پي ڊي ايم حڪومت جهڙو تهڙو ئي سهي پر پنهنجو مدو پورو ڪري گهر ڀيڙي ٿي چڪي آهي. پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين اهو ڏيڍ سال وارو اقتدار وٺي ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو؟ اهو سوال لازمي نه ته به گهٽ ۾ گهٽ رسمي طور تي ٻيو ڪنهن پارٽيءَ جي آڏو اچي نه اچي پر مسلم ليگ ن جي سامهون ته هر حالت ۾ ايندو. ڇو ته جيڪڏهن اقتدار جي سبب سياسي نقصان ٿيو آهي ته اهو مولانا فضل الرحمان جي پارٽيءَ جميت علماءِ اسلام جو به نه ٿيو آهي ۽ نه وري ان نقصان جا اثر ان پيپلز پارٽيءَ جي مٿان پيا آهن، جنهن کي هن وقت به سنڌ ۾ پنهنجو ووٽ بينڪ محفوظ نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته پنجاب شريف فيمليءَ جي هٿ مان ائين ترڪي ويو آهي، جيئن ن ليگ جا اهي ڪجهه سينئر اڳواڻ جيڪي گذريل اسيمبليءَ جي آخري اجلاس ۾ ان حڪومت مٿان ڇوهه ڇنڊيندا ويا، جنهن حڪومت ماڻهن جي مٿان معاشي بار کي ڀرپور انداز سان وڌايو، عمران خان کي سندس پارٽيءَ سميت ديوار سان لڳايو پر ان جي اجوري ۾ پنهنجي مٿان داخل ڪرپشن جا ڪيس معاف ڪرايا. اهڙي صورت ۾ هر ننڍي وڏي مبصر جي آڏو اهو سوال ته ايندو ڇا مسلم ليگ ن کي 15مهينن جو اقتدار وٺڻ کپندو هو؟
مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف هن جي سياسي جانشين مريم کان پڇا ڪيو وڃي ته هوءَ فوري طور تي اهو جواب ڏيندي ته اهو هڪ نهايت مهانگو سودو هو. پر ان سودي جي سلسلي ۾ جهڙي طرح مسلم ليگ ن جي قيادت ملڪ جي مٿان پنهنجا سياسي مفاد قربان ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، اها ان طرح سان قبول ڪري نه ٿي سگهجي. ڇو ته ان موڙ تي شهباز شريف وٽ ٻيو ڪو رستو نه هو. جيڪڏهن هو آصف زرداريءَ جي آفر کي قبول نه ڪري ها ۽ جيڪڏهن هو اقتدار جو آخري حصو قبول نه ڪري ها ته اڄ هن جي جاءِ اقتداري ايوانن ۾ نه هجي ها. هو به ڪنهن نه ڪنهن جيل جي ماحول جي باري ۾ پنهنجا اعتراض بيان ڪندو نظر اچي ها. پر ملڪي حالتون اهڙي موڙ تي پهتيون هيون جو شهباز شريف کي اسٽيبلشمينٽ جي صلاح کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نظر نه آيو. جيتوڻيڪ هن جو وڏو ڀاءُ ۽ هن جي پارٽيءَ جو اصل قائد هن جي اهڙي فيصلي سان متفق نه هو پر ”وسيع تر“ مفاد ۾ ئي سهي، ن ليگ کي اهو فيصلو قبول ڪرڻو پيو.
اقتداري ڏيڍ سال جي دوران نواز شريف کي ملڪ ۾ نه هجڻ سبب ڪجهه گهٽ ۽ مريم نواز کي ملڪ ۾ هجڻ سبب ڪري ڪجهه وڌيڪ پر سڀ کان وڌيڪ شهباز شريف جي خاندان کي جيڪو ڪجهه به مليو، ان تي هو اڄ به خوش آهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا هن وقت ملڪ ۾ عام چونڊن جو اڪيلو رستو بچيو آهي؟ ڇا هڪ جهڙي تهڙي جمهوري دور جو فطري مرحلو پورو ٿيو ۽ هاڻي نئين دور جا بگل وڄندا؟
پي ڊي ايم جي حڪومت جنهن منجهيل ماحول ۾ ختم ٿي آهي، ان ۾ ڪوئي ڪجهه به چئي نه ٿو سگهي ته ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو؟ ڇو ته بظاهر اهوئي بيان ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ نگران سيٽ اپ ايترو جلدي نه ويندو، جيترو هن جو مدو ملڪي آئين ۾ تحرير ٿيل آهي. هن وقت حڪومت مان گذريل ڏينهن رخصت ٿيل وزير به اهو فرمائن ٿا ته نيون چونڊون هن سال ۾ ممڪن نظر نه ٿيون اچن. پر ان سلسلي ۾ اهم سوال اهو آهي ته ڇا ڪوئي ادارو اهڙو آهي، جيڪو ان جو يقين ڏياري سگهي ته نيون چونڊون نئين سال جي ٽين يا چوٿين مهيني ۾ ٿينديون؟ جيڪڏهن انهن جو انعقاد مهينن بدران سالن ۾ سلهاڙجي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا ان صورت ۾ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون احتجاج ڪنديون؟ ڇا اهي آئيني مدي وارين چونڊن جو مطالبو ڪنديون؟ ڪٿي ائين ته نه ٿيندو، جيڪو ڪجهه هن وقت تحريڪ انصاف جا حامي حلقا چئي رهيا آهن؟ اهو به ممڪن آهي ته پي ڊي ايم کي اقتدار ۾ نه هوندي به ايترو ڪجهه ملندو رهي جو اها ڪجهه وقت خاموش خوشيءَ سان ڪٽي سگهي. اهو ممڪن آهي ۽ اهو ممڪن نه به آهي! ڇو ته هن وقت تائين ڪا به شيءَ مڪمل طور تي ان طرح سان ڪليئر ناهي، جنهن طرح سان هجڻ گهرجي.
پي ڊي ايم جي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي پر اسان نگران حڪومت جي سلسلي ۾ ڪجهه به نه ٿا ڄاڻون ته ان جا اصل ارادا ڪهڙا هوندا؟ اها پنهنجي مٿان اولين فرض وقت سر چونڊون ڪرائڻ سمجهندي يا اهي ملڪ کي معاشي ۽ سفارتي ميدان ۾ سوڀارو ڪرڻ واري ان ساڳي ”مشق ستم“ جو مظاهرو ڪندي، جنهن جا هٿ هن ملڪ جي هر شهريءَ کي لڳل آهن. هن وقت پاڪستان تمام گهڻي پيڙا ۾ آهي. ان پيڙا جي هوندي به جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، اهو ڪجهه ان پيڙا ۾ اضافي جو باعث به بڻيو آهي. پر سوال اهو آهي ته جيڪو جيل ۾ آهي اهو نه صرف ويل ۾ آهي پر هن کي ۽ هن جي حامين توڙي ٻين حلقن جو به اهو خيال آهي ته اليڪشن ٿيڻ جو مطلب تحريڪ انصاف کي نه روڪي سگهڻ واري صورتحال هوندي. ڇو ته هن وقت اهو به ٿيو آهي ته 9 مئي کان پوءِ جهڙي ريت تحريڪ انصاف جي سربراهه جي حمايت ۾ جيل وڃڻ ۽ روپوش ٿيڻ کان رهجي ويل پي ٽي آءِ جو حامي حلقو رستن تي نه آيو ته ان سبب ڪري هن ۾ هڪ قسم جو احساس پيدا ٿيو آهي ۽ اهو احساس ڪنهن نه ڪنهن طرح سان چونڊن ۾ پنهنجو اظهار ڪندو. ان خدشي کي هي حلقا ڪهڙي طرح نظرانداز ڪري سگهن ٿا، جن حلقن جي نگاهه هر ڪنڊ ۽ هر پاسي تي آهي. جن حلقن جي پوري ڪوشش آهي ته هو پنهنجي مرضي وارو سرڪاري سيٽ اپ ايترو وقت هلائن جيترو وقت هلائي سگهن. ان سلسلي ۾ اڳوڻي حڪومت جهڙي ريت ويندي ويندي تڙتڪڙ ۾ جيڪي سخت قانون منظور ڪندي وئي انهن جي معرفت نگران حڪومت هلندي نظر اچي ٿي. ان جو مطلب اهو به ٿيو ته نئين نگران سرڪار لاءِ سخت قانون واري ڪنڊن جي سيج اڳواٽ جوڙي رکي وئي آهي.
اها گورنمينٽ جيڪا گذريل ڏينهن لوڻ پاڻي ٿي وئي، اها پنهنجي مخصوص جمهوري مقدار سان واپس ورندي يا اسان پنهنجي انتها تي پهتي ۽ هاڻي اسان هڪ نئين سياسي تجربي جي ور چڙهي چڪا آهيون ۽ هيءَ منجهيل ۽ حيران پريشان صورتحال ان نئين سرڪاري سيٽ اپ جي ابتدا آهي؟ اهو سيٽ اپ ڪيترو ڪمزور ۽ ڪيترو شهزور هوندو؟ اهو ته پنهنجي عمل ۾ ٻڌائيندو. باقي ان سيٽ اپ کي سهارو ڏيندڙ قوتن کي ته طاقت کان سواءِ ٻيو ڪو اوزار استعمال ڪرڻ نه ايندو آهي. ڇا سياست ۽ طاقت جو نئون توازن عمل ۾ اچي رهيو آهي؟