هر حڪمران ۽ حڪمران ٿيڻ لاءِ هر آتو سياستدان، سدائين اهو چوندو رهيو آهي ته ”ملڪ مشڪل موڙ تان گذري رهيو آهي“
اهڙي موڙ تي اهو سوال اٿارڻ ڪنهن به طور تي نامناسب محسوس نه ٿو ٿئي ته: ڇا اسان جي ملڪ جو سفر مائوزيتنگ جي اشتراڪي ۽ انقلابي نظرئي جهڙو آهي؟ ڇو ته چين جو چيئرمين مائو به پنهنجي جدوجهد لاءِ سدائين اهي لفظ لکندو هو ته ”ڊگهي، اڻانگهي ۽ وڙوڪڙن واري جدوجهد“ شايد! پاڪستان به سدائين ”ڊگهو، اڻانگهو ۽ وڙن وڪڙن وارو“ سفر ڪندو رهيو آهي. جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ هر حڪمران ۽ هر اقتدار پرست سياستدان اهو ڇو چوندو رهيو آهي ته ”ملڪ نهايت مشڪل موڙ تان گذري رهيو آهي“
ان حقيقت ۾ ڪو شڪ شبهو نه هجڻ گهرجي ته دنيا جي هر قوم ۽ هر ملڪ جي زندگيءَ ۾ اهڙا مرحلا ايندا آهن، جتي انهن جو ڪلي وجود ڪنهن تمام وڏي مشڪل ۾ به هوندو آهي پر اهي مرحلا گذري به ويندا آهن. پر اسان جي ملڪي سفر جو مسئلو اهو آهي ته ان جو سفر کٽي نه ٿو کٽي! ان کان سواءِ اها به تلخ سچائي آهي ته دنيا جا اهي اڪثر ملڪ جيڪي مشڪل مرحلن تان گذريا آهن، انهن کي انهن مرحلن کان پوءِ ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جا حسين منظر نظر آيا آهن. پر اسان کي ڇا مليو آهي؟ صرف ۽ صرف سفر؟؟ هر سفر جي هڪ منزل به هوندي آهي پر اسان جي منزل ڪهڙي آهي؟ ملڪ کي مشڪل مرحلن مان گذاريندڙ اڳواڻن کان وٺي پاڪستان کي مشڪل حالتن حوالي ڪندڙ آمرن تائين هر اڳواڻ پنهنجي پنهنجي مزاج ۽ پنهنجي پنهنجي مفاد کي ملڪ جي منزل قرار ڏنو آهي. جڏهن ته انهن جو اهو به فرض هو ته هو هڪ گهڙيءَ لاءِ عوام کان به پڇا ڪن ها ته انهن کي ملڪ جي ڪهڙي منزل گهرجي؟ ڇو ته منزل جي لاءِ سفر ته اهي مسافر ڪندا آهن، جن جي وجود سان قافلو وجود ۾ ايندو آهي.
ملڪ جي حوالي سان مشڪل مرحلن جو تذڪرو ڪو اجايو اشو به ناهي. اهو به سچ آهي ته واقعي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا مرحلا آيا آهن، جڏهن ملڪ کي تمام گهڻي مشڪل درپيش رهي آهي. ڪي اهڙا موقعا ۽ ڪي اهڙيون مهلون به آيون آهن جو عوام پاڻ حيران ۽ پريشان ٿي ويو آهي ته هاڻي ڇا ٿيندو؟
پي ڊي ايم جي حڪومت پاران جڏهن پاڻ اهو اعلان ڪيو ويو ته هو هلندڙ مهيني جي پهرين ڏهاڪي ۾ عوام جي جند آجي ڪندا ته ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ موجوده حڪمرانن جي گهر ڀيڙي ٿيڻ جو يقين آيو پر ان کان پوءِ وري اهو سوال پيدا ٿي پيو ته نيون چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ ڪهڙا نگران حڪمران ٿا اچن؟ هن مهل تائين انهن جا نالا نه صرف راز ۾ آهن پر انهن جي حوالي سان هاڻي کان وٺي وري اهو سوال پيدا ٿي پيو آهي ته اهي حڪمران آخر ڪيترو وقت رهندا؟ جڏهن ته آئين ۾ انهن جو حتمي مدو به لکيل آهي. پر جڏهن حالتون اهڙيون قائم ڪيون وڃن جو ڪنهن کي اهو پتو نه پوي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي ته پوءِ ان حال ۾ اهڙا سوال ڪيئن نه پيدا ٿيندا؟
ڇا هلندڙ سال نئين چونڊ جو آهي؟ آئيني طور تي ان سوال جو جواب ”ها“ هجڻ گهرجي پر ڪنهن به اها همت ناهي جو هو آئين جو حوالو ڏئي اهو چئي سگهي ته ”ها“ ڇو ته ملڪ جا وڏا وڪيل ۽ نالي وارا قانوندان به وڏي اعتماد سان اهو چوندي ٻڌا ٿا وڃن ته هن سال چونڊون نه ٿينديون. اهڙي بيان جاري ڪرڻ کان پوءِ ڪا به عدالت انهن کان پڇا نه ٿي ڪري ته اوهان ملڪي آئين مطابق ڇو نه ٿا ڳالهايو؟ جڏهن آئين ۾ واضع لکيل آهي ته نگران حڪمرانن جو مدو ٽي مهينا يعني 90 ڏينهن آهي ته اوهان اجايو ابهام ڇو ٿا ڦهلايو؟ هن مهل تائين ان قسم جو سوال ڪنهن کان به نه پڇيو ويو آهي ۽ نين چونڊن ۾ دير جي مهر ثبت ڪرڻ جو الزام ته هاڻي سي سي آءِ (CCI) مٿان پنهنجو پاڇو وجهي رهيو آهي، ڇو ته سي سي آءِ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته نئين چونڊ نئين آدمشماري جي بنياد تي ڪرائي ويندي. ان جو مطلب اهو آهي ته هاڻي نوان حلقا به ٺهندا ۽ نيون ووٽر لسٽون به وجود ۾ اينديون. ظاهر آهي ته ان ايتري ساري گهڻي ڪم لاءِ ٽن مهينن جو وقت ته گهٽ محسوس ٿئي ٿو.
پاڪستان ۾ نين چونڊن جي سلسلي ۾ آمريڪا جي جاڳي پيل دلچسپي به گهڻو ڪجهه بيان ڪري رهي آهي. ڇو ته هن مهل دٻيل لفظن ۾ ئي سهي پر ان خيال کي به پيش ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل محسوس نه ٿي ڪئي وڃي ته جيڪڏهن نگران سيٽ اپ پاران نيون چونڊون مقرر وقت تي نه ٿيون ته پوءِ نگرانن جو مدو مقرر ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو. ان موقعي تي ان سوال جو پيدا ٿيڻ به هڪ فطري عمل آهي ته نگران حڪومت لاءِ طاقت جو بنياد ڪهڙو هوندو؟ ڇا نگران حڪومت عوام ۽ عدليا کان پنهنجي طاقت حاصل ڪري رياست جو ڪارونهوار هلائيندي؟ اصولي طور تي هجڻ ته اهو گهرجي پر اسان جي ملڪ ۾ اصولن سان کوٽن سڪن وارو حشر ڪيو ويو آهي.
ملڪ هڪ ڀيرو انهن مشڪل سوالن جي موڙن تان گذري رهيو آهي ۽ انهن سمورن سوالن جي مٿان وري سڀ کان وڏو اهو سوال پر ڦهلائي گردش ڪري رهيو آهي ته اهي سموريون تڪلف ڀريون تڪليفون ڇو ٿيون عمل ۾ آنديون وڃن؟ ملڪ کي اها موڪل ڇو نه ٿي ڏني وڃي ته هو آزاديءَ سان پنهنجي آئين مطابق آسانيءَ سان سفر ڪندو رهي؟ ان سلسلي ۾ ڪو ڪجهه ٿو چوي، ڪو ڪجهه ٿو چوي! پر جڏهن اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪنهن کي اقتدار ۾ اچڻ ڏيڻو آهي ۽ ڪنهن کي نه!! ته ان صورت ۾ اهي مشڪل مرحلا پيدا ٿيڻ فطري عمل جو حصو آهن.
ملڪ کي منظم ۽ مضبوط انداز سان پنهنجي مرضيءَ واري جمهوريت حوالي ڪرڻ جو فيصلو ان قسم جي سفر جو بنياد وجهڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو آهي. اسان جيڪو ڪجهه به ڀوڳي رهيا آهيون، اهو اسان جي غلط عملن جو نتيجو ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
پاڪستان تمام گهڻي پيڙا ۾ آهي. ان پيڙا جو اصل مظهر مهانگائي آهي. ان مهانگائيءَ جو اصل سبب ناقص ۽ نڪمو نظام آهي. اهو نظام هڪ حمام به آهي. اهو حمام جنهن ۾ آهن ته سڀ هڪ جهڙا پر جهيڙو صرف ان پوائنٽ آهي ته ڪنهن ڪيتري چوري ڪئي آهي؟ يعني ڪير ننڍو چور آهي ۽ ڪير وڏو چور آهي؟
پاڪستان جي سياسي دنيا ۾ چورن جون دلير دعوائون ٻڌي هڪ طرح جي وحشت محسوس ٿئي ٿي. اهي چور جيڪي عوام جي آڏو وڏي اعتماد سان چون ته انهن جا مخالف انهن کان وڏا چور آهن. سو! اسان کي ڪنهن قاتل جو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي پسند جي چور جو انتخاب ته هر حال ۾ ڪرڻو آهي.