ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اميجنري هوم لينڊز: جنهن ادب جي دلڪش دنيا جي ڄاڻ ڏني

Editorial-Article-Kaleem Butt

اها شايد سن 2007ع جي ڳالهه آھي، مان آ بي اي جي آخري سال ۾ هئس ۽ هڪ ليکڪ ٿيڻ جون ڪوششون ڪري رهيو هئس. ليکڪ ٿيڻ لا جيڪا سڀ کان اهم ڳالهه هوندي آھي، اها هيءَ ته اوهان وٽ سٺن ڪتابن جو ذخيرو هجڻ ضروري آھي. ليکڪ ٿيڻ لاءِ اهو به ضروري آھي ته اوهان اهڙن ليکڪن کي پڙھو جن جي لکڻين عالمي ادب ۾ پنهنجو غيرمعمولي اثر ڇڏيو هجي. منهنجي خوش قسمتي اها ٿي جو بابا جي ذاتي لائبرريءَ مان مون کي عالمي ادب جا شاهڪار ڪتاب پڙھڻ لاءِ مليا. انهن شاهڪار ڪتابن مان هڪ ڪتابن مان “اميجنري هوم لينڊز” به آهي جيڪو سن 91ع ۾ ڇپيو. لڳ ڀڳ 450 صفحن جو هيءَ ڪتاب ادبي تنقيد جو بهترين مثال آھي ۽ هن ڪتاب مون کي اهڙين لکڻين بابت ڄاڻ ڏني جن کي دنيا ماسٽر پيس مڃي چڪي آھي. هن ڪتاب ۾ اهڙن ليکڪن جو ذڪر مليو جن کي دنيا ماسٽر اسٽوري ٽيلرز سڏي ٿي. جهڙوڪر: جان لي ڪار، گراهم گرين، گنٽر گراس، نوردين فرح، مارڪيز، وي ايس نئپال، انيتا ديسائي، اٽيلو ڪيلوينو، ڪرت وينگٽ، ڪازو اشيگورا، ماريو ورگس لوسا وغيره.
ڪتاب جو ليکڪ بمبئي ۾ ڄائو ۽ ان کانپو برطانيا هليو ويو. پر هن ڪڏهن به پنهنجي جنم ڀومي بمبئي جيڪا هاڻي ممبئي ٿي چڪي آهي، کي نه وساريو. هن جي اڪثر لکڻين ۾ بمبئي (ممبئي) جو الڙو ملي ٿو، ڪتاب جي پهرين باب: اميجنري هوم لينڊز ۾ ليکڪ پنهنجي شهر بابت لکي ٿو ته: ڪجهه ورهيه اڳ مون ٻيهر بمبئي جو دورو ڪيو، جيڪا منهنجو وڃائجي ويل شهر آهي، اهو شهر ايئن وڃائجي ويو آهي جيئن منهنجي زندگي جو اڌ حصو وڃائجي ويو آهي. هتي پهچي مون پنهنجي خواهش تي عمل ڪندي ٽيليفون جي ڊارئڪٽري کولي ان ۾ پنهنجي پيءُ جي نالي کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ حيراني جي ڳالهه اها آهي ته ان ۾ بابا جو نالو ۽ اسان جي پراڻي گهر جو پتو ڏنل هو. ليکڪ وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته بمبئي هڪ اهڙو شهر آهي جنهن کي ٻاهرين ماڻهن اڏيو (هڪ مفرضو اهو به آهي ته ممبئي شهر جو بنياد سنڌي مهاڻن جيڪي ڪولهي هئا، انهن رکيو).
اهڙي ريت هندستاني سياسي پسمنظر ۾ “اندرا گانڌيءَ جو قتل” ۾ هو اندرا جي سياست تي تنقيد ڪري ٿو ۽ ايمرجنسيءَ کي هن جو غلط سياسي عمل قرار ڏئي ٿو. هن جي خيال موجب ان عمل جي ڪري هندستان ۾ مذهبي ڇڪتاڻ وڌي وئي جنهن هندستان جي سڪيولر روايتن کي لوڏي ڇڏيو. اندرا جي قتل کانپو راجيو جي وزير اعظم ٿيڻ تي به تنقيد ڪري ٿو.
هن ڪتاب ۾ پاڪستاني سياست جي پسمنظر ۾ ضياءُالحق جي آمريت جو ذڪر به ڪيل آهي ۽ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيئن هن هتان جي ماڻهن سان ڪوڙ ڳالهائي ٺڳي ڪري پنهنجي حڪمرانيءَ کي هٿي ڏني. اهڙي ريت ڪتاب ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي ايم آر ڊي واري جدوجهد کي هن “ڊاٽر آف ايسٽ” نالي مضمون ۾ ياد ڪيو آهي.
ايئن ڪتاب ۾ ادب جي حوالي سان ڪيترا ئي مضمون ڏنل آهن پر هڪ مضمون “ڪامن ويلٿ لٽريچر ڊز ناٽ ايگزسٽ” مضمون وري وري پڙهڻ جهڙو آهي. هن مضمون ۾ هو اديبن ۽ ادب کي مختلف درجي بندين ۾ ورهائڻ جي مخالفت ڪري ٿو ۽ هو لکي ٿو ته “ڪامن ويلٿ ادب” نالي ڪنهن ادب جو وجود ئي نه هجڻ گهرجي. ان حوالي سان هو لکي ٿو ته ڪامن ويلٿ ادب جي حوالي سان ٿيل ڪانفرنس ۾ هن آسٽريلوي شاعر رينڊلف اسٽو، ويسٽ انڊيز جي ولسن هيرس، ڪينيا جي گگي وا ٿنگيو، هندستان جي انيتا ديسائي، ۽ ڪيناڊا جي ناول نگارا آرٿا وين هرڪ کي ٻڌو، ان مان ڄاڻ ملي ته اسان جي هڪجهڙاين کان وڌيڪ اهميت وارو اسان جو هڪ ٻئي کان ڌار هجڻ هو، ان حساب سان ڪامن ويلٿ ادب جي جيڪا سمجهاڻي ڏني وڃي ٿي، اها ڪنهن به حوالي سان پوري نٿي لهي.
هيءَ ڪتاب پڙھڻ کانپو مون سمجهيو ته ادبي تنقيد ٿيندي ڇا آھي ۽ اها ڪيئن ڪبي آھي. هفتو کن اڳ پنهنجي لائبرريءَ مان هڪ ناول کڻڻ ويس ته هن ڪتاب تي نظر پئجي وئي. اهو ناول ته وسري ويو پر هڪ ڀيرو ٻيهر هي ڪتاب پڙھڻ ويهي رهيس. افسانوي ادب جي ليکڪن سان گڏ نقادن لاءِ به هيءَ هڪ ريفرنس بُڪ آھي. ٻيو هيءَ اهڙو ڪتاب آھي جنهن کي وري وري پڙھڻ تي دل چوندي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button