا ٿي سگهي ٿو.
اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهي رکڻ، شايد پاڪستاني ننهن لاءِ ته ممڪن هجي پر گوشت پوست جو ٺهيل عام سياستدان، ڀلي اهو ڪيتري قدر ضمير فروش ئي ڇو نه هجي، پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن، ڪٿي نه ڪٿي اسٽيبلشمينٽ کي ناراض ڪري ڇڏيندو آهي.
خطا ڪهڙي ٿي. جيڪڏهن سياستدانن کي سمجهه ۾ اچي وڃي ته ڇا ڳالهه ڪجي پر بقول ڪنهن جي ته سياست جي اي بي سي ڊي پڙهي اِي ايف تائين پهچون ٿا ته سڄي بساط ويڙهجي ويندي آهي.
اڳيان ٽي لفظ ڪوڙهيل دماغن کي ڪنهن به ريت ياد ڪونه هوندا آهن، يا ٿي به وڃن ته سمجهي نه سگهندا آهن ۽ پوءِ اهڙي ريت بغل ۾ ٿيلهو قابو ڪري، تڏو ۽ ڪونئرو کڻي جيل جو رخ ڪندا آهن.
اهو ئي جيل جتي گُهٽ ڀريل راتيون، ٿلها ٿلها مڇر، کٽ ۾ سرندڙ جيت ۽ رون هلندڙ پکو.
اطلاع آهي ته اي سي ته خان صاحب پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪڍرائي ڇڏيا هئا، هلو ڪا ڳالهه ڪونهي. ڏيڍ سال ئي ته آهي، هونئن به ڪجهه مهينن ۾ سياري جي مند اچي ويندي.
رنگ مٽائيندڙ زماني تي کل ٿي اچي. ڪجهه مهينا اڳ تائين خان صاحب ريڊ لائين هو پر پيارا ٻارو، فلم ۽ حقيقت ۾ گهڻو فرق هوندو آهي.
فلم جو ڪمزور هيرو، سگهاري ولن کي ماري ڇڏيندو آهي، حقيقت ۾ ولن ئي فاتح هوندو آهي، هيرو مار کائي هڪ پاسي هوندو آهي.
مسئلو اهو آهي ته جيڪڏهن توهان جي جنگ اخلاقي هئي ته ولن جيترو ظلم ڪندو، ايتري قدر شڪست کاڌل هوندو. پر توهان چيڀاٽي ماري ميدان ۾ گهڙي ويا هئا ته پوءِ هاڻي ڪنهن اخلاقي پليٽ فارم تي چڙهي پنهنجو قد نٿا وڌائي سگهو.
پي ٽي آءِ، عملي طور ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي، باقي ٻئي جماعتون پهرين ئي اڊڙي ويون آهن. چونڊون ٿين ٿيون نٿيون ٿين. ڪڏهن ٿيون ٿين، ڪا خبر ڪونهي.
چونڊون جيڪڏهن ٿين به ٿيون ته ڪا هڪ پارٽي اڪثريت ماڻي سگهندي؟ جيڪڏهن هڪ ڀيرو وري جوڙ ٽوڙ ٿي اهي لوٽا اهي اليڪ ٽيبلز اهي ڪوتاهه بين ڪلف لڳل ڪرتا ۽ شيفون جا راوا اوڍيل سرڪس جي مشڪرن وانگر جمهوريت جو مذاق اڏائڻ لاءِ ويٺا هوندا.
آهي ته اهو ڪافي اونداهي وارو منظر نامو پر ڪڪر جي ڪناري اهو چاندي رنگ جي حاشي به آهي. هاڻي ملڪ جي ٻار ٻار کي سڄي صورتحال سمجهه ۾ اچي وئي آهي.
سرٻاٽن ۾ ٿيندڙ ڳالهيون باقاعده مڃيل سڌارن جي مدد سان مين اسٽريم ميڊيا تي ورجايون پيون وڃن.
حد اها آهي جو اسٽبلشمينٽ به پنهنجي ڪردار کي ڏسي رهي آهي ۽ هاڻ اها ڳالهه کليل نموني سامهون آئي آهي ته هي ڪهاڻي اڳيان ڪونه هلندي. ڪردار بدلائڻو پوندو. سوچ بدلائڻي پوندي.
ملڪ هوندا آهن ته ادارا هوندا آهن. عوام جي سياسي ساڃاهه ڦري وڃي ۽ ان کي ملڪ ۽ رياست سان مڪمل طور بددل ڪيو وڃي، تڏهن ملڪ ناهن رهندا ۽ ملڪ نه رهن ته ادارا به نه رهندا. ملڪ رهڻ گهرجي.
بس هن ڪاري ڪڪر جي چاندي رنگ جي حاشيا اها ئي آهي ته حساس ماڻهو هاڻي ئي اهو محسوس ڪندا نه ته هي اها ئي ڪچهري آهي يا اهو ئي ٽانگو آهي، سواري تبديل ٿيندي رهندي، ٽانگو هر ڀيري خالي موٽي ايندو.
**
انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان