ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي گرفتاري

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

عمران خان جي گرفتاريءَ بابت نه رڳو کيس اندازو هو پر حڪومت کي چڱي ريت خبر هئي ته فيصلو اچڻ شرط کيس گرفتار ڪيو ويندو. عمران خان نيازيءَ جي گرفتاري انهن سڀني خدشن کي به رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي سندس گرفتاريءَ کان پوءِ ڏيکاريا پئي ويا، جن ۾ ملڪ گير احتجاج کان وٺي خوف جا بت کي ٽوڙڻ جي ڳالهه پڻ هئي. عمران خان پنهنجي گرفتاريءَ کان اڳ هڪ ويڊيو پيغام رڪارڊ ڪرايو جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته اهو هيءَ جنگ پنهنجي لاءِ نه پر ملڪ ۽ عوام لاءِ وڙهي رهيو آهي، تنهنڪري سندس گرفتاريءَ کان پوءِ عوام وڏي انگ ۾ گهران نڪري اچي پر اهڙو ڪجهه به ڪونه ٿيو، نه ئي ڪنهن پرامن احتجاج جي خبر ڪٿي رپورٽ ٿي آهي.
توشاخانا ڪيس ۾ عمران خان نيازيءَ سان وڏي رعايت اها ٿي آهي ته اهو سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌو ويو آهي، جنهن کان پوءِ هو ان فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهي ٿو، اتان کيس رليف ملي سگهي ٿو پر في الحال هو اٽڪ جيل ۾ پنهنجا ڏينهن گذاري رهيو آهي. سندس گرفتاريءَ کان پوءِ اهو پڻ چيو پيو وڃي ته هي مڪافات عمل آهي. جيئن هن سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي جيلن ۾ وڌو ۽ انهن خلاف ڪيس هلائي کين ڌمڪيون ڏيندو رهيو تنهنڪري ساڻس به اهڙو ئي لقاءُ ٿيو آهي، پر ڇا نواز ليگ يا پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ ايترو دم آهي جو اهي عمران خان نيازيءَ کي جيل ۾ واڙي سگهن؟ هي ڪو مڪافات عمل ڪونهي پر ان ٽڪراءُ جو نتيجو آهي، جيڪو عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ڪجهه وقت کان هلندڙ آهي. اها ساڳي اسٽيبلشمينٽ جنهن عمران خان نيازيءَ کي پالي تاتي وڏو ڪيو، اقتدار جي ڪرسي ڏياري ۽ ان کان پوءِ سندس نخرا برداشت ڪيا، مخالفن کي چٿڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪيو، جڏهن هو ان جي سامهون ٿي بيٺو ته کيس اندازو نه هو ته ساڻس ايترو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ايئن ڪونهي ته هن جون غلطيون ڪونه آهن. پنهنجي اقتدار جي ڏينهن ۾ جهڙي ريت هو جنهن آڪڙ ۾ هوندو هو، اهو به سڀني کي ياد آهي. هو پنهنجي ڪنهن به سياسي مخالف کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو هو. هو اپوزيشن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو هو ۽ نه ئي هن لاءِ ان ڳالهه جي ڪا اهميت هئي ته سياست ۾ معاملا جذباتي نه پر عقلي بنيادن تي حل ڪيا ويندا آهن.
ملڪي سياست کي اسٽيبلشمينٽ هڪ اهڙي موڙ تي اچي بيهاريو آهي، جتي ان جي گرفت اڃا به مضبوط نظر اچي ٿي. ملڪ ۾ آئين هجي، قانون هجي يا سياسي پارٽيون هجن پر تڏهن به فيصلا سڀئي اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ موجب ٿيندا رهندا آهن. تنهنڪري ڪنهن به سياسي پارٽيءَ کي خوش ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي ته اڄ پي ٽي آءِ خلاف جيڪي ڪارروايون ٿين پيون، سي سڀاڻي نواز ليگ يا پيپلز پارٽي خلاف ڪونه ٿينديون. اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن بحران پيدا ڪيا آهن ته اها بحرانن کي حل ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين جو استعمال به ڪندي رهي آهي. ڪالهه جڏهن پي ٽي آءِ اسٽبلشمينٽ لاءِ مٿي جو سر بڻجي وئي هئي ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ان کي پنهنجا آڇيا. هاڻ جڏهن حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي رهيا آهن ته نگران سيٽ اپ تيارين جي آخري مرحلي ۾ آهي ۽ ان ۾ به اسان کي اهي ماڻهو نظر ايندا، جيڪي اسٽيبلشمينٽ کي قبول هوندا. تنهنڪري سياسي پارٽين ۽ سياسي فرد جي آزادي اڃا تائين اتي جو اتي آهي، جيڪا ڪئين ڏهاڪا اڳ هئي.
عمران خان نيازي پنهنجي مليل سزا جيڪڏهن ڪٽي به اچي ٿو ته هو وڏو سياسي ليڊر ٿي ڪونه اڀرندو، ڇاڪاڻ ته کيس جهڙي ريت فرشتو ڪري پيش ڪيو ويو هو، هو انهن سڀني براين سان ڀريل نڪتو جيڪي ملڪ جي ٻين سياستدانن ۾ آهن. انهن براين جو هجڻ ڪو خراب عمل ڪونهي پر انهن کان انڪار ڪري پاڻ کي صاف سٿرو چوڻ غلط عمل آهي ۽ هاڻ جڏهن هو صادق ۽ امين ڪونه رهيو آهي ته کيس سزا ڀوڳڻي آهي.
عمران خان نيازيءَ کي آيل سزا کان پوءِ جيل ۾ رهي هو پنهنجي سڄي سياسي عمل جو جائزو وٺي سگهي ٿو. في ته ڪجهه سالن لاءِ هو ملڪي اقتدار جي مدار مان نڪري چڪو آهي. هاڻ ڏسڻو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ٻين سياسي پارٽين سان ڇا ٿي ڪري، جيڪي هن وقت ان جي بلڪل ويجهو آهن يا جيڪي ان جي مرضيءَ کان سواءِ هڪ بل به قومي اسيمبليءَ مان پاس نٿيون ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button