قومي اسيمبلي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ٽٽي چڪي آهي، ملڪ هاڻ نين چونڊن ڏانهن ويندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جنهن لاءِ اهو تاثر پيدا ڪيو ويو هو ته هو وزير اعظم جي موڪليل سمريءَ تي ڪڏهن به صحيح نه ڪندو پر هن هڪ منٽ به دير نه ڪئي ۽ سمريءَ تي صحيح ڪري قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ هاڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ته اها چونڊون ڪڏهن ڪرائڻ چاهي ٿي. پي ڊي ايم عمران خان کان اسيمبلين ٽوڙڻ ۽ ترت نين چونڊن جو به مطالبو ڪندي رهي هئي ۽ 2018ع وارين چونڊن تي بي اعتماديءَ جو اظهار به ڪندي رهي ته قومي اسيمبلي ناجائز ۽ ڌانڌلي سبب وجود ۾ آئي آهي، تنهنڪري ترت نيون چونڊون ٿين پر جڏهن اقتدار ۾ آيا ته اسيمبلي جائز ٿي وئي۔ جڏهن پي ڊي ايم اقتدار سنڀاليو ته تڪراري چونڊن تي ٿيندڙ تنقيد به ختم ٿي ۽ اسيمبليءَ جو مدو پورو ڪرڻ جا راڳ آلاپيا ويا۔ جڏهن پنجاب ڪي پي ڪي اسيمبليون آئين ۽ قانون جي تناظر ۾ ٽوڙيون ويون هيون، تڏهن به پي ڊي ايم رڙيون ڪيون هيون ۽ آئين موجب چونڊون نه ڪرايون ويون ۽ اها رٽ قائم ٿي ته چونڊون قومي اسيمبليءَ جي چونڊن سان گڏ ڪرايون وينديون جو حڪومت وٽ فنڊ ناهن ۽ عدالتي حڪمن کي ٿڏي غيرآئيني اپائن کي ترجيح ڏني وئي۔
بهرحال قومي اسيمبليءَ کي هڪ ڏينهن اڳ ٽوڙڻ جو ٻيو ڪو به مقصد نه هو سواءِ ان جي ته چونڊون هڪ مهينو دير سان ٿينديون پر پوءِ به امڪان گهٽ آهن ته وقت سر ٿين جو اهڙا بيان سامهون اچي چڪا آهن۔ پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن خاص ڪري (ن) ليگ جي جنگجوئن جا بيان آهن ته نين تڪ بندين سبب چونڊون فيبروري مارچ تائين هليون وڃن پر پوءِ به ٿيندي نظر نٿيون اچن۔ نگران سيٽ اپ جو مدو گهٽ ۾ گهٽ سال تائين وڌڻ جا چٽا امڪان آهن جنهن دوران پي ڊي ايم پنهنجا رهيل مقصد به پورا ڪري وٺندي جنهن لاءِ پنجاب جي طرز تي وفاقي نگران سيٽ اپ کي استعمال ڪرڻ جا امڪان آهن.
گذريل ڏيڍ سال جي عرصي دوران اسيمبليءَ ۾ ڪو به عوام جي ڀلائي وارو بل پاس نه ٿيو، جيڪڏهن بل منظور ٿيا ته اهي عدالتن ساڻ ٽڪراءُ وارا نيب کان بچڻ وارا جنهن سان ڪرپشن ۽ مني لاڊرنگ کي وڌيڪ هٿي ملندي۔ جمهوري ۽ آئيني ادارا جيترا هن دور حڪومت ۾ ڪمزور ٿيا آهن، شايد ئي ماضي ۾ ايئن هجي.
موجوده اسيمبلي ته پڄاڻيءَ تي پهتي، هاڻ نئين ايندڙ اسيمبليءَ جو فڪر ڪرڻو پوندو ته اها ڪڏهن ٿي وجود ۾ اچي۔ نئين اسيمبليءَ جو دارومدار چونڊن تي هوندو ته نگران سيٽ اپ اليڪشن ڪميشن ۽ پردي پويان حلقا ڪهڙو رويو اختيار ڪن ٿا، جنهن سان چونڊون صاف شفاف ٿي سگهن۔ هتي عوامي خدشا آهن ته عدليا جي نگرانيءَ ۾ چونڊون نه ٿيڻ ڪري انتظامي ڪامورا اميدوارن کي گهڻو ڪجهه رليف ڏئي سگهن ٿا جو مڪاني چونڊن دوران رٽرننگ آفيسرن تي الزام لڳي چڪا آهن، جيڪي مقامي انتظامي ڪامورن مان مقرر ڪيا ويا هئا. هاڻ به تن کي ئي مقرر ڪيو ويندو۔ جيڪڏهن چونڊون ٿين به ٿيون ۽ اسيمبليون وجود ۾ اچن به ٿيون ته وري به مخالف ڌر اهڙين حالتن ۾ چونڊ نتيجا قبول نه ڪنديون گوڙ پيو هلندو جنهن سان به ملڪي ترقي ۽ خوشحالي متاثر ٿيندي پر عالمي طاقتون ڪنهن به صورت ۾ نگران سيٽ اپ کي ڊيگهه ڏيارڻ نه ڏينديون. ٿي سگهي ته اقتصادي پابنديون به مڙهين۔ قومي اسيمبليءَ جي ٽٽڻ کان اڳ آخري الوداعي اجلاس ۾ جن به ميمبرن تقريرون ڪيون سي به پنهنجي سرڪار کان مطمئن نظر نه آيا مهانگائي وڌڻ ۽ عوام کي رليف نه پهچائڻ جو اعتراف ڪيو ويو. انهيءَ حد تائين جو (ن) ليگ جي هڪ باغي ميمبر اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هن اسيمبليءَ کي ملڪ جي سڀ کان بدترين اسيمبلي ڪوٺيو۔ بهرحال لاڳاپيل ادارا ۽ عدليا هڪ پئج تي اچي چونڊون صاف شفاف ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ڪنهن به پارٽي يا ان جي اميدوار کي چونڊن کان پري رکڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪجي۔ چونڊون عدالت ۽ فوج جي نگرانيءَ ۾ ٿيڻ گهرجن. انتظامي ڪامورن جي مداخلت نه هجڻ گهرجي۔ جيڪڏهن ڪو ٻيو سزا يافته اچي ۽ کيس چونڊن ۾ بيهڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي ته پوءِ عمران خان کي به چونڊ وڙهڻ جي اجازت هجڻ گهرجي ۽ فيصلو عوام تي ڇڏجي ته اهو ڪنهن کي ٿو پنهنجو ڪري۔