ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لينن، رياست ۽ انقلاب-II

Editorial-Article- Yameen Jatoi

مطلب ته رياست ۽ انقلاب ۾ لينن مارڪس ۽ اينگلز جي سمورين بنيادي پوزيشنن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي. هن عمومي طور رياست ۽ خاص طور پورهيت رياست جي مارڪسي نظرئي جو ٻي انٽرنيشنل جي موقعي پرستن خلاف جدوجهد جي سلسلي ۾ دفاع ڪيو. هن ساڳي وقت عالمي پورهيت تحريڪ جي تجزئي ۽ روسي پورهيت تحريڪ جي تجربي جي بنياد تي اخذ ڪيل نتيجن کان پوءِ، رياست جي ان مارڪسي نظرئي جي واڌ ويجهه به ڪئي. لينن رياست جي طبقاتي ڪردار، ان جي شروعات جي اولين شرطن ۽ ان جي استحصالي طبقن جي آمريت جي هٿيار طور طبقاتي دشمناڻي سماج ۾، رول کي واضح ڪيو. لينن چيو ته، جيتوڻيڪ موجوده بورجوا رياست جون شڪليون مختلف آهن، پر ان جو ڳر ساڳو آهي. يعني سرمائيدار طبقي جي آمريت. لينن اهو به ڏيکاريو ته، 1848ع جي انقلاب ۽ پيرس ڪميون جي تجربي جي مطالعاتي عمل دوران مارڪس ۽ اينگلز جي بورجوا سماج جي رياستي مشينريءَ بابت نقطه نظر ڪيئن اوسر ڪئي ۽ هنن ڪيئن پورهيت رياست جي مشينريءَ جي تشڪيل ۽ ان جي فنڪشن کي سمجهيو. طبقاتي نقطه نگاهه کان اهو ڪتاب پورهيت طبقي جي رياست سان تعلق، سوشلسٽ انقلاب دوران پراڻي بورجوا رياستي مشينريءَ جي خاتمي جي ضرورت ۽ نئين ۽ اعليٰ رياست جي قيام جي مسئلي کي به نبيري ٿو.
لينن سرمائيداريءَ کان سوشلزم ڏانهن عبور جي ڪل تاريخي دور ۾، پورهيت آمريت جي گهرج کي ثابت ڪيو، جنهن کي ٻي انٽرنيشنل جي موقعي پرستن رد ڪيو ٿي. لينن چيو ته بورجوا سماج جو ڪميونسٽ سماج ۾ تبديل ٿي وڃڻ ان وقت تائين ناممڪن آهي، جيستائين هڪ سياسي عبوري دور نه گذاريو وڃي ۽ ان دور ۾، رياست جي حيثيت رڳو پرولتاريءَ جي انقلابي آمريت هوندي. مطلب ته هر رياست ارتقا مان گذري ڪميونسٽ سماج ۾ تبديل ڪونه ٿي ٿئي، پر سوشلست رياست غير طبقاتي ڪميونسٽ سماج ۾، تبديل ٿيڻ جا امڪان پيدا ڪندي، ان لاءِ پهرين عبوري سياسي دور مان گذرڻو پوندو. يعني پورهيت آمريت، پورهيت رياست قائم ڪرڻي پوندي. ٻين لفظن ۾ لينن ان پيٽي بورجوا دعويٰ کي رد ڪيو ته انقلاب کان سواءِ سرمائيداراڻي سماج جو ڪميونسٽ سماج ۾ بتدريج عبور ممڪن آهي.
لينن سوشلسٽ رياست جي جنم کي پورهيت طبقي جي جمهوريت سان ڳنڍيو. هن چيو ته اها هڪ نئين طريقي جي جمهوري رياست هوندي. ڇاڪاڻ جو اها تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پورهيت طبقي جي اڳواڻيءَ ۾، اڪثريتي عوام جي رياست هوندي. سرمائيدار طبقي جي جمهوريت جو طبقاتي ڪردار بيان ڪندي لينن لکي ٿو: “سرمائيداراڻي سماج ۾، شرط اهو آهي ته، اهو نهايت سازگار حالتن ۾ اسريو هجي، جمهوري ريپبلڪ ۾، هڪ مڪمل جمهوريت موجود هوندي آهي، پر ان جمهوريت تي سدائين بندش لڳل هوندي آهي، جيڪا سرمائيداراڻي استحصال طرفان لڳائي ويندي آهي. اها صرف انهن لاءِ جمهوريت رهجي ويندي آهي، جيڪي حيثيت وارا هجن، جن وٽ دولت هجي، سرمائيداراڻي سماج ۾، آزادي تقريبن اهڙي ئي هوندي آهي، جهڙي اها آڳاٽين يوناني رياستن ۾ هوندي هئي، يعني آزادي انهن لاءِ جن وٽ غلام هجن. سرمائيداراڻي استحصال جيڪي حالتون قائم ڪري رکيون آهن، اڄوڪا اجرتي غلام (پورهيت) غريبي ۽ محتاجيءَ کان ايترا ته مجبور آهن جو، کين جمهوريت جي ايتري ڳڻتي ناهي هوندي. کين سياست ۾ مٿاڪٽ جو موقعو ناهي ملندو. واقعن جي عام پرسڪون ڌارا ۾، آباديءَ جي تمام وڏي اڪثريت سماج ۽ سياسي زندگيءَ جي معاملن ۾، شريڪ ٿيڻ کان وانجهيل آهي.” لينن وڌيڪ لکي ٿو: “مطلب ته سرمائيداراڻي سماج ۾، جيڪا جمهوريت آهي، اها لولي لنگڙي، کوکلي ۽ ڪوڙي آهي. اها اهڙي جمهوريت آهي، جيڪا مالدارن لاءِ، ٿورڙن ماڻهن لاءِ هوندي آهي. پورهيت طبقي جي آمريت، اهو عرصو جڏهن ڪميونزم اچڻ جو عبوري دور هوندو، پهريون ڀيرو دنيا کي اهڙي جمهوريت سان روشناس ڪرائيندي، جيڪا عوام لاءِ هوندي. تمام وڏي تعداد لاءِ هوندي ۽ ان سان گڏوگڏ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن تي، استحصال ڪندڙن تي ضرورت پٽاندر دٻاءُ رکيو ويندو. صرف ڪميونزم ئي صحيح معنيٰ ۾، مڪمل جمهوريت ڏيڻ جي اهليت رکي ٿو.”
(پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button