ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

درسي ڪتابن کان محروم لکين شاگرد

Editorial-Article-Shahid Rajpar

سنڌ ۾ تعليم تي ناقص تجربا ڪري سنڌ جي تعليم جي ٻڏل ٻيڙيءَ کي اڃان وڌيڪ ٻوڙيو پيو وڃي. خدارا تعليم جي ٻڏل ٻيڙي کي وڌيڪ نه ٻوڙيو ۽ ڪجھه سنجيده ٿي روشن سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش وٺڻ جي ضرورت آهي جيئن اسان ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ملڪ جو ڳاٽ اوچو ڪريون. تازو اونهاري جي موڪلن کانپوءِ شروع ٿيل نئين تعليمي سال 2023ع ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتابن جي شديد کوٽ ظاهر ڪئي وئي آھي. سرڪاري اسڪولن ۾ هونئن ئي تعليم معيار سواليه نشان بڻيل آھي، محنتي شاگردن جي حقن تي ته هونئن ئي ڌاڙا لڳي رهيا آھن. مختلف بورڊن ۾ مارڪون پئسن عيوض وڪرو ڪري محنتي شاگردن جا حق ماريا وڃن ٿا، عوام ڪري ته آخر ڇا ڪري؟
جڏهن ته سون تي سهاڳو اهو به آھي ته سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران سرڪاري اسڪولن کي ڳڻپ کان گهٽ ڪتاب فراهم ڪيا ويا آھن. جڏهن مختلف اسڪولن ۾ استاد صاحبان کان رابطو ڪري معلومات گهري وئي ته اهي منهن مٿو پٽڻ لڳا ۽ بقول انهن جي ته گذريل سال سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران پنجاهه سيڪڙو گهٽ ڪتاب ڏنا ويا هئا ۽ هن ڀيري وري پنجهتر سيڪڙو کان به ڪتاب گهٽ ڏنا ويا آھن ۽ پنجٽيھه کان چاليھه شاگردن واري ڪلاس لاءِ ڪل ست سيٽ ڏنا ويا آھن ۽ استاد پريشان آھن ته اهي ست سيٽ چاليهن ٻارن ۾ ڪيئن ورهايا وڃن. استادن موجب اسان لاءِ سڀ شاگرد برابر آھن. جڏهن اسان ڪجهھ شاگردن کي ڪتاب ڏيون ٿا ته ٻيا شاگرد احساس ڪمتري جو شڪار ٿين ٿا ۽ ٻارن اڳيان اسان کي شرمندگي محسوس ٿئي ٿي،
جڏهن ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا ريٽيل قيمت وارا ساڳيا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اڻ کٽ موجود آھن. ڪاروباري لحاظ سان انهن ڪتابن جو وڪرو جاري آھي. پر مفت قيمت وارن ڪتابن جي کوٽ آھي ۽ هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا مفت درسي ڪتابن جي ورهاست ۾ ڪجھه عنصر رڪاوٽ ته ناهن بڻيل؟ جيڪڏهن رڪاوٽ رڪاوٽ بڻيل آھن ته اهي ڪهڙيون شخصيتون آھن؟ ڇا اهي تعليم کاتي جون ملازم پيشه شخصيتون يا سياسي شخصيتون آهن؟ يا وري ڪا ڪاروباري ڌر آھي يا اڃان به ڪا ٽين ڌر آھي جنهن کي فائدو هٿ وٺي فائدو ڏنو پيو وڃي.

جڏهن سنڌ سرڪار موجب سنڌ سرڪار سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کي اڳ ئي آگاهه ڪيو هو ته درسي ڪتاب وقت تي اسڪولن کي مهيا ڪيا وڃن جيئن تعليم کي جاري رکي اڳتي وڌائي سگهجي پر هن ڀيري درسي ڪتابن جي شديد کوٽ ڪري غريب طبقي کي مايوس ڪيو ويو آھي. جڏهن ته سرڪار وٽ انگ اکر موجود آھن ته ڪهڙي اسڪول ۾ ڪيترا ٻار تعليم پرائي رهيا آھن ۽ انهن لاءِ ڪيترن ڪتابن جي ضرورت آھي ۽ افسوس جي ڳالهھ آھي ته سمورو رڪارڊ هجڻ باوجود شاگردن کي ڪتاب مڪمل طرح نه پیيا ملن.
سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران مڪمل ڪتاب فراهم نه ڪرڻ واري عمل تي سڀ چپ جو روزو رکيون ويٺا آھن. سنڌ جي تعليم کاتي اندر استادن جي حقن جي تحفظ سميت ٻيون تنظيمون آخرڪار ڪتابن جي کوٽ لاءِ آواز بلند ڇو نه ڪري رهيا آھن انڪريمينٽن، پروموشن ۽ مختلف الائونسن لاءِ جهيڙيندڙ تنظيمن کي ڇا ڪتابن جي کوٽ نظر نه پئي اچي جو جنهن ڪم لاءِ هو پگهار وٺڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ته سيڪريٽريٽ جو گهيراءُ ڪن ٿا پر ڪهڙو سبب آھي جو درسي ڪتابن جي کوٽ لاءِ هڪ احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ کان به قاصر آھن.
ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته وقت جي حڪمرانن ۽ بااختيار ادارن کي گهرجي ته تجربا ڪرڻ بدران تعليم کاتي کي منظم ڪري سنڌ ۾ شاگرد يونين کي بحال ڪري شاگردن جي مسئلن ڏانهن ڌيان ڌريو وڃي ۽ پروموشن وغيره پگهار وڌائڻ جو تعين ان استاد جي پڙھائيءَ تي ڪيو وڃي ۽ لازمي طور اهڙو قانون جوڙيو وڃي جيئن ڪو قابل استاد ٻارن کي بهتر پڙھائي ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ڪري ٿو، ان جو ئي رزلٽ آڌار هر سال پگهار وڌائي پروموٽ ڪيو وڃي ۽ غفلت ڪندڙن کي ان مطابق اجر ڏنو وڃي ۽ مڙني تعليمي ادارن ۾ چيڪ اينڊ بيلنس سسٽم کي يقني بڻائي تعليم دشمن منصوبن جو خاتمو ڪري سنڌ ۾ تعليمي معيار بلند ڪيو وڃي. سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ سميت حڪمرانن ۽ تعليم کاتي کي گهرجي ته جلد کان جلد درسي ڪتابن جي کوٽ ختم ڪري مڙني اسڪولن تائين درسي ڪتابن جي رسائي کي يقيني بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button