ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾ ريل حادثا ڪير روڪيندو؟

Editorial-Article- Rashid Leghari

سنڌ ۾ ٽرين جي حادثن ۾ ڏينهون ڏينهن تيزي اچي رهي آهي. گذريل ڏينهن ريل جي حادثي تي حڪمرانن ضرور اکيون پٽيون هونديون. جنهن ۾ هزاره ايڪسپريس سان حادثي جي نتيجي ۾ 36 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا. هتي انگريز سامراج کڻي ريلوي جو نظام ته ڏنو پر هي حڪمران ان ريلوي نظام ۾ ڪنهن قسم جي بهتري نه آڻي سگهيا آهن. هاڻي ته پاڪستان جو عوام ٽرين جي سروس کان خوف به کائڻ لڳو آهي. ماضي ۾ جهمپير ويجهو ٻن ٽرينن جي ٽڪر ۾ وڏي حادثي کانپو هي وڏو حادثو ٿيو آهي. تازو انڊيا ۾ به ٽرين سان وڏو حادثو پيش آيو هو. ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جو ڏنل ريلوي نظام هلي رهيو آهي. سنگل ۽ ٽرين جي پٽڙين کي حڪومت ۽ ريلوي کاتي تبديل نه ڪيو آهي. هر هڪ ٽرين ۾ هزارين مسافر سوار هوندا آهن. مطلب ٽرين جنهن وقت مسافر کڻي منزل ڏانهن رواني ٿيندي آهي ته مسافرن جو ساهه مٺ ۾ هوندو آهي ته ريل منزل تي پهچندي به الائي نه.
دنيا ۾ ريل جي سفر کي پسند ڪيو ويندو آهي. اتان جي رياست يا انتظاميا مسافرن کي ريل جي هڪ جديد سهولت به ڏئي ٿي. اتي ريل جي ٽڪيٽ جهاز کان به مهانگي هوندي آهي. هاڻ ظاهر آهي ريل حادثي کانپُو جاچ به ڪئي ويندي ته وڏي ريل حادثي جو ڪيئن شڪار ٿي. جڏهن ته ڊرائيور جي بيان کانپو ريل اختيارين تخريبڪاريءَ جو شڪ به ڏيکاريو آهي. حيدرآباد ۾ انتظاميا هزاره ريل جي واقعي کي حادثو ئي چئي رهي آهي. حيدرآباد جي لطيف آباد پوڻا ست نمبر کان اڳيان مڪي شاهه، پٺاڻ ڳوٺ ۽ خاصخيلي ڳوٺ وٽ هڪ خطرناڪ موڙ به آهي. جتي ڪجهه سال اڳ وڏو حادثو به ٿيو هو. جتي ريلوي لائين جي ٽريڪ وٽ شام جو 5 بجي ڌاري ڪراچيءَ کان لاهور ويندڙ مسافر ٽرين جناح ايڪسپريس ۽ پنجاب کان ڪراچي وڃڻ لا بيٺل مال بردار ٽرين سان پٺيان ٽڪرائجي وئي هئي، جنهن دوران مسافر ٽرين جون 3 بوگيون زوردار ڌماڪي سان ڪچي آبادي واري پاسي مينهن جي واڙي مٿان ڪري پيون هيون. ان وقت ريلوي جي اسٽيشن سپريٽنڊنٽ محمد رمضان ميڊيا کي ٻڌايو ته مسافر ٽرين بيٺل مال گاڏيءَ کي پٺيان کان ٽڪر هنيو، جنهن ۾ جناح ايڪسپريس جو ڊرائيور اسلم چانڊيو، اسسٽنٽ ڊرائيور ياسر بشير، اسسٽنٽ ڊرائيور سيد نعمان فوت ٿي ويا. جناح ايڪسپريس ۽ مال گاڏيءَ جي ٽڪر جي ابتدائي رپورٽ پڌري ڪندي ريلوي انتظاميا حادثي جو ذميوار جناح ايڪسپريس جي ڊرائيور کي قرار ڏنو هو، جتي سي اي او ريلوي آفتاب اڪبر به حادثي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو هو. جنهن ان وقت ٻڌايو هو ته پنجاب ويندڙ جناح ايڪسپريس جي انجڻ ۾ ڊرائيور ۽ 2 اسسٽنٽ ڊرائيور ويٺًل هئا، انجڻ ۾ ويٺل ڊرائيور ڪچهري ڪري رهيا هئا. جناح ايڪسپريس جي ڊرائيور سگنل نه ڏٺو ۽ نه وري ايمرجنسي بريڪ لڳايو، ريڊ سگنل تي ڌيان نه ڏنو، ساڳئي وقت ٽرين آهستي ڪرڻ بدران اسپيڊ ۾ هلائيندو رهيو.
جاچ مان خبر پئي آهي ته لطيف آباد ۾ مال بردار گاڏي گذرڻ وقت جناح ايڪسپريس کي 2 منٽ اسٽاپ ڪرڻو هو، جنهن کي ڊرائيور نه بيهاريو، جنهن سبب جناح ايڪسپريس اڳتي نڪري وئي ۽ حادثو پيش آيو. ان ڪري حادثي جو ذميوار ڪو ٻيو نه پر جناح ايڪسپريس جو ڊرائيو اسلم چانڊيو آهي. ان ڪري ٽرينن جي حادثي کانپو ٽيڪنيڪل ماهرن تي ٻڌل هڪ جاچ ڪميٽي ضروري آهي. جيڪا جاچ ڪري ته ٽرين سان حادثو ڪئين پيش آيو. حادثي جون شاهديون ملڻ کانپو ريلوي ٽريڪ ۽ يا ڪنهن ٻي بگڙيل معاملي ۾ سڌارو به آندو وڃي. ٻي صورت ۾ ٽرينن جي حادثن ۾ تيزي ايندي.
ملڪ ۾ ٽرينن جي نظام کان ٽرانسپورٽ مافيا هونئن به ڪاوڙيل آهي. ٽرينن جي ڪنهن حد تائين سستي سفر سان مسافرن کي فائدو به ملي ٿو. صحافي ۽ ميڊيا ورڪرن کي ڀاڙن جي مد ۾ رعايت ڏيڻ ۽ گيسٽ هائوس ڏيڻ لا خاص ڪارڊ جاري ڪيا ويندا آهن. ان لا ٽرينن ۾ جديد سهولتون ڏيڻ سان گڏ پهرين ريل جو رستو بهتر ڪيو وڃي. تازو ٻوڏن دوران ٽرينن جون پٽڙيون ڪمزور به ٿيون هونديون. جنهن جي چڪاس به ضروري آهي. ٻيو ته ٽرينن جي ٽريڪ جي مرمت لا مقرر عملي کي سهولتون ۽ مراعاتون ڏيڻ به ضروري آهن. هر 3 کان 4 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ريلوي جو هي عملو ريلوي ٽريڪ جي مرمت لا مقرر ڪيل هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button