منهنجو سياسي سفر علي حسن چانڊيو جي آتم ڪٿا آهي. ان جو گھڻو حصو عوامي آواز ۾ قسطوار ڇپيو هو ۽ پو ان کي ڪتاب جي صورت ڏني ويئي. سنڌ جي ترقي پسند ۽ قوم پرست سياست گذريل اڌ صدي کان وڌيڪ جي عرصي ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي گھڻن ڪردارن کي سامهون آندو آهي جن پنهنجن مقصدن ۽ آدرشن جي ڳولها ڪندي گھڻيون سختيون به سٺيون آهن ۽ ساڳي وقت متنازعه ۽ بحث جو موضوع به رهيا آهن.
علي حسن جو واسطو هڪ غريب گھراڻي سان هو. شاگردي واري دور ۾ سندس ڊي ايس ايف سان واسطو هو. اهو سنڌ ۾ وڏي سياسي اٿل پٿل جو دور هو. ڀٽو کي ڦاهي ڏني ويئي هئي. ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لا ايم آر ڊي جي نالي سان سياسي جماعتن جو اتحاد جدوجهد ڪري رهيو هو. 1983 ۽ 1986 جي ايم آر ڊي جي تحريڪ خاص طور سنڌ ۾ وڏي سياسي هلچل پيدا ڪئي هئي. گرفتارين ڏيڻ وارن ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جا فرنٽ وغيره شامل نه هئا. پر علي حسن انفرادي طور ٻين سياسي جماعتن جي ڪارڪنن سان گڏجي گرفتاري ڏني. مقصد اهو هو ته هڪ تجربو به حاصل ٿئي ۽ جيل ۾ ٻين سياسي ڪارڪنن سان ملڻ ۽ بحث مباحثن وغيره ڪرڻ جو به موقعو ملي.
هو ڪميونسٽ پارٽي ۾ نهايت سرگرم رهيو. ۽ پارٽي پاران سوويت يونين ۽ اوڀر يورپ جي سوشلسٽ ملڪن ۾ ويندڙ وفدن ۾ پڻ شامل رهيو. پارٽي مرڪزي ڪاميٽي ۾ اڪثريت ۽ اقليت جي بنياد تي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. علي حسن پاڻ اڪثريت واري پاسي هو. مرڪزي ڪاميٽي ۾ جيڪي ٿورائي ۾ هئا ڪارڪنن جي گھڻائي انهن سان گڏ هئي. ان اختلاف ۽ ورهاست جو بنيادي محرڪ گورباچيف جي گلاسنوسٽ ۽ پريستريئڪا جي پاليسي هئي.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته پارٽي کي افغانستان جي ڪميونسٽ حڪومت پاران وڏي پئماني فنڊ ملندا هئا ۽ ان جي ڪري پارٽي جا اڳواڻ پرتعيش زندگي گذاريندا هئا. هن خاص طور مختيار باچا جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو وڏين گاڏين ۾ گھمندو ۽ ڪولمبو ۾ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رهندو هو.
ليکڪ نيٺ مختلف جوازن تحٽ پارٽي کان ڌار ٿي ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات کان پو ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿيو. هو ان پارٽي ۾ ويهه سالن کان وڌيڪ عرصو رهيو ۽ وائس چيئرمين جي اهم عهدي تائين پهتو. 30 سيپٽمبر جي واقعي متعلق سندس چوڻ آهي ڊاڪٽر قادر مگسي جو اهو چوڻ هو ته مهاجرن کي سبق سيکارڻ ضروري آهي. سندس چوڻ آهي ته ڪجھه دوستن جن ۾ هو پاڻ به شامل هو ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي پر هو ان ڳالهه تي قائم رهيو ۽ ڌاڙيلن ۽ ڪجھه پارٽي ڪارڪنن کان اهو ڪم ورتو ويو. ان ۾ گھڻا بي گناهه ماڻهو ماريا ويا جن ۾ سٺ کن سنڌي به شامل هئا. آئون سمجھان ٿو ته ليکڪ کي ان جي ذميواري کان آجو نه ٿو ڪري سگھجي. ڇاڪاڻ ته هن ان وقت نه ان جي مخالفت ۾ ڪو بيان ڏنو ۽ نه ئي ان جي رد عمل ۾ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان وغيره ڪيو.
ليکڪ کي ڪراچي ۾ تنظيمي ڪم جي ذميواري ڏني ويئي هئي. ڪراچي ۾ سرڪاري ۽ خانگي زمينن ۽ اپارٽمنٽ تي قبضا سڀني سياسي پارٽين ۽ گروهن جو وطيرو رهيو آهي. ليکڪ نه رڳو ان ڪم ۾ شامل رهيو پر هن ان جو نهايت فخر سان ذڪر ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سندن خاص طور ايم ڪيو ايم سان ٽڪرا رهندو ٿي آيو جنهن ۾ گھڻا پارٽي ڪارڪن ماريا ويا.
هن جو پارٽي قيادت سان فوري اختلاف نوازشريف کي دعوت ڏيڻ هو. سندس چوڻ هو ته هڪ ته نوازشريف جي پاليسي سنڌ جي مفاد ۾ نه رهي آهي ۽ ٻي ڳالهه ته سندس پارٽي جا اڳواڻ ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي حق ۾ بيان ڏيندا رهيا آهن جيڪا ڳالهه اسان جي پارٽي پاليسي سان مطابقت نه ٿي رکي. ساڳي ريت ان ڳالهه جي پارٽي جي مرڪزي ڪاميٽي وغيره کان به منظوري نه ورتي ويئي هئي.
بهرحال انهن ڳالهين جو ڪو فائدو نه هو ۽ پارٽي پاران کيس وائس چيئرمين جي عهدي تان هٽائي کيس شوڪاز ڏنو ويو. اهڙي ريت سندس ترقي پسند پارٽي سان ويهه سال کان وڌيڪ جو تعلق ختم ٿي ويو.
شايد ليکڪ پنهنجي صحت جي مسئلن جي ڪري هڪ ته ڪتاب جي گھڻي حصي کي تڙ تڪڙ ۾ لکيو آهي ۽ ٻيو ته خاص طور آخري حصو ٻين لکيو آهي جيڪو سندن چوڻ موجب ته علي حسن لکڻ چاهيو ٿي.